ان کان اڳ جو اسان ايندڙ مونسون بابت ڳالھايون، اچو تہ پھرين اھو سمجهون تہ مونسون ڇا آھي؟
عام طور تي اسان جا ماڻھون وسندڙ مِينھَن کي ئي مونسون چون ٿا پر سائنس مطابق مونسون فضا ۾ ھوائن جي ڦيرَي ۾ ايندڙ ھڪ خاص تبديلي جو نالو آهي. لفظ مونسون عربي جي لفظ مُوسِم مان ورتل آهي، جنھن جي معنا آهي رُت، موسم يا مُند..
موسم بدلجڻ سان مٿي فضا ۾ ھوائن جو رُخ بہ تبديل ٿئي ٿو ۽ ھوائن جي انھيءَ تبديلي سبب ڪڪرن جا وڏا ۽ گهاٽا جُھنڊ ٺھن ٿا ۽ برسات وسي ٿي.
ھاڻي اھي ھوائون ڇو ۽ ڪيئن ٿيون تبديل ٿين، اچو تہ ان جو بہ مختصر جائزو وٺون:
جيئن تہ ماحول ۾ سج ئي سڀ کان وڌيڪ گرمي ڏيڻ جو وڏو ۽ واحد ذريعو آهي، سو ھوائن جي انھيءَ تبديليءَ جو خاص سبب آھي سج جي گرمي.. پر سج جا ڪرڻا ھر ھنڌ ھڪجھڙو اثر نٿا ڪن، تنھنڪري سج جي گرمي بہ ماحول ۾ ھر ھنڌ ھڪ جيتري نٿي پئي. سج جي شعاعن سبب خشڪي يعني ڌرتيءَ جو مٿاڇرو جلدي ۽ وڌيڪ گرم ٿئي ٿو پر سمنڊ جو پاڻي گرم ٿيڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳي ٿو.
اونھاري ۾ اتر گول مٿان سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا جنھن سبب زمين جي مٿاڇري تي شديد گرمي ٿئي ٿي پر سمنڊ ڌرتيءَ جي مقابلي ڪجهہ ٿڌو ھجي ٿو، ھاڻي انھيءَ ئي گرمي جي تضاد سبب مٿئين سطح تي موسمي ماحول Atmospheric pressure بدلجي ٿو، سج جي گرميءَ سبب زمين جي مٿاڇري تي ھلندڙ گرم ھوائن سبب انتھائي مٿئين سطح تي ھوا جو دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو، جنھن کي Seasonal Low چئجي ٿو، جڏھن تہ سمنڊ جي مٿان گَهٽ گرميءَ جي ڪري وري ھوا جو دٻاء وڌي وڃي ٿو ۽ ھوائون ھميشہ وڌيڪ دٻاءُ کان گهٽ دٻاء طرف ھلن ٿيون ۽ اُھي پاڻ سان ڪڪر بہ وٺي اچن ٿيون.
سج جي گرميءَ سبب سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ ٿي مٿي وايو منڊل ۾ ڪڪرن جي صورت ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پوءِ سمنڊ جون گِهميل ھوائون انھن ڪڪرن جي قطارن کي کڻي اچن ٿيون جن مان برسات وسي ٿي.
مونسون جون ھوائون پھرين جُون تي انڊيا جي رياست ڪيرالا تائين پھچن ٿيون، بعد ۾ ھوائن جو سلسلو اتر اوڀر انڊيا ۽ بنگلاديش تائين پکڙجي ٿو. مونسون ھوائون اڳتي ھلي ھماليہ سان ھٿ ملائين ٿيون.
سنڌ انھن ھوائن جو لڳ ڀڳ آخري اسٽاپ يعني End point آهي، مطلب مونسون ھوائون عرب ساگر کان ڪيرالا پوءِ خليج بنگال کان ٿيندَي ھماليہ سان ٽڪرائجي جولاءِ جي پهرين ھفتي ۾ سنڌ تائين پھچن ٿيون ۽ ان دوران اسان وٽ بہ اَبرِ رحمت جا دروازا کلن ٿا ۽ مونسون جو پھريون مِينھَن وسي ٿو.
ھاڻ اچو ڏسون تہ ھن سال مونسون ڪيئن رھندو؟
منھنجو ھي مشاھدو دنيا جي اعتبار جوڳن موسمي ماڊلز ۽ موسمي ماحول تي اثرانداز ٿيندڙ مختلف موسمي عنصرن جي جائزي جو نچوڙ آهي.
مونسون تي اثرانداز ٿيندڙ ڪجهہ اھم عنصر
اينسو Enso
سانوڻ جي برسات تي اثرانداز ٿيندڙ ھڪ اھم اينٽي فيڪٽر ايل_نينو جي لڳ ڀڳ پڄاڻي آهي پيسفڪ سمنڊ جي اوڀرندي حصي ۾ ھڪ جڳھ، جن کي سائنسدان نينو 3.4 جو نالو ڏنو آهي، ان جڳھ تي سمنڊ جو پاڻي ٿڌو ٿي رھيو آھي ۽ اميد آھي تہ مونسون دوران نينو 3.4 جي ويليو مائينس يعني سمنڊ جي اھا جاءِ معمول کان وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي ۽ اينسو ايل_نينو کان لانينا ۾ تبديل ٿي ويندو، جنھن سبب خليج بنگال جون گھميل ھوائون سڌو سنڌ طرف سفر ڪنديون.
آئي او ڊِي يا Indian Ocean Dipole
ھڪ ٻيو اھم فيڪٽر آهي انڊين اوشن ڊائپول، سولي سنڌي ۾ ائين کڻي چئجي تہ ھندي سمنڊ جو گرمي پد، جيئن انسان لاءِ آڪسيجن تيئن مونسون جي مِينھن لاءِ سمنڊ جي گرمي پد جي بہ خاص اھميت آھي.
عام طور تي لانينا دوران ھي فيڪٽر يعني انڊين اوشن ڊائپول نِگيٽِوَ رھي ٿو، جنھن سبب خليج بنگال ۽ عرب ساگر مٿان گرمي ڪجهہ گهٽجي ٿي، پر ھن سال ڪجهہ مشھور موسمي ماڊلز مطابق اھو عنصر يعني آئي او ڊي به پازيٽو يعني ٻئي سمنڊ (بنگال/عرب ساگر) معمول کان وڌيڪ گرم ٿي سگهن ٿا، جنھن سبب Tropics يعني ٻئي سمنڊ برساتي ڪڪرن کي خوب سگهہ ڏيندا. ايئن چئي سگهجي ٿو تہ مونسون دوران ٻَئي سمنڊ پنھنجو مثبت رول ادا ڪندا، جيڪو سانوڻ لاءِ ھڪ سٺو سنوڻ چئي سگهجي ٿو.
ايم جي او يا Madden Julian Oscillation
ايم جي او کي بيان ڪجي تہ آسان لفظن ۾ خط استوا جي ويجهو پاڻي ۽ ھوا جو اھڙو سائيڪل، جيڪو دنيا جي سڀني ٽروپڪس Tropics يعني سمنڊن مٿان اولھ کان اوڀر طرف ھلي ٿو. سائنسدانن ان ايم جي او واري سائيڪل کي ھڪ 1 کان اَٺ 8 مرحلن ۾ ورھايو آھي، خاص ڪري جڏھن ايم جي او ھندي سمنڊ مٿان فيز 2 کان 6 تائين گذري ٿو تہ ھندي سمنڊ ۾ وڏي اُٿل پٿل ٿئي ٿي ۽ ڪڪرن جي ٺھڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿئي ٿو ۽ اميد آھي تہ ھن سال مونسون دوران ايم جي او ھندي سمنڊ مٿان فيز ٻہ کان ڇھ واري حالت ۾ ڪجهہ وڌيڪ رھندو. چوڻ جو مقصد ته ھن سال ايم جي او به فائديمند ثابت ٿيندو.
◦ تبتن ھاءِ پريشر
تبتن ھاءِ پريشر جي پوزيشن بہ سنڌ ڏانھن مونسون ھوائن کي گس پنڌ ڏيکارڻ لاءِ ڪجهہ خاص اھميت واري آھي. اميد آھي تہ ھن سال تبت وارو ھوا جو وڌيڪ دٻاءُ پنھنجي نارمل پوزيشن يا ان کان ٿورو اولھ طرف رھندو، جنھن سبب مونسون ھوائن کي سنڌ تائين پھچڻ ۾ ڪا خاص رڪاوٽ نہ ٿيندي.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني موسمي عنصرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اھو چئي سگهجي ٿو تہ ھن سال سانوڻ ۾ واھ جا وسڪارا ٿي سگهن ٿا. منھنجي اندازي موجب جولاءِ کان سيپٽمبر دوران سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ابرِ رحمت جا در کليل رھندا، جڏھن تہ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت ڪاڇي جا ڪجهہ حصا ۽ ٿرپارڪر سميت ميرپورخاص ڊويزن جي ڪجهہ جاين، ٺٽي ۽ بدين سميت حيدرآباد ڊويزن ۾ ھن سال زبردست برساتي سلسلا اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ھن سال انشاءالله سکر ل، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاھ ڊويزن ۾ به سٺي بارانِ رحمت وسندي.
مجموعي طور ھن سال مونسون جون برساتون سنڌ لاءِ معمول کان وڌيڪ لڳي رھيون آھن، خاص ڪري آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي شروعاتي پندرنھن/ويھ ڏينهن دوران ڪجهہ طاقتور ھوا جا گهٽ دٻاء سڌو سنئون سنڌ ڏانھن اچي سگهن ٿا، جنھن سبب انھن ڏينھن دوران سنڌ ۾ زوردار برساتن جا بہ امڪان رھندا. ان ڪري انھي دوران ڪراچيءَ، حيدرآباد، ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف شهرن ۾ شھري ٻوڏ Urban Flooding جھڙي صورتحال بہ پيدا ٿي سگهي ٿي.
باقي ھن سال ڏھ مئي کان ويھين جُون دوران عربي سمنڊ ۾ ھڪ/ٻہ طاقتور سامونڊي طوفان بہ ٺھي سگھن ٿا۔
اِنَّ اللّٰہَ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ قَدِیۡر۔