ڊاڪٽر طاھرہ جوکيو، نيوزيلينڊ ۾ عوامي خدمت ڪندڙ، ڪوھستان جي قابل فخر نياڻي

تحرير: سنڌو سنڌي

ڪوھستان ۾ چند اھڙن ڪردارن به جنم ورتو آھي، جن پنھنجي ملڪ جو نالو ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ روشن ڪيو آھي. ڪوھستان ٺٽي جي تاريخي ڳوٺ مالماڙيءَ سان واسطو رکندڙ، ڊاڪٽر طاھرہ جوکيو به انھن ڪردارن ۾ شامل آھي، جن تي سڄي سنڌ فخر ڪري ٿي.

نيوزيلينڊ جي رجسٽرڊ پاڪستاني ڊاڪٽر، طاھرہ جوکيو جو جنم، مالماڙي جي سماجي اڳواڻ حافظ محمد جوکيو جي گھر ۾، 10 اپريل 1982ع تي ٿيو. ھن پنھنجي بنيادي تعليم، ڪراچيءَ جي سنڌي وسندي گريڪس ماڙيپور لڳ پي اي ايف مسرور اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي. پھرين ڪلاس کان وٺي انٽر تائين، اي گريڊ ۽ پھرين پوزيشن کڻندڙ طاھرہ جي جڏھن لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنسز ڄامشوري ۾ داخلا ٿي ته ڪوھستاني خوش ٿيا، ڇوته طاھرہ ھتان جي پھرين نياڻي ھئي، جيڪا لمس ۾ اعليٰ تعليم لاءِ چونڊجي وئي.

اھڙيءَ ريتَ، 2006ع ۾ ھن، ايم بي بي ايس جي ڊگري بہ امتيازي نمبرن سان پاس ڪئي. جنھن کانپوءِ، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ مان ھائوس جاب ڪيائين. طاھرہ پنھنجي نانا، ڪوھستان جي عظيم استاد ۽ مؤرخ عبدالعزيز جوکيو کي جڏھن، سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندي ڏٺو ته ھن بہ ننڍپڻ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ائين سندس معياري ليک مختلف اخبارن ۾ ڇپيا. 1990ع واري ڏھاڪي جي شروعات ۾، پنھنجي ننڍڙي ڀيڻ شگفته سان گڏ، طاھرہ جڏھن پي.ٽي.وي تي ٻارڙن جي مشھور پروگرام ”روشن تارا“ ۾ شرڪت ڪئي، تہ کيس ڪوھستان سميت سموري سنڌ ۾ مقبوليت ملي.

2008ع ۾، انجنيئر محمد شعبان جوکيو سان شادي کانپوءِ طاھرہ نيوزيلينڊ ھلي وئي. جتي ھن، وڏي جفاڪشي ڪندي، پنھنجي علمي سفر کي جاري رکيو. آڪلينڊ جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾، ٽن سالن تائين، ”ھيلٿ ڪيئر اسسٽنٽ“ بنجي، ھفتي جا ڇھ ڏينھن، وڏي محنت سان ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، ٻه سال ڏينھن رات محنت ڪري، نيوزيلينڊ ۾، ميڊيڪل شعبي جو سڀني کان ڏکيو امتحان؛ نيوزيلينڊ رجسٽريشن ايگزامنيشن NZREX پاس ڪيائين. ان دوران کيس ٻہ فرزند مزمل ۽ مصطفيٰ بہ پئدا ٿيا. باوجود سخت پيشيوراڻي مصروفيتن جي، ڊاڪٽر طاھرہ پنھنجو مڪمل ڌيان ٻارن تي ڏنو ۽ پنھنجي ڊيوٽيءَ سان گڏوگڏ، اولاد جي خوب پرورش به ڪئي ۽ ھڪ ڪامياب ماءُ بڻي.

ڊاڪٽر طاھرہ NZREX جو اعليٰ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، ، آڪلينڊ ۾ جنرل پرئڪٽيشنر ٿي ۽ گذريل پنجن سالن کان وٺي، نيوزيلينڊ ۾ ”اميگريشن نيوزيلينڊ پئنل ڊاڪٽر“ طور، ھڪ مشھور اسپتال ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. ياد رھي ته، عورتن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر طاھره پھرين پاڪستاني ڊاڪٽر آھي، جيڪا نيوزيلينڊ ۾ پرئڪٽيشنر ۽ اميگريشن پئنل ڊاڪٽر آھي. ان کان اڳ ڪيترائي پاڪستاني ڊاڪٽر اھو امتحان پاس نہ ڪري سگھيا آھن.

مستقبل ۾ جنرل پرئڪٽس ۾ فيلوشپ جو ارادو رکندڙ، ڊاڪٽر طاھرہ جي رت ۾، سماجي خدمت جو جذبو موجود آھي. جنھن جي ڪري، نيوزيلينڊ ۾ ڪورونه وبا دوران، انسانيت جي ناتي، ھن پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ھوءَ پاڪستان ايسوسيئيشن آف نيوزيلينڊ جي سرگرم ميمبر به آھي. اسلام پاران ڏنل عورتن جي آزادي، تعليم ۽ ثقافتي ھم آھنگي توڙي مذھبي رواداري جي پيڪر ڊاڪٽر طاھرہ جوکيو نيوزيلينڊ ۾، پاڪستاني ڪميونٽي جي عورتن جي اڳواڻ طور ليکي وڃي ٿي. اھو ئي سبب آھي، جو ڪورونه وبا دوران، سندس ڪيل ڪوششن عيوض، کيس ”وومئن ليڊرشپ ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو.

سنڌي مولود، ڪوھستاني موسيقي، سلائي، ڀرت ۽ سير تفريح کي پسند ڪندڙ، ڪوھستاني مٽيءَ مان جنم ورتل ڊاڪٽر طاھرہ جوکيو، پنھنجو مَٽ پاڻ آھي. سندس والد جي خدمت خلق جي جذبي کي مالماڙي کان کڻي، آڪلينڊ پھتي آھي ۽ اتي بہ پنھنجي وطن جي مٽيءَ کي ياد ڪندي، سندس اکين ۾ آب اچيو وڃي. ھر سال جڏھن بہ پاڪستان ايندي آھي تہ، سندس خواھش ھوندي آھي، تہ ڪوھستان کي سرسبز ڏسي، جتي جي کوھن ۾ مٺو پاڻي ھجي، پر فطرت جا دشمن ڪوھستان مان ريتي بجري کڻن ٿا، جنھن خلاف ڊاڪٽر طاھرہ سوشل ميڊيا ذريعي، وڏي مزاحمت ڪندي رھي آھي. نيوزيلينڊ جي خوبصورت سمنڊ ۽ ٻرندڙ جبلن جي اوٽ ۾ آباد، آڪلينڊ شھر ۾ پنھنجي ور ۽ اولاد سان گڏ رھندڙ، اسلامي تصوف ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ، مالماڙيءَ جي ھيءَ قابل فخر نياڻي، ڪوھستان جي سوين نياڻين جي اتساھ جو ذريعو آھي. آڪلينڊ ۾ به، پنھنجن ٻارن سان، سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي ۾ ڳالھائيندڙ ڊاڪٽر طاھرہ، ھر سال اتي، ڪاوش ۽ ڪي.ٽي.اين پاران ملھائجندڙ، سنڌي ثقافتي ايڪتا ڏينھن تي، سمورن پاڪستانين کي گڏ ڪري، نوجوان نسل کي سنڌي ثقافت بابت ڄاڻ به ڏيندي آھي. ڪوھستان سميت سنڌ کي پنھنجي باصلاحيت نياڻيءَ تي فخر آھي.

هي مضمون روزاني ڪاوش ۽ مضمون جي ليکڪہ ادي سنڌو سنڌيءَ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close