شاگرد ڪنهن خاص عمر ۾ پهچي پنهنجي خوابن جي هڪ دنيا ٺاهيندا آھن، جن کي پورو ڪرڻ لاء سخت محنت جي ضرورت هوندي آهي. شاگرد انهي سنهري دنيا لاءِ ڪيئي ساريون جاکوڙون ڪندو آهي، تہ جيئن اهي پاڻ ۽ سندن والدين سک ۽ آسائش واري زندگي بسر ڪن… انهن جا والدين بہ انهن کي ڪافي لاڏ پيار ۽ پوري محنت سان پالَي ۽ پڙهائَي انهيء آس ۾ هوندا آهن تہ نيٺ ڪا نہ ڪا منزل اوس ماڻيندا..
اھي شاگرد پورو سال جڏهن (موڪلن کان سواءِ) تعليم جا ڳڻپ جوڳا ڏينهن گذاري آخر سالانہ امتحانن ۾ ويهندا آهن تہ انهيءَ سوچ منجهہ ته اڄ سندن پوري سال جي محنت جو صلو هن پيپر کي سهڻي ۽ سٺي نموني لکڻ کان پوءِ ملندو، ۽ اهي شاگرد تمام بهترين پيپر لکندا آهن.
پر سندن پيپر لکندَي ڇا نظر ايندو آھي تہ ٻين ٻارن جي وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. بوٽن، کيسن، يونيفارم جي مختلف جڳهن ۾ ان پيپر ۾ آيل سوالن جا پنا پيا نڪرن.. اھي محنت ڪري پڙھندڙ ٻارجڏھن ٻين کي ڪاپين مان پنا ڦاڙي نقل ڪندي ڏسن ٿا تہ عجب ٿيندو آهي. ان جي سامهون اهي ٻار نقل ڪري رهيا هوندا آهن جيڪي سڄو سال ڪلاسن ۾ گهٽ اچن، پڙهائي ۾ ڪي خاص نہ هجن، محنت گهٽ ڪندڙ ۽ اهي بہ جنهن کي مليل پيپر جي سبجيڪٽ جو عنوان به خبر نه هجي…
ڪجهہ شاگردن جا وري والدين ۽ مٽ مائٽ بہ سفارش ڪرائيندا آهن تہ اسان جي ٻار جي پيپر ۾ مدد ڪن.. اِھي اُھي پيرنٽس ھوندا آھن جيڪي پڙھائيءَ دوران ڪڏھن ڀلجي بہ ان ڳالھ جي سار نہ لھندا آھن تہ سندن ٻار ڪيئن پيا پڙھن. ھوڏانھن وري اُهي جيڪي سفارش کي ڪو الھامي حڪم ۽ ان جي بجا آوري وڏو ثواب سمجهي ڪري پاڻ بہ ڪاپي جا پنا ڪڍي ان ٻار کي ڏين ٿا، اهي ڪنهن نه ڪنهن جي ونگار پيا وهندا آهن تہ جيئن بعد ۾ (ڏکيي يا ضرورت جي وقت) اهي ماڻهون ڪم اچن. ڇو تہ دنيا جا 90 سيڪڙو رشتا انهي ڪري قائم آهن تہ جيئن اهي آئي وئي ۾ ڪم اچن.
هاڻي جڏھن ھڪ محنت شاگرد اهي سڀ ڪاروايون ڏسي ٿو تہ پوء هن کي پنهنجي محنت فضول لڳندي آهي ۽ پوء ھو بہ ائين ئي ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ائين هو ايندڙ سال بي فڪر ٿي ويندو آهي، جنهن سان ان ۾ محنت ڪرڻ جي عادت ختم ٿي ويندي آهي.
پوء جڏهن ڊگري حاصل ڪري ھو نوڪري ڏانهن ڊوڙن ٿا تہ پوء اهي ڇا ٿا ڏسن تہ نوڪري وٺڻ لاء بہ پئسن يا سفارش جي ضرورت آهي.. ۽ انهي نوڪري جا حقدار اهي ٿي ويندا آهن، جن وٽ اها رقم يا سفارش هوندي آهي.
اسان جي ھن معاشري ۾، جتي ھي سڀ ڪجهہ وھي واپري ٿو، اتي اهي شاگرد پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نہ ٿيندا آهن ۽ زنده رهڻ لاء وري مزدوري ڪندا آهن. نه ته ڪي وري باغي بڻجي برن ڪمن (چوري ، ڦر ، لٽ مار ، خون ، وحشي) بڻجي وڃن ٿا. تنهن سان اهي سماج ۾ بد امنيون ۽ بد فعليون ڦهلائيندا رهن ٿا.
شايد ائين ئي غريب، غريب مان شديد غريب ٿيندا وڃن . جيڪا تعليم انسان کي انسان ٺاهيندي هئي پر هاڻي شايد انهي عملن ڪري جانور کان بدتر ڪري پئي.
ائين ئي جيڪڏهن شاگرد محنت ڇڏي آرام واري زندگي (ڪاپي پاس) طرف وڌندا ته شايد ماحول جا حال بد ٿي ويندا. ھي سڀ ڪجهہ اسان کي اھو احساس ٿو ڏياري تہ ھڪ ننڍڙو عمل اڳتي ھلي ڪيئن نہ تباھي جو ڪارڻ بڻجي ٿو ۽ ان جا اثر اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ تي پون ٿا.
ڪنهن به سماج کي اگر ترقي ڪرڻي آهي ته مثبت سوچ ۽ رويو اختيار ڪري اسان کي تعليم تي توجہ ڏيڻي پوندي. هر شخص گهٽ ۾ گھٽ پنهنجي پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن بہ سماج جي اندر سندس آس پاس بہ سڌارو اچي ويندو.