مغل حرمسراء جون عورتون – ٽين قسط

الطاف شيخ

پاڻ بئنگلور جي ماسترياڻي ”ڊاڪٽر سوما مکرجي“ جي ڪتاب “Royal Mughal Ladies” جي ڳالھ ڪري رهيا هئاسين، ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهي خاندان جي عورتن جي رهائش ۽ انهن جي روز مرھ جي زندگي بابت لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته حرمسراءِ ۾ رهندڙ شهنشاھ ۽ عورتن جون روزمرھ جون مختلف ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شاهي کاتا (ڊپارٽمينٽ) هئا. سڀني راڻين، شهزادين ۽ ٻين شاهي خاندانن سان واسطو رکندڙ عورتن جي لاءِ شاهي بورچيخاني مان ماني آئي ٿَي، جنهن کي هو ”متباخ“ سڏيندا هئا. متباخ ۾ بورچين، مددگارن، ماني پهچائڻ وارن، ٿانون ڌوئڻ وارن جي هڪ وڏي فوج هئي، جنهن ۾ گهڻو تڻو جوان ڇوڪرين ڪم ڪيو ٿي. اهڙيءَ طرح ”اڪبر خانا“ نالي هڪ ٻيو ڊپارٽمينٽ هو جنهن طرفان حرم جي عورتن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ شراب مهيا ڪيو ويو ٿي. اونهاري جي موسم ۾ برف جهڙو ٿڌو پاڻي پهچايو ويو ٿي. ”ميوه خانا“ طرفان ميوو ۽ ”رقاب خانا“ (بيڪري) طرفان نانَ سپلاءِ ڪيا ويا ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڊپارٽمينٽ ”شاهي ڪارخانا“ نالي هوندو هو، جتي سونارا، درزي ۽ ڀرت جو ڪم ڪرڻ وارا هئا، جن جو ڪم حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن جي لاءِ ويس وڳا سبڻ ۽ هر هڪ جي پسند موجب ڳھ ڳٺا ٺاهڻ هو. ڪنهن به شيءِ لالي، سرخيءَ، مسواڪ، پائوڊر جي ضرورت پوري ڪرڻ هن ڊپارٽمينٽ جو ڪم هو. ان بابت فرينچ ڊاڪٽر برنيئر به پنهنجي ڪتاب Travels in the Mughal Empire ۾ لکي ٿو ته ڪيترائي وڏا هال آهن، جيڪي ڪارخانا سڏجن ٿا. جتي مختلف ڪاريگر ڪپڙن جي سلائي ۽ ڀرت جي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا. هو ان وقت جي ڪپڙي ۽ ڀرت جي ڏاڍي تعريف لکي ٿو:
“Manufactures of Silk, fine brocade, and other fine muslins, worn by Mughal females, were one of the most expensive forms of clothing in the world…..”
جيئن ته حرم جي عورتن کي ورلي ٻاهر ڪڍيو ويو ٿَي ۽ هنن جو سڄو وقت محل اندر ئي گذريو ٿَي، ان ڪري هنن راڻين، شهزادين ۽ ڪنيزائن پنهنجو وقت پنهنجي هار سينگار ۽ ٺاھ جوڙ ۾ لڳايو ٿي. هنن جي وندر لاءِ ناچ ۽ گاني لاءِ ڪيتريون ئي ڳائڻيون ۽ ڊانسر موجود رهيون ٿَي. حرم جي عورتن ليوڊو، چنهر چُسي، شطرنج جهڙيون ڪيتريون ئي انڊور رانديون کيڏيون ٿَي. ڪيتريون پڙهيل ڳڙهيل به هيون ۽ هنن محل اندر رهي ڪتاب پڙهيا ٿي…. خاص ڪري شيخ سعدي شيرازيءَ جا فارسي ڪتاب ”گلستان“ ۽ ”بوستان“. مغل خاندان جون ڪجهہ عورتون ته ٻه قدم اڳتي به ويون ۽ هنن عمارتون ۽ باغيچا به ٺهرايا…. ڪن ادبي مضمون به لکيا، ڪن واپار وڙي ۾ به حصو ورتو ته ڪن جو سياست ۾ به عمل دخل رهيو ٿي.

هونءَ ڏٺو وڃي ته هر مغل عورت جي زندگي شهنشاھِ وقت جي چوڌاري ڦِرِي ٿَي. حرم ۾ عورتن جو هڪ وڏو تعداد رهيو ٿَي، پر سڀني جي حيثيت هڪ جھڙي نه هئي، هر عورت جي شان، رعب تاب ۽ اٿارٽي جو مدار ان تي هو ته هن جي شهنشاھ جي زندگي يا هن جي دل ۾ ڪيتري جاءِ آهي ـــ هنن جا ظاهري طرح پنهنجو پاڻ ۾ تعلقات جيتوڻيڪ دوستاڻا رهيا ٿَي، پر اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ ساڙ ۽ حسد پڻ هو. هر هڪ شهنشاھ کي خوش ڪرڻ چاهيو ٿَي ۽ هن کي اهو تاثر ڏنو ٿَي ته هوءَ خوش مزاج ۽ سٺي طبيعت جي آهي. هنن ڪڏهن به نٿي چاهيو ته شهنشاھ کي اهو محسوس ٿئي ته هو چڙ جون تکيون ۽ ساڙ سڙيون آهن. شهنشاھ کي پهريون ٻار پٽ ڏيڻ هڪ وڏي عزت جي ڳالھ سمجھي وئي ٿَي ۽ هر هڪ ان مقابلي ۾ لڳي رهِي ٿَي ته پٽ ڄمَي، ته بادشاھ جي دل کٽيان. ان مقابلي ۽ ساڙ جي چڪر ۾ هو ٻين کي اهڙيون ديسي ڦڪيون کارائينديون ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪنديون رهيون ٿَي، جن سان هنن جا ٻار ضايع ٿين.

ڪنهن به قسم جي ڏک يا فڪر جي ڳالھ حرم ۾ رهندڙن کان پري رکي وئي ٿَي. موت جي خبر تي ته ڄڻ سينسر لڳل هو. ڪا به عورت بيمار ٿيندي هئي ته هن کي محل جي هڪ ڌار حصي ۾ شفٽ ڪيو ويو ٿَي، جيڪو ”بيمار خانا“ سڏبو هو. موت جو سوڳ فقط ان عورت جو ملهايو ويو ٿَي، جنهن جو بادشاهه جي نظرن ۾ اهم رتبو هو.

حرم ۾ رهندڙ عورتن مان جنهن جي جيتري اهم پوزيشن هوندي هئي، ان کي اوتريون وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون ٿَي. اهڙي اهم رتبي واري ۽ شهنشاھ جي دل واري زال کي اولاد نٿي ٿيو، ته هن کي حرم جي ڪنهن ٻي زال جو ٻار پالڻ جي اجازت ڏني وئي ٿَي ۽ اهو ٻار هن جو پنهنجو سمجھيو ويو ٿَي. ماهام بيگم (بابر بادشاھ جي خاص زال ۽ همايون جي ماءُ) جا همايون بعد چار ٻار ضايع ٿي ويا، ته هن کي بابر جي ٻي زال دلدار بيگم جا ٻه ٻار هندال ۽ گلبدن ڏنا ويا، جن کي هن نپائي وڏو ڪيو. شهنشاھ اڪبر جي زال رقيه سلطان بيگم کي وڏي عمر تائين ٻار نه ٿيو ته هن کي شهزادي سليم جو ٻار خرم نيپاج لاءِ ڏنو ويو، جنهن کي هن وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو. ان جو اظهار جھانگير پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته: ”منهنجي پيءُ اڪبر منهجو پٽ خرم هن جي حوالي ڪيو ۽ هن خرم جو هزار دفعا وڌيڪَ خيال ڪيو، جيترو هوءَ پنهنجي پٽ جو ڪري ها، جيڪڏهن کيس پنهنجو هجي ها.“

شاهجھان جو ٻيو نمبر پٽ شهزادو شجاع جھانگير جي خواهش مطابق نور جھان بيگم نپايو. مغل گهراڻي جي حڪومت دوران عورتن ۾ پري جوءِ (فرسٽ ليڊي) هميشه شهنشاھ جي ماءُ هوندي هئي، سواءِ ٻن واقعن ۾ جن ۾ نورجھان ۽ ممتاز محل ٿي. ماءُ جي مرڻ بعد ئي شهنشاھ جي دلپسند زال ”چيف ليڊي“ (راڄ راڻي) ٿيندي هئي. بابر کان وٺي سڀني مغل بادشاهن پنهنجي ماءُ جي وڏي عزت ڪئي ٿَي. ”بابر نامه“ ۽ گلبدن جي لکيل ڪتاب ”همايون ناما“ ۾ ڪيترا اهڙا مثال ملن ٿا، جن مان بادشاهن جي پنهنجي مائرن لاءِ عزت احترام جي خبر پوي ٿي. تاجپوشي بعد اها ماءُ ئي هوندي هئي، جنهن سان بادشاھ پهرين ملندو هو. ساڳي طرح عيد برات يا جنم ڏينهن جي فنڪشن ۾ هر مغل بادشاھ پهرين پنهنجي ماءُ سان ملندو هو، ان بعد ٻي سان.

(جاري آهي)

__________________

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close