ڪچھري قائم – ۲

قائم علي زرداري

ڪڏهن ایئن بہ ٿيندو آھي!

سانجهيءَ جي نماز ۾ پهرين رڪعت جي قيام ۾ بيٺو هئس، اوچتو منهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ نوجوان ھمراھ جي موبائيل وڳي۔۔ هن جلدي پنهنجي پينٽ جي کيسي کي ٻاهران بٽڻ دٻايو ت آواز بند ٿي ويو۔

تشھد ۾ ان جوان کي شڪ پيو تہ موبائيل مان هلڪو آواز آيو پيئي ۽ شايد ڪال ڪٽي ناهي۔ هن ويٺي وري ٻيو بٽڻ دٻايو، پر اسپيڪر واري بٽڻ تي هٿ لڳي ويو.
مسجد ۾ مڪمل خاموشي هئي، ان ڪري سڄي مسجد ۾ اسپيڪر جو آواز گونجڻ لڳو۔۔

سرائيڪي ۾ سنھڙو آواز گونجيو… هيلو ميڏا مور! اڃا تائين ناراض اين؟ اليندا ڪيون ڪونهوي؟ هُڻ الا ت سھي.. سچي هڻ ڪان وڙھسان! ميڏا آپڻي سئوٽ نال ڪو تعلق ڪونهين.. ڪلھ پوتي/چني پيڪو ڪراوڻ سئوٽ نال گڏ ڳئي آهس… رستي تي گل بروهي دي پڪوڙي کاڌي آھن بس! جٿان تون ڏٺا آھا… مور پليز پليز…!“

نوجوان لڳو رهيو تہ ڪال ڪٽجي وڃي، پر جوان جي قسمت جو ڪال نہ ڪٽي ۽ نہ وري اسپيڪر بند ٿيو۔۔ مائي ويچاريءَ جي منٿن جا اصل ٺڪاء هجن.
جان.. مٺل.. مور.. پيارا….!

مولوي صاحب سلام ڦيريو ۽ جوان وٺي مسجد مان ٻاهر ڀڳو. ان جي پويان نوجوان جو پيءُ وڏي آواز ۾ نوجوان کي اونهيون ۽ ڪجهہ تراکڙيون گاريون ڏيندو، جوتا هٿ ۾ کنيو ٻاهر ڀڄندو ويو!
پوء ڇا ٿيو هوندو، سڀڪو سمجهي سگهي ٿو..

اھو تہ سڀ ٺيڪ آھي پر…

راڻي باغ /چڙيا گهر جي گهاٽن وڻن هيٺان اٺ کان پنهنجي ٻچي/گوري/توڏي پڇيو: ”بابا هي اسان جي پٺيءَ تي ٿوهو ڇو هوندو آھي؟“

اٺ جواب ڏنو، ”پٽ بيابان ۾ سفر ڪندي ميلن جو سفر ڪندي پري پري تائين پاڻي ناهي ملندو، اهڙي حالت ۾ اللّٰه تعالٰی اسان جي اندر هڪ واڌو خانو ٺاهي ڇڏيو آھي، جنهن جي ڪري اسان ڪيترائي ڏينهن بيابانن ۾ بک ۽ اڃ برداشت ڪري سگهندا آھيون.“

توڏي حيران ٿي ڪجهہ سوچيندي چيو، ”ٺيڪ آھي.
پر اسان جا پير گول ۽ ٽنگون ڊگهيون ڇو ٿيون ٿين ڀلا؟“

اٺ توڏي کي سمجهائيندي چيو، ”اسان کي گهڻي وقت تائين ٿر ۽ بر ۾ سفر ڪرڻو هوندو آھي، ان ڪري اسان جا پير گول ۽ ڊگهيون ٽنگون اسان جون مددگار ٿينديون آھن. ايئن نہ هجي تہ اسان واريءَ ۾ ڦاسي پونداسين ۽ واريءَ مان نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.“

توڏو سمجهڻ واري انداز ۾ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندي چوڻ لڳو ”بابا اسان جي اکين اڳيان وڏيون وڏيون پنبڻيون ڇو آھن.. جنهن ڪري مون کي ڏسڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي؟“

اٺ جواب ڏنو، ”پٽ ٿر ۾ هر وقت واري اڏامندي رهندي آھي.. هي پنبڻيون اڏامندڙ واريءَ کان بچاءُ آھن…“

توڏو اهو ٻڌي حيران ٿيو.. ۽ سوچيندي چوڻ لڳو، ”ٺيڪ آھي بابا.. پر هي وڏيون ناسون ڇو آھن ڀلا؟“

اٺ چيو، ”پٽ، ٿر جي گرميءَ ۾ جڏهن اسان جي چرٻي پگهرجندي آھي ۽ اسان جي جسم جي گرمي وڌڻ لڳندي آھي، تہ هنن وڏين ناسن جو اهو فائدو ھوندو آھي تہ ان جي وسيلي اسان وڌيڪ گرمي ٻاهر ڪڍي پنهنجي جسم جي حرارت کي برابر رکي سگهندا آھيون.“

توڏي کي پنهنجي سڀني سوالن جا جواب ملي ويا… تڏھن اٺ کي چوڻ لڳو، ”جڏهن اسان جي جسماني بناوٽ جو ھر هڪ عضوو ٿر ۽ بر يا ميداني علائقن ۾ رهڻ لاءِ ٺاهيل آھي، تہ مون کي اها ڳالھ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ پوءِ اسين هتي راڻي باغ/ چڙيا گهر ۾ ڇا پيا ڪريون؟“

هن ڳالھ جو جواب توڏي جي پيءُ، مطلب اٺ وٽ ب نہ هيو…

ان ڪري، اوهان ڪيترا ب مهان ۽ مها ڪاريگر ڇو نہ ھجو، جيستائين اوهان پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت جي مطابق ٺيڪ جڳھ يا مقام تي ناهيو، تيستائين اوهان جو علم,ل، تجربو، مهارت ۽ هنر ڪنهن ڪم جو ناهي هوندو.

حالت آهي خلق سان ٻيو..

بيروزگاري جا ڏينهن هئا، ننڍي ڀاءُ کي پنهنجي شوق جو ٻاليل ٻڪر/ڇيلو وڪڻڻ جو شوق ٿيو. اڪثر ايئن ئي ٿيندو هيو تہ ڳوٺ ۾ واپاري ايندا هيا، ڍور ڏسي پئسا چڪائي ڍور ڪاهي ويندا هئا. ٻہ ٽي ڏينهن رکي پئسا ڏيئي ويندا هئا. منهنجي ڀاءُ کي ڪنهن ٻڌايو تہ سڪرنڊ جي مال پِڙيءَ ۾ سيرو وڪڻندا آهن، جيڪو ڏاڍو مزيدار آھي. انڪري فرمائش ڪيائين تہ ادا هي ڇيلو پاڻ ھتي ڪونہ وڪڻنداسين، سڪرنڊ پڙي تي هلي وڪڻنداسين ۽ اتي هلي سيرو بہ کائينداسين. ننڍي ٻار جي ضد!

صبح جو سوير ڇيلو ڪاهي نڪري پياسين. سڪرنڊ اسٽاپ سان سوزوڪي کنيو، اچي سڪرنڊ شهر ڇڏيائين. ٻہ ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙي تائين پهتاسين.

پڙيءَ ۾ واپارين جا بہ عجيب رواج آھن، ڇيلي جو ملھ پڇن تہ آئون ننڍي ڀاءُ ڏانهن اشارو ڪريان، تہ مالڪ اهو آهي، پڇوس. جڏهن ڀاءُ جي ويجهو وڃي ڇيلي جو اگهہ پڇن تہ ادا ڇيلي جا گهڻا پئسا؟ تہ ڀاءُ ڀڙڪو ڏيئي وڃي پري بيهي رهي.. ڳالھ سمجهہ کان ڳري، پر ڇا ڪجي!

ڪجهہ دير کان پوءِ هڪ مري ٻروچ ڪن ۾ پڇيو، ادا ڇا ملھ آهي ڇيلي جو؟

منهنجو ڀاءُ عادت موجب ڀڙڪو ڏيئي پري بيهي واپاري کي وڏي آواز چوڻ لڳو، تہ ادا ڇيلو منهنجو پنهنجو آهي، ڪنهنجو چورايو ناهي.. اوهان ڇيلي جو اگهہ پڇو بہ ڪن ۾ ۽ ٻڌايو ب ڪن ۾، اهو ڇو؟

اهو لقاء گهڻي دير آئون ڏسندو رهيس. منهنجي ڀر ۾ هڪ چاچو بہ اهو لقاء ڏسندو رهيو ۽ کلندو بہ رهيو. آخر ۾ هڪ واپاري پهتو ان بہ منهنجي ڀاءُ سان ڳالهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي تہ منهنجو ڀاءُ ڀڙڪو ڏيئي پري بيهي، گجندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو ”چاچاااا… ڇيلو منهنجو ذاتي آهي، يقين ڪر چوري ناهي ڪيو… باقي ڪن ۾ اگهہ نڪو ٻڌائيندس، نڪو وري ٻڌندس“

ڀر ۾ گهڻي دير کان بيٺل چاچي وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو ”ابا حالت آهي خلق سان ٻيو..!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close