منھنجي پيدائش لکنئو جي ھڪ ڳوٺ باره بنڪي ۾ ٿي، تاريخ ۽ سال ۾ اختلاف آھي. ھڪ ڳالھ اھا ٻڌائي وڃي ٿي تہ آئون جولاءِ 1950ع ۾ پيدا ٿيس، ٻي راءِ اھا آھي تہ آئون آگسٽ 1950ع ۾ ڄائو ھئس. منھنجي پيدائش تي خاندان جي ڪنھن بہ فرد جو اتفاق نہ آهي، ايتري تائين جو منھنجي والده فرخ سلطانہ بہ ان سلسلي ۾ غير يقينيءَ جو شڪار آهي. امان کي منھنجي پيدائش متعلق فقط ايتري خبر آھي تہ آئون رمضان جي مھيني ۾ ڄائو ھئس. ھي ان زماني جي ڳالھ آهي، جڏھن برصغير ماتا، ٽائفائڊ، مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙيل ھو، ان زماني ۾ ھنن بيمارين جي زد ۾ اچي ڪيترائي معصوم ٻار فوت ٿي ويندا ھئا. بلڪہ ايئن ٿيندو ھو تہ ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين موت جي وادي ۾ ھليا ويندا ھئا. انھيءَ خيال کي نظر ۾ رکندي اسڪولن ۾ ٻارن جي پيدائش جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ٿيندي رھندي ھئي. انھن ڏينھن ۾ اسڪولن ۽ مدرسن ۾ ٻارن جي ڄم جي تاريخ ھڪ ٻہ سال گهٽ ڪري لکائي ويندي ھئي، منھنجي والد صاحب محمد علي شاھ خبر ناھي ڪھڙي خيال کان اسڪول رجسٽر ۾ منھنجي ڄم جو سال 1950ع لکرايو ھو. پيدائش جي تاريخ 20 جولاءِ 16 آگسٽ ۾ ڇو تبديل ڪئي وئي، اھو ھڪ راز آهي. علم نجوم جي ڪجھ ماھرن پنھنجي طور تي ايسٽرا لوجيڪل چارٽ ٺاھي منھنجي پيدائش جي تاريخ واري مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، آئون انھن جي ڪوششن مان لطف اندوز ٿيو ھئس. ھاڻي عمر جي ان حصي ۾ آھيان، پيدائش جي تاريخ ڪنھن بہ مخصوص ڏينھن جي ھجي، منھنجي لاءِ مناسب آھي، ان مان مونکي جوان ھجڻ جو قطعي طور تي ڪو احساس نہ ٿيندو آهي، بلڪہ اھو خيال ايندو آهي تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ بھتر ڪجي.
منھنجو والد صاحب برطانوي حڪومت ۾ پروويشنل سروس ۾ اچڻ کان پھرين سيلاني طرز جي زندگي گذاريندو ھو. آزادي کان پوءِ انگريز ھليا ويا، بابا موقعن مان فائدو نہ وٺندو ھو، ان ڪري ھن ڀارت ۾ ئي رھڻ پسند ڪيو. بابا جا ٻہ ڀائر ڀارت مان ھجرت ڪري ويا. منھنجي والدہ جا ڏھ ڀائر ۽ ڀينرون ھيون، جڏھن تہ والد صاحب پاڻ ۾ ست ڀيڻ ڀاءُ ھئا. ان وقت منھنجي وڏي ڀاءُ ظھير جي عمر ٻہ سال ھئي، منھنجو ڀاءُ ضمير انھن ڏينھن ۾ پيدا ٿيو ھو، آئون اڃا دنيا ۾ نہ آيو ھئس، اسان سڀني کي والد صاحب جي ڀارت نہ ڇڏڻ واري فيصلي تي ڏاڍي خوشي ٿي ھئي.
اھا به حقيقت آهي تہ ڀارت ۾ منھنجي والد صاحب جي ڪا جائداد بہ نہ ھئي، ۽ ھن سرحد جي ٻي پار ڪليم ڪري ڪنھن جائداد جي گُهر بہ نہ ڪئي ھئي. ٻي ڳالھ اھا تہ بابا ڀارت ۾ سرڪاري ملازم ھو ۽ اھا ھن ڇڏڻ نٿي گهري. ھن آزاد ھندو ملڪ ۾ رھڻ کي ترجيح ڏني، منھنجو والد صاحب ٻيڙيون ساڙڻ جو قائل نہ ھو ۽ ھن عزم ڪيو تہ ڀارت ۾ رھي ڪجهہ نہ ڪجهہ بھتر ڪري وٺبو.. ۽ پوءِ اڳتي ھلي خبر پئي تہ بابا اسان جي بھتر مستقبل لاءِ صحيح فيصلو ڪيو ھو.
مونکي ياد آهي، آئون ننڍو ھئس، اسان ڪار ۾ گهڻو سفر ڪندا ھئاسين، انھن ڏينھن ۾ صوبائي سول سروس جي آفيسرن کي پنھنجا دورا روڊ ذريعي ڪرڻا پوندا ھئا، ڇو تہ ان وقت تائين ڪيتريون ئي اھڙيون جايون ھيون، جيڪي ريل کان الڳ ھيون. برطانوي حڪومت جي ڏينھن ۾ اھو رواج ھلندو پئي آيو تہ آفيسرن کي ڊاڪ بنگلن ۾ رھائش اختيار ڪرڻي پوندي هئي ۽ اھي ڊاڪ بنگلا انھي مقصد لاءِ ٺاھيا ويا هئا. انھي زماني ۾ ھي عمارتون ڏاڍيون خوبصورت ۽ شاندار ھونديون ھيون، اھي آبادي کان پري ٺاھيون وينديون ھيون، آزادي کان پوءِ اھي بنگلا ويران ٿي ويا، پارڪ ۽ باغ سڪي ويا. انھن بنگلن جي سار سنڀال نہ ٿيڻ جي ڪري ھر ھنڌ ويراني ڇائنجي وئي. انھن ڊاڪ بنگلن جي خوبصورتي اڄ بہ منھنجي ذھن ۾ موجود آهي، در دريون، ڊرائنگ روم سڀ بھترين ھوندا ھئا. مونکي ھميشہ ان ڳالھ تي حيراني ٿيندي ھئي تہ انگريز ملاقات واري ڪمري کي ڊرائنگ روم ڇو چوندا آھن. منھنجي اھا حيرت برقرار رھي، ھڪ دفعي اسڪاٽلينڊ ويس، اتي ھڪ جڳھ تان معلوم ٿيو تہ ڊرائينگ روم ڇا آھي. ٻڌايو ويو تہ گهرن جا ھي اھي ڪمرا ھوندا آھن، جتي مرد پنھنجي دوستن سان شراب پيئندا آهن، ھڪٻئي سان مذاق مستي بہ ڪندا آهن، شراب جي ھي محفل مچڻ کان اڳ ئي گهر جون عورتون ان ڪمري مان ھليون وينديون آهن، ان ڪري ھنن ڪمرن کي ڊرائنگ روم چيو ويو. بھرحال ڳالھ منھنجي ننڍپڻ ۽ ڊاڪ بنگلن جي ٿي رھي ھئي، انھن ڊرائنگ رومن جي ديوارن تي شينھن جا سر ۽ کلون ٽنگيل ھونديون ھيون. ريڊر ڊائجيسٽ جا پراڻا شمارا بہ پيل ھوندا ھئا، اتي جي خوراڪ بہ ڪا خاص نہ ھوندي ھئي. منھنجي والدہ نہ ماني تيار ڪندي ھئي ۽ نہ ئي ڏيندي ھئي، عمارتن جي ديوارن جو پلستر ھنڌان ھنڌان اکڙيل ھوندو ھو، بيڊ رومن جي دروازن تي ٿلھا پردا لڳل ھوندا ھئا ۽ ماحول ۾ ھڪ عجيب بوء ھوندي ھئي. منھنجي والد جي اڪثر ڪري ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ بدلي ٿيندي رھندي ھئي، ان ڪري اسان کي ريل جا سفر ڪرڻا پوندا ھئا. مونکي ياد آهي اسان ڪيترائي ڪلاڪ ريل جي انتظار ۾ اسٽيشن تي سامان رکي ويٺا ھوندا ھئاسين.
مونکي ياد آهي آئون ڪنھن جي جهولي ۾ ويٺي ڪو تماشو ڏسندو ھئس، انھن تماشن جي سڃاڻپ ان وقت نہ ھوندي ھئي ۽ ھاڻي بہ نہ آھي. پر منھنجو خيال آھي تہ اھي تماشا تفريح لاءِ ڪيا ويندا ھئا. اھي تماشا کليل ميدان ۾ يا عارضي شاميانن ۾ ڏيکاريا ويندا هئا. انھن تماشن جي ھڪ شئي منھنجي دماغ ۾ ھميشہ لاءِ رھجي وئي آھي، اھا شئي ان وقت مونکي ڏاڍو حيران ڪندي ھئي. ھڪ انساني چھري تي گهاٽا رنگ لڳل ھوندا ھئا ۽ ھو چبوتري تي ڊانس ڪري رھيو ھوندو ھو، سندس چھرو باھ وانگر روشن ۽ اکيون خوفناڪ ھونديون ھيون، ھو جڏھن مون ڏي ڏسندو ھو تہ ڊپ جي ھڪ لھر سڄي جسم ۾ ڊوڙي ويندي ھئي. عجيب ڳالھ تہ ھو گهڻو مون ڏي ڏسندو ھو، ان وقت منھنجي ڄمار ٻہ سال کن ھئي. مونکي حيرت ٿيندي آھي ۽ سوچيندو آهيان تہ صرف اھا ھڪ يادگيري ھئي، اھا ڳالھ منھنجي لاءِ حقيقت جو روپ ڌاري ھڪ وڏو موضوع بڻجي وئي آهي، اھو صرف سرڪس ئي ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ ھڪ ڪردار يا مشڪرو ھجي، پر اھو مشڪرو ڪرتب ڏيکارڻ مھل آسمان جي بلندين کي ڇھندو ھو. ان ڪردار کي ان طريقي سان ڏسڻ جو ھڪ سبب اھو بہ ٿي سگهي ٿو تہ آئون پاڻ لاشعوري طور تي ان ڪم لاءِ تيار ٿي رھيو ھئس. اھو جھڙو بہ ھو جيئن بہ ھو، پر منھنجي شعور ۾ ھميشہ لاءِ رھجي ويو. اھو شخص مونکي ھڪ اھڙي شئي ڏيئي ويو، جيڪا مونکي اڄ ڏينهن تائين نہ ملي آھي، اھو ’حيرت‘ جو تحفو ھو، جيڪو ھڪ مڪمل دھشت ۽ وحشت وارو ھو.
مشھور ناول نگار ’ين مارٽيل‘ جنھن ’لائف آف پائي‘ مشھور ناول لکيو ھو، منھنجي خواھش بہ ڪجهہ اھڙي ھئي. ھن ناول ۾ ناول نگار سڀ ڪجهہ ھيري ڇوڪرَي ’پائي‘ جي واتان چورايو آهي، ھن ناول جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ ھن ناول ۾ حيرت کي ڏيکاريو ويو آھي ۽ اھو بہ ٻڌايو ويو آھي تہ انساني ذات ۾ اھا تمام گهڻي رکي وئي آهي ۽ پوءِ اھا حيرت ھڪ عڪس يا تاثر ۾ ظاھر ٿيندي آھي. اھو ئي سبب آهي جو آئون پنھنجي دل ۽ دماغ سان اداڪاري کي پنھنجي ويجهو رکندو آھيان.
مونکي ياد آهي ڊاڪ بنگلن ۾ رھائش دوران آئون بالڪوني مان بيھي پيشاب ڪندو ھئس ۽ پيشاب ھيٺ ويٺل ڪنھن اخبار پڙھندڙ شخص مٿان ڪرندو ھو. اھا حرڪت ڪندي آئون سمجهندو ھئس تہ ڪنھن کي خبر نہ پوندي تہ اھو پاڻي ڪٿان پيو اچي، پر منھنجي ان حرڪت جي خبر ھڪ ماڻھو کي پئجي وئي، اھو ماڻھو منھنجي پيءُ جو آفيسر ھو. ڪڏھن ڪڏھن سوچ ايندي اٿم تہ ھنن حرڪتن جي ڪري ئي آئون پنھنجي والد صاحب جي نظرن ۾ ڪري ويو ھئس. ڪنھن سبب جي ڪري مونکي اھو ماڻھو بہ ياد آھي، جڏھن اسان بس ۾ جابلو علائقي نيني تال کان ھيٺ ھلدواڻي ايندا ھئاسين، تہ بابا جو گارڊ مسلسل الٽيون ڪندو رھندو ھو، ھو ڪور ڪينوس جو ھو.
سائيڪل تي ڊبل سواري جي ياد بہ تازي آھي. ھڪ ويران ويڪرو روڊ ھوندو ھو، موٽرسائيڪل سوار ٻن پوليس اهلڪارن سان سائيڪل ھلائڻ لاءِ چيو ويندو ھو. ھڪ دفعي منھنجي ننڍي ڀاءُ ضمير جي نڙي ۾ مڇي جو ڪنڊو ڦاسي پيو، بابا ڪاوڙ ۾ اچي ڊائننگ ٽيبل تي پيل سڀ پليٽون ڀڃي ڇڏيون، اھي سڀ ڳالھيون ذھن ۾ ھميشہ لاءِ دفن ٿي ويون آهن.
ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون ذھن ۾ آھن. ھڪ دفعي ننڍڙي ڇيلي کي جهلي پيار ڪري رھيو ھئس تہ ھو مونکي ڌڪو ڏيئي ڇڏائي ويو. ھڪ دفعي شيشي جي بوتل سان کيڏي رھيو ھئس، بوتل ٽٽي پئي ۽ ڪاوا منھنجي ھٿ ۾ ڇپي ويا. ڪاون جا نشان اڄ بہ منھنجي ھٿ جي تري تي موجود آهن. منھنجي ننڍي ڀاءُ ظھير امان جي ڪپڙن سبڻ واري مشين ۾ منھنجي آڱري ڏني ۽ چيائين تہ تنھنجي آڱري کي سبون ٿا. مشين جي سئي منھنجي آڱر ۾ ڀڄي پئي.
مون ھميشہ اھو ٻڌايو تہ آئون پنهنجي والدين جو دادلو ٻار ھئس. ھي اھي لفظ ھئا جن مونکي سڄي زندگي پريشان ڪيو، منھنجي امان پنجن پٽن کي جنم ڏنو ھو، اسان ٽي زندہ رھياسين، بابا کي ڌي جي اولاد جي شدت سان خواھش ھوندي ھئي. جڏھن آئون پيٽ ۾ ھئس تہ منھنجو والد صاحب ڌيءَ لاءِ تمام گهڻيون دعائون گهرندو ھو ۽ بابا کي اھا آس ٿي تہ ھاڻي ضرور الله سائين ڌي جو اولاد ڏيندو، پر منھنجي ڄمڻ تي ھڪ دفعو وري کين مايوسي پلئہ پئي. شايد ڪنھن تلافي جي ڪري بابا مونکي شروعات ۾ تمام گهڻو پيار ڏنو ھو، ھو مونکي ڪلھي تي کڻي گهمائيندو ھو، ننڊ ڪري اٿندو ھئس تہ باٿ روم وٺي ويندو ھو، ھڪ دفعي منھنجي شڪايت تي ظھير کي بابا ڏاڍي مار ڏني ھئي. بابا مونکي جڏھن کڻندو ھو تہ پنھنجون ھٽلر ڪٽ مڇون منھنجي منھن تي ڦيريندو ھو، تڏھن ڏاڍي فرحت ملندي ھئي، بابا جي وڏن ۽ خوبصورت ھٿن جو لمس ۽ محبت اڄ بہ محسوس ڪري رهيو آهيان. زندگي جي شروعاتي ڪجهہ سالن کان پوءِ بابا جو پيار مون سان گهٽجي ويو. ان زماني 14 سالن جي ڇوڪري جي شادي ڪرائي ويندي ھئي، ۽ ھڪ سال گذرڻ کان پوءِ ڇوڪري مان ٻار ڄڻڻ جي آس رکي ويندي ھئي.
منھنجو والد ۽ والده ھڪ ئي خاندان جي الڳ الڳ شاخن سان واسطو رکندا ھئا. اسان جي وڏي بزرگ جو نالو آغا سيد محمد شاھ ھو، ھو افغانستان جي گادي واري شھر ڪابل جي ھڪ ننڍي ڳوٺ پغمان سان تعلق رکندو ھو، آغا سيد محمد شاھ پيشي جي لحاظ کان ھڪ فوجي ھو. ھو اوڻويھين صدي جي پھرين اڌ ۾ ڀارت آيو ھو ۽ 1857ع واري آزادي واري جنگ ۾ انگريزن جي طرفان وڙھيو ھو. انگريزن کيس ميرٺ جي ويجهو ھڪ جاگير ڏني ھئي، جنھن کي ’سرڌنا جي جاگير‘ چيو ويندو ھو. ان جاگير کان سواءِ انگريزن آغا سيد محمد شاھ کي ’نواب جانفشان‘ جو خطاب بہ ڏنو ھو.
منھنجي والد ۽ والده جي جڏھن مڱڻي ٿي تہ والد ڪابل ۾ ھو ۽ امان ڀارت ۾ ھئي، مڱڻي ٿيڻ کان پوءِ منھنجو والد صاحب برطانيہ ھليو ويو، برطانيہ ڇو ويو، انھي سوال جو جواب اسان جي خاندان جي ڪنھن بہ فرد وٽ ناھي. رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ٿو تہ ھو افغانستان جي بادشاھ امان الله خان جي وفد ۾ شامل ھو. منھنجو والد صاحب شاھ افغانستان جي ڌيءَ کي انگريزي پڙھائيندو ھو، پر منھنجي ڀاءُ مطابق تہ بابا جي برطانيہ وڃڻ پٺيان عشق جو معاملو ھو. منھنجي ڀاءُ جي اھا راءِ دلچسپ تہ ضرور آھي پر انھي ڳالھ ۾ حقيقت گهٽ نظر پئي اچي. بھرحال ڇا بہ ھجي منھنجو والد بادشاھ جي وفد سان برطانيہ ويو هو. اھا ڳالھ وڏي حيرت انگيز آھي تہ بادشاھ اڪيلا ڀڄندا بہ نہ ھئا، ڀڄڻ لاءِ بہ کين قافلي جي ضرورت پوندي ھئي. بھرحال بابا جي برطانيہ وڃڻ ڪري جھڙوڪر امان سان سندس رشتو ٽٽي چڪو ھو، ھاڻي امان لاءِ اھو ضروري ھو تہ بقايا زندگي پنھنجي والدين جي خدمت ڪندي گذاري. منھنجي والده نھايت ئي فرمانبرداري ۽ محبت سان پنھنجي والدين جي خدمت ڪئي، منھنجو والد صاحب بہ برطانيہ مان واپس آيو، ھو برطانيہ مان نائب تحصيلدار بڻجي آيو ھو، ان وقت اھا نوڪري وڏي سمجھي ويندي ھئي. والد صاحب امان جي سڱ جي گُهر ڪئي ۽ پوءِ شادي ٿي. جڏھن ھي شادي ٿي ھئي والد صاحب جي ڄمار چاليھ سال ۽ امان لڳ ڀڳ 30 سالن جي ھئي، ان زماني جي لحاظ کان منھنجي والدين جي ڄمار ڏاڏا ڏاڏي ۽ نانا ناني واري ھئي، اسان جي خانداني روايتن ۽ رسمن مطابق ان وقت انھن جي عمر شادي جي نہ ھئي.
(ھلندڙ)