خبرون خير جون… (مزاح)

شبير احمد قريشي

° ناڻَي وارو مشير موصوف فرمائي ٿو تہ ملڪ ترقي جي راھ تي گامزن آهي…
عنقريب 100 روپين جي لوڊ ڪرائڻ تي توهان کي رڳو ”جزاڪ ﷲ“ جو ميسيج ايندو.

° سائين وڏَي جو فرمان آهي تہ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ وقت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي نماء سان گڏ ڏنڊي ڪوندي جو نماءُ به ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن سنڌي ثقافت کي چار چنڊ لڳن.

° لاڙ ۽ ڪراچي جو مائو (گٽڪو) کائڻ وارن جو مطالبو آهي، تہ انصاف کان ڪم ورتو وڃي نسوار ۽ گٽڪو هڪ جيتري اگھ تي وڪرو ڪيو وڃي. نسوار جي پڙي 10 روپين ۾ ملي ٿي، تہ پوءِ گٽڪو 20 روپيا ڇو؟
جڏهن ته ڪينسر ٻنھي سان ساڳيو ٿئي ٿو.

° استادن جو مطالبو آهي تہ مظاهري دوران اسان کان صحافي اسپيل (هجي) نہ پڇن ڇو تہ جڏهن هو اسپيل پڇندا، آهن تہ سامهون پوليس وارا ڏنڊا کنيو بيٺا هوندا آهن، جنھن جي ڪري اسان جا حوصلا اڳئي خطا هوندا، آهن، اهڙا سوال ڪندڙ صحافين کي سزا ڏني وڃي.

° ميمڻ ڳوٺ ملير وارن جو چوڻ آهي، تہ هتي ايترو تہ امن قائم آهي جو ”شير ۽ ٻڪري“ هڪ گھاٽ تي گڏجي پاڻي پيا پين.
هڪ گڏيل بيان ۾ شهرين جو چوڻ آهي تہ رڳو ڪڇي ڪالوني ۽ ڄام ڳوٺ وچ ۾ ڏيڍ ميل جي ٽڪري اندر ڦرون ٿين ٿيون، اها ناانصافي آهي.
هنن مطالبو ڪيو تہ اهو دائرو ٻڪرا پڙيءَ تائين وڌايو وڃي.

° ميمڻ ڳوٺ جي بروهي پاڙي ۾ هڪ رات ۾ ٻہ چوريون ٿيون. چور هڪ گهر مان بيٽري ۽ هڪ گهر جي ڇت تان سولر پليٽون چورائي ويا. صبح جو سڀ پاڙي وارا اچي گڏ ٿيا، سنڌ جي روايت مطابق ڳالهيون ڪري اٿي کڙا ٿيا. نوجوانن تہ ڪو ٻوٽو ڪونہ ٻاريو، البت پوڙهن هڪ گڏيل بيان ۾ نامعلوم چورن کي هن عمده حرفت سان سولر جي سيٽ مڪمل حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.

° آخر ۾ هڪ سٺي خبر ٻڌائيندو هلان، چون ٿا تہ "سويل اٿو.” ڏسو تہ ڪڪڙ سويل اٿي ٻانگ ڏئي ٿو
پر سائين سويل اٿي ٻانگ ڏيڻ جي پر شام جو کيس ڪڙھائي ۾  وجهن ٿا
سو وھم نہ ڪريو، صدقو وڃان، ستا ئي رھو…
اسان لاءِ ئي تہ چيل آهي "سي سُتا ئي سونھَنِ، ننڊ عبادت جن جي”

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close