”وڍَ“ ڏانهن ويندَي-3

گل حسن ڪلمتي

افغانستان ۽ قلات جو سياسي تعلق ۽  نصير خان نوري

لوهيءَ جي رڻ ۾ ستل سردار عطاءُ الله مينگل خان ڏانهن پوءِ ٿا هلون، اول ٿورو ذڪر افغانستان ۽ قلات جي سياسي تعلق ۽  نصير خان نوريءَ جو ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ جو لوهيءَ سان نصير خان جي بہ هڪ نسبت جڙيل آهي.

نصير خان احمدزئي ’خوانين قلات‘ جو مشهور حڪمران هو. نصير خان 1749ع کان 1794ع تائين قلات جو خان رهيو. هُو ”خوانين قلات“ ۾ سڀني کان مشهور حڪمران هو. ”نوري“ ۽ ”ولي“ سندس لقب هئا. افغانستان جي حڪمران نادر شاھ جي قتل کان پوءِ احمد شاھ ابدالي سندس سلطنت جو وارث بڻيو تہ ، هُن نصير خان جي اقتدار کي تسليم ڪيو ۽ کيس مير محبت خان جي جاءِ تي قلات جو خان مقرر ڪيو. محبت خان، نصير خان جو ويڳو ڀاءُ هو، جنهن جي ماءُ جدگال قبيلي مان هئي.

ڊاڪٽر حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب ”مڪران: عهدِ قديم سي عهدِ جديد تڪ“ ۾ لکي ٿو تہ : ”نصير خان، احمد شاھ ابداليءَ جو خاص جنرل هو. هن جو رتبو سردار جھان خان کان پوءِ هو. نصير خان ڪيترن محاذن تي احمد شاھ ابداليءَ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هو خراسان ۽ هندستان جي ٽن حملن ۾ احمد شاھ ابداليءَ سان گڏ هو. اڳتي هلي جڏهن احمد شاھ ابداليءَ کي هندستان ۾ شڪست مٿان شڪست ملي، تہ نصير خان موقعو ڏسي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. انهن شڪستن کان پوءِ احمد شاهه ابدالي هندستان پاسي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ هُن هر طرح ڪوشش ڪئي تہ ، نصير خان سندس ساٿ ڏئي ۽ ساليانو خراج، جيڪو ابدالي، قلات کان وصول ڪندو هو، اهو نصير خان ادا ڪري، پر نصير خان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ احمد شاھ جي خلاف اڍائي لک بلوچن جو لشڪر گڏ ڪيو.

احمد شاھ ابداليءَ انهيءَ جي جواب ۾ وزيراعظم شاھ ولي خان جي اڳواڻي ۾ هڪ لشڪر نصير خان سان مقابلي لاءِ روانو ڪيو… نصير خان، ابداليءَ جي فوج سان مقابلي لاءِ تيار هو. نصير خان پنهنجي فوج کي مستونگ جي علائقي ۾ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پڙنگ آباد ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ احمد شاھ ابداليءَ جي وزير اعظم شاھ ولي کي شڪست ملي. ان بعد احمد شاھ ابدالي پاڻ هڪ وڏي لشڪر سان مستونگ پھتو، جتي ٿيل ويڙھ ۾ نصير خان کي شڪست ملي.

نصير خان مستونگ ڇڏي قلات ۾ قلعي بند ٿيو. چاليهن ڏينهن تائين گهيرو ڪري رکڻ کان پوءِ احمد شاھ ابداليءَ صلح تي راضي ٿيو. صلاح نامي کان پوءِ ٻنهي جي دوستي بحال ٿي ۽ هڪ ٺاھ ڪيو ويو، جنهن مطابق، ”خان آف قلات آئيندي افغانستان کي ڪو خراج نہ ڏيندا، نہ ئي بلوچستان ۽ قلات هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندا. جيڪي علائقا احمد شاھ ابداليءَ، افغانستان قبضي ۾ ڪيا آهن، اُهي هو خان آف قلات کي واپس ڪندو.“

”ان ٺاھ کان پوءِ احمد شاھ ابداليءَ، نصير خان جي سئوٽ کي رشتو ڏيئي پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو.“

حميد بلوچ وڌيڪ لکي ٿو تہ ”نصير خان ان کان پوءِ ڪيچ جي حاڪم ملڪ دينار گچڪيءَ خلاف جنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي هن مذهبي رنگ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ڪيچ جا گچڪي ذڪري فرقي سان تعلق رکندڙ هئا. آخري لڙائي 1778ع ۾ لڳي. ملڪ دينار جنگ ۾ مارجي ويو. اهڙي طرح پنجگور، ڪيچ ۽ گوادر نصير خان جي هٿ هيٺ آيا. ان جنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.“

ڊاڪٽر حميد لکي ٿو تہ ”نصير خان جو ڪيچ مڪران تي حملو بلوچستان جو ڪارو باب آهي. هن نہ فقط قتل عام ڪيو، پر مڪران جي بزرگن جون هڏيون بہ قبرن مان ڪڍي ساڙيون هيون.“ ان جي باوجود نصير خان جي دور ۾ ڪجهہ وقت متحده بلوچستان جو خواب پورو ٿيو.

هاڻي اچون ٿا وري پنهنجي سفر تي:
اسان جو سفر ”وڍ“ شهر جي اوڀر پاسي، ”لوهي“ واري علائقي ڏانهن هو. رستو پڪو تہ هئو، پر ٽُٽل هو. ڪارا ڇمر آسمان تي ڇائنجي رهيا هئا. رستي سان گورم (ڍڳين) ۽ اَئيَن (ٻڪرين) جا ڌڻ پنهنجن وٿاڻن ڏانهن موٽي رهيا هئا. پڪي رستي تان هيٺ ڇڻي (لهي) ڪچي رستي تي آياسين. ڳَئي (گوڙ) سان گڏ ڇيھہ (کنوڻ) جي چمڪاٽ سان گڏ ڦڙ ڦڙ شروع ٿي ويئي. ڪچي رستي سان، ڪجهہ ڍورن کي پار ڪري اسان پوٺي تي آياسين. پري کان هڪ قبر تي بي اين پي جو جهنڊو ڦڙڪندي نظر آيو. قبر سان بہ جهنڊو ويڙهيل هو. اِن رڻ ۾ اها اڪيلي قبر بلوچ سردار عطاءُ الله مينگل جي هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري هئي.

هي علائقو، جنهن کي ”لوهي“ چون، اهو ”وڍ“ شهر کان پنج  ڪلوميٽر اوڀر پاسي آهي. قبرستان سان گڏ ”لوهي جهل“ جي ڪناري زيتون جو هڪ قديمي وڻ آهي، جنهن لاءِ هتان جي ماڻهن ٻڌايو ته، ”اهو خان ناخت آهي،“ معنيٰ خان (نصير خان نوري خان آف قلات) جو زيتون جو وڻ. چشمي جي وهندڙ پاڻيءَ کي ”جهل“ چيو ويندو آهي.

عطاءُ الله مينگل کي اها جاءِ پسند هئي. خان آف قلات نصير خان، جيڪو ”نوري“ ۽ ”ولي“ جي نالي سان مشهور آهي، اهو جڏهن جهالاوان ڏانهن ايندو هو ته، انهيءَ جاءِ تي پڙاءُ ڪندو هو ۽ زيتون جي ان وڻ هيٺان ويهندو هو. ”لوهي جهل“ ۾ برسات کان پوءِ گهڻي عرصي تائين صاف پاڻي وهندو آهي. براهوي قبيلي ۾ مشهور آهي تہ ، ”هيءُ وڻ ڀاڳ جي نشاني آهي.“
ان جي اتر پاسي، ٿورو پري هڪ گهر هو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو تہ ، ”اهو جاويد مينگل جو آهي.“

گذريل ڪيترن سالن کان سياست کان پاسيرو ۽ خاموش رهندڙ عطاءُ الله مينگل هن جاءِ جي تاريخ کان واقف هو. اڄ هو جڏهن هتي دفن ٿيو آهي تہ ، ”لوهي“ جي هن ويراني ۾ ۽ نصير خان نوريءَ سان منسوب ”خان ناخت“ کي بين الاقوامي شهرت ملي آهي.

”وڍ“ جي مينگلن جو اباڻو قبرستان وڍ شهر پويان آهي. شهيدن جو قبرستان ”لوهي“ کان اڳيان ”دودڪي“ واري جاءِ تي آهي. هتي نورا مينگل سميت ٻيا شهيد دفن آهن. ”دودڪي“ ۾ هڪ اجتماعي قبر بہ آهي، جنهن ۾ انگريزن سان ويڙھ ۾ شهيد ٿيل دفن آهن. هتي انهن جي ٺهيل هڪ يادگار تي سڀني جا نالا لکيل آهن.

(گل حسن ڪلمتي ۽ ڪاوش دنيا ميگزين جي ٿورن سان)

_____________________________

  1. ”وڍَ “ ڏانهن ويندَي-1

  2. ”وڍَ “ ڏانهن ويندي-2

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close