18 فيبروري مريخ تي عيد، ڏياري جو ڏينهن

الفت حسين پتافي

ايندڙ 14 فيبروري تي "ويلينٽائن ڊي” جي ته سڀني کي خبر آهي، پر 18 فيبروري تي ناسا طرفان ڇڏيل پريزروينس روور Preservance Rover يا روبوٽ گاڏي چار ڪروڙ ستر لک ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري مريخ تي لهندي، ان بابت اسان پارن کي شايد ئي ڪو پتو هجي!

مريخ سياري تي پهچڻ ته سولو آهي، پر اتي لينڊ Land ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو آهي. کوڙ سارن سببن منجهان سڀ کان وڏو مسئلو مريخ تي شديد مٽيءَ جا طوفان آهن. مريخ تي اٿندڙ مٽيءَ جا طوفان ڪيئي ڪيئي هفتا هلندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پوري سياري تي پکڙجي ويندا آهن، Engulfing entire planet ، ان صورت ۾ اربين روپين جي لاڳت سان موڪليل روبوٽ گاڏين جو اتي لهڻ وڏو مسئلو هوندو آهي.

هيڪر لينڊ ڪرڻ کان پوءِ روبوٽ مريخ جي سطح تي رلندا وتندا آهن. هو مريخ جي پٿريلي سطح کي ڊرل ڪري ۽ نمونا چڪاس خاطر زمين تي موڪليندا آهن ۽ ان انفارميشن جي بنياد تي انسان مريخ جي سطح جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ کي اپڊيٽ ڪندو رهندو آهي.

ڪيترن سالن جي ان معلومات جي آڌار تي هن وقت تائين سائنسدان مريخ جي سطح کي کنڊن ۾ ورهائي چڪا آهن، مختلف جاگرافيائي فيچر رکندڙ علائقن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي چڪي آهي، ڪٿي انساني ڪالونيون ٺهڻيون آهن، ڪٿي تجربيگاهون ٺهڻيون آهن، ڪٿي وڻڪاري ڪرڻي آهي، ڪٿي سنڌين کي آباد ڪرڻو آهي، سڄي پلاننگ ٿيل آهي.

مريخ جي سطح جي حوالي سان ڪجهه تفصيل هن ريت آهي ته:
° جئين ته مريخ سائيز ۾  زمين کان ڪافي ننڍو آهي، ان ڪري مريخ جي ڪور يا ڳِڀ به ننڍي هوندي، جيڪا مريخ جي شروعاتي سالن ۾ ته active هئي ۽ مريخ جي پنهنجي ميگنيٽڪ شيلڊ هئي جيڪا سج جي الٽراوايوليٽ ريز کي روڪي رکندي هئي ۽ مريخ تي پاڻي به موجود هو. مريخ جي جاگرافيڪل اسٽڊي مان خبر پئي آهي ته مريخ تي ٻه ارب سالن تائين پاڻي موجود هو، درياه هيا، سمنڊ هيا، وهندڙ پاڻيءَ جا آثار مريخ تي اڄ به موجود آهن. ٿي سگهي ٿو مريخ تي زندگي جي ارتقا به ٿي هجي.

° مريخ سائيز ۾ ننڍو هجڻ ڪري سندس ڪور آهستي آهستي inactive ٿي وئي، نتيجي ۾ سج جي الٽراوايوليٽ ريز سڄي مريخ جي سطح تان پاڻي کي ايواپوريٽ(evaporation) ڪري خلا ۾ اڏائي ڇڏيو، پر جيڪو پاڻي مريخ جي مٽيءَ ۾ هيو، يعني جر جو پاڻي، اهو اڄ به موجود آهي ۽ ڪڍي ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿو.

° انسان جيڪڏهن مريخ کي زمين جهڙو بڻائڻ چاهي ٿو ته مريخ تي ٽيرا فارميشن tera formation ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ مريخ جي سطح جو گرمي پد ڪاٽو چاليھ مان واڌو چاليھ تائين وڌائڻو پوندو، ان لاءِ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جون فيڪٽريون لڳائي سج جي روشني کي trap ڪرڻو پوندو.

° مقناطيسي شيلڊ کي وري بحال ڪرڻو پوندو جيئن سج جي الٽراوايوليٽ ريز مان جان ڇڏائي سگهجي.

° جئين ئي گرمي پد وڌندو مريخ جي سطح جي هيٺ موجود پاڻي سطح تي اچي ويندو، ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي ڪري مريخ جو فضائي تھہ يا atmosphere جڙڻ شروع ٿي ويندو، ٻوٽا ۽ وڻ وڏي پئماني تي پوکبا ۽ آهستي آهستي مريخ هڪ سائو سيارو ٿي ويندو ۽ مريخ ايندڙ ڪيترن ئي هزار سالن تائين انسان جو ٻيو گهر رهندو.

° مريخ جي مڪمل ٽيرا فارمنگ ۾ هڪ سئو سال لڳي ويندا، جي انسان 2025ع  تائين مريخ تي وڃي ٿو، ته  2125ع سال تائين مريخ تي هارپي، وڻ ٻوٽا پيدا ڪرڻ ۽ مزدوري لاءِ ڪيترائي شر چانڊيا مگسي پتافي ابڙا گوپانگ پليجا ڏيٿا منگي ڪلهوڙا ڪولهي لاشاري، مينگهواڙ آباد ٿي چڪا هوندا ۽ پنهنجا ڳوٺ هوندن ۽ هُو اُتي هر 18 فيبروري تي عيد ديوالي پڻ ملهائيندا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close