سنڌي ادب جو تاج، تاج بلوچ

محمد رمضان جوکيو

اهو سنڌ جي چيڪي مٽي جو ڪمال آهي جو هن ڌرتي اهڙن جوڌن کي جنم ڏنو آهي جن تي خود سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سدائين ناز ڪندا رهندا آهن. اهڙن اڻ ملهه ڪردارن منجهان تاج بلوچ پڻ هڪ آهي.
سنڌي ادب ۾ تاج بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ ليکڪ جو اصل نالو تاج محمد بلو جتوئي هو. سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعري جي هن وڏي نالي واري شاعر، اديب، نقاد ۽ صحافي جو جنم 25 مئي 1940ع تي اتر سنڌ جي ضلعي سکر جي تعلقي پنو عاقل ۾ ڳوٺ سردار محمد مراد خان بلي ۾ جتوئي قبيلي جي هڪ زميندار ۽ تر جي چڱي مڙس نور محمد جي گهر ۾ ٿيو.

شناختي ڪارڊ ۽ نوڪري جي رڪارڊ مطابق تاج بلوچ جو جنم 6 اپريل 1938ع آهي. جڏهن ته تاج بلوچ پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۽ ادبي حوالن ۾ پنهنجي تاريخ پيدائش 25 مئي 1940ع ڄاڻائي آهي. ۽ هو هر سال پنهنجو جنم ڏينهن پڻ 25 مئي تي ملهائيندو هو

تاج بلوچ مهراڻ رسالي جي شخصيت نمبر کي اماڻيل پنهنجي هڪ تعارف ۾ پنهنجي جنم ڏينهن جي درست تاريخ 25 مئي 1940ع ڄاڻائي آهي.
”پاڻ پنهنجو مختصر تعارف هن طرح اماڻيو اٿس؛
نالو؛ تاج محمد، جتوئي بلوچ
تخلص؛ تاج بلوچ
تعليم؛ بي اي
جنم جي تاريخ؛ 6_4 1938ع سرڪاري رڪارڊ موجب
درست؛ 25 مئي 1940ع“
سنڌي ادب ۽ ٻولي جي هن نالي واري شاعر تاج بلوچ پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ناڻي کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزي آفيسر طور ڪئي. جتي هن 25 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ 1998ع ۾ رٽائر ٿيو.
تاج بلوچ لڳ ڀڳ 20 سالن جي عرصي تائين پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي ۾ ڪم ڪيو. هن پي ٽي وي جي مختلف پروگرامن، مخزن، سنڌ سينگار ۽ مهراڻ رنگ ۾ ڪمپئرنگ ڪئي.
هن اليڪٽرونٽ ميڊيا ۾ 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي جي وچ ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڪمپئر، اسڪرپٽ رائٽر ۽ ڊرامن ۾ حصو روتو هو.
تاج بلوچ ڊگهو عرصو مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو هو. جنهن ۾ عوامي آواز، هلال پاڪستان، عبرت ۽ هفتيوار برسات اخبار شامل آهي.ان کان علاوه تاج بلوچ مانامه لطيف رسالو به ڪڍيو.
تاج بلوچ 70 واري ڏهاڪي ۾ معروف ادبي رسالي سوجهري جو ايڊيٽر پڻ رهيو هو. رٽارئرمينٽ کانپوءِ هن سوجهرو ٻيهر جاري ڪيو جيڪو لڳ ڀڳ سترنهن سال پابندي سان نڪرندو رهيو.
هي زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل رهيو. هو ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل پڻ رهيو.
تاج بلوچ 20 سالن تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
هو گهڻ پڙهيو ۽ ڇتي ڪمٽمينٽ وارو شاعر، ڪهاڻيڪار، صحافي، ايڊيٽر ۽ نقاد هو. هن زندگي جو طويل عرصو سنڌي ادبي سنگت، پارٽي ۽ پارٽي جي علمي ۽ ادبي تنظيمن کي ارپيو هو.
تاج بلوچ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ڪميونيسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان آمريت خلاف هلچل هلائيندڙن جو ڀرجهلو ساٿي رهيو. ۽ ٿاڻي جا آزار برداشت ڪيائين. انهي عرصي ۾ هن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هر اول دستي جي سپاهي جيان ڪردار ادا ڪيو.

سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ تاج بلوچ جو وڌو هٿ هو. هن سوجهرو رسالي جي ذريعي سان ڪيترن ئي نوجوان اديبن کي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايو. جيڪي اڄ سنڌي ادب جي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

تاج بلوچ بنيادي طور تي رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر هو. هن ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي تخليقي سفر ۾ معياري ادب تخليق ڪيو آهي. نقادن کيس سنڌي غزل جو شهزادو ڪوٺيو آهي. پر هن جا نظم پڻ فڪري ۽ نظرياتي طور تي سگهارا ۽ اتساهيندڙ آهن.

تاج بلوچ جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هو ادب جي ميدان ۾ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو، روزاني نيئن زندگي سنڌ جي ٻاراڻي صحفي کان وٺي، ويڪلي آزاد، ويڪلي اخبار وطن، ويڪلي برسات، ماهوار برسات، ماهوار سوجهرو جي شروعاتي دور (73_1968ع) کان ويندي ماهوار لطيف ۽ ماهوار سوجهرو 1999ع کان مسلسل 17 سالن تائين جاري رکيائين.
سنڌي ادب کي پنهنجي زندگي جي اڌ صدي ڏيندڙ تاج بلوچ جي شاعري جا چار ڪتاب ڇپيا آهن. سندس شاعري جو پهريون مجموعو درد جوصحرا (شاعري) 1970، (ٽي ڇاپا)، ٻيو مجموعو خوشبو جو زهر (شاعري) 1987، (ٽي ڇاپا)، ٽيون مجموعو لفظن جو ماتم (شاعري) 1994، (ٻه ڇاپا) ۽ ڇوٿون مجموعو دل جزيرو اداس سپنن جو (شاعري) 2002، (ٻه ڇاپا) ڇپيا آهن.
تاج بلوچ جي شاعري جو ڪليات ”چچريون چچريون خواب“ نالي پڻ 2011 ۾ ڇپيو آهي. سندس شاعري جي هڪ ڪتاب جو لطيف نوناري (گريف ان ٽيٽرس) جي نالي سان انگريزي ۾ پڻ ترجموڪيو آهي.

تاج بلوچ جو هڪ اردو ڪتاب ” امن ڪي تلاش“ نالي 1976ع ۾ ڇپيو. تاج بلوچ جو ”ٽين دنيا جا مسئلا“ نالي سياسي سيرت ڏيندڙ ڪتاب پڻ ڇپيل آهي.

ان کان علاوه تنقيد جي موضوع تي تاج بلوچ جو ”جديد ادب جو تجزيو“ نالي سان ڪتاب لکيل آهي.
تاج بلوچ هڪ نقاد جي حيثيت سان به پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي. هي پنهنجي دور جو سجاڳ نقاد هو. ان ڪري هن پنهنجي دور يا ان کان اڳ جي ننڍي کان وڏي شاعر تائين کي پڙهيو هو. ۽ انهن جي اصلاح لاءِ مرڻ جي آخري گهڙي تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. ۽ هو پنهنجي تعميري تنقيد سان پنهنجي نوجوان شاعرن کي گس ڏسيندو ٿو.

تاج بلوچ جيئن ته هڪ سجاڳ اديب هو. هو وقت آهر هر صنف ۾ لکندو رهيو. هو دور حاضر جو معروف نقاد هو. ڇو ته وٽس تمام گهڻو مطالعو ٿيل هو ۽ هو ان مطالعي جي آڌار تي ڪنهن به فن پاري کي آسانيءَ سان توري تڪي ان جو ملهه لڳائيندو هو.
تاج بلوچ پنهنجي تعميري تنقيد سان پنهنجي نوجوان شاعرن کي وقتائتا ۽ لاڀائتا گس ڏيکاري ٿو. هو نئين نسل لاءِ رول ماڊل جو ڪردار هو.
تاج بلوچ پنهنجي ماسٽر جي ڊگري صحافت ۾ ڪئي آهي. هو هڪ ڄاڻو صحافي هو. هو پنهنجي لکڻين وسيلي عام ڳالهه ۽ عالم مسئلي کي خاص مسئلي جو مقام وٺرائي ٿو.
هن پنهنجي صحافي دور ۾ ملڪ جي نامور ليکڪن، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کان انٽرويوز ڪيا آهن. جيڪي اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ هڪ قسم جو واڌارو آهن.

تاج بلوچ بحيثيت ترجمه نگار جي ڪيترن ئي مشهور ٻِين ٻولين جي شاعرن جي شاعري کي سنڌي ٻولي جي ويس ۾ ائين پيش ڪيو جيئن اها شاعري سنڌي ٻولي جي شاعري هجي. هن وٽ اهو فن هو جو هو لکڻي کي سندس لفاظي وڳي، ڪيفيت ۽ سندس روح سميت ترجمو ڪري ٿو. هن وڏي مهارت سان لکڻي جو روح سنڌي ۾ منتقل ڪيو آهي.سندس ترجما اوس اصلي ٻولين کي ڇهن ٿا. هن وٽ ڏات سان گڏ خوبصورت ڏانءُ به آهي جنهن جي آڌار تي هو خوبصورت کان خوبصورت ترجمو ڪري سگهي ٿو.
تاج بلوچ دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ کي تمام گهڻي سولي نموني سان سمجهايو ۽ وائکو ڪيو آهي. هو لطيف جي شاعري مان ”پيڙا“ جي ڪيفيت وارن بيتن جي چونڊ اهو ٻڌائي ٿي ته هو لطيف کي ڪيتري قدر سمجهي سگهيو آهي.

تاج بلوچ دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو سڇو پارکو هو. ۽ شاهه جي شاعري تي تمام گهڻو لکيائين. ۽ جنهن سولائي سان هن شاهه جو فڪر وائکو آهي ائين شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي.
تاج بلوچ جن ليکڪن جا ترجما ڪيا آهن انهن ۾ رسول حمزه توف، پئبلو نرودا، سارتر، ٽي ايس ايلٽ، اعجاز رحيم ۽ شيلي شامل آهن.

تاج بلوچ تمام سٺيون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. اهي ڪهاڻيون هن معاشري جا سڌا عڪس آهن. تاج بلوچ پنهنجي هن ڪهاڻين ۾ معاشري جون ڳالهيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا آهن. ۽ گهڻو سگهارا آهن. ڪٿي به ڪو ڪردار ڪنهن ٻئي ڪردار تي حاوي ٿيندي نظر نٿو اچي.

تاج بلوچ پنهنجي فن جي ذريعي ڪهاڻين ۾ چونڊيل ڪردارن مان هر هڪ سان انصاف ڪري ٿو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. جن ۾ آرسي، اکڙيون رت رئن، پيءُ مهانڊو وغيره شامل آهن.
تاج بلوچ 04 جون 2020ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ماڊل ڪالوني ڪراچي جي قبرستان ۾ آهي.
جسماني طور ته تاج بلوچ اسان وٽ موجود ناهي پر روحاني طور هو هميشه سنڌ واسين جي دلين ۽ سوچ ۾ رهندو. سندس علمي پورهيو هر هنڌ ۽ هر وقت سنڌ واسين جي رهنمائي ڪندو رهندو.

Related Articles

One Comment

  1. ڪالھہ رات سَپني ۾..!
    اياز سان مليو ھيم،
    تو بابت لکيل اڌورا نظم ڏيکاري
    ڪئين ڪجن پورا؟ پڇيو ھيم.
    اياز اڳيان توکي گھڻو پَڏايو
    تنھنجي باري ۾ وڌيڪ ھُيَم ٻُڌايو:
    ته اُداسي به جَشن ملھائيندي آھي،
    تنھنجي رُخَ جي ڀِڪَ وَٺي.
    جيڪا به ديد تو مٿان پَئي
    سا بيٺي رھي ٽِڪَ وَٺي.
    نيڻن اڳيان مُسڪراھٽون تنھنجون
    سُڪون جا پَرچَم کَڻي،
    اندر ۾ پلجندڙ درد ۽
    ٿڪاوٽ کي ڌَڪَ ھڻي،
    ويڙھاڪ ادائُن جي زورَ تي
    دل جي مُلڪَ کي فتح ڪَن ٿيون،
    تنھنجون سڀ ادائون داداگير آھن
    مَعصوم نيڻَن جون ننڊون کنڀي لاپتا ڪَن ٿيون.
    تنھنجي ڳالھائڻ جي صرف ڍَنگ آڏو
    سڀُ حُسُنَ سَجدي ۾ جَھڪِيَل آھن.
    ڄڻ سڀ لاڙين جا لَھجا
    تو وٽ گڏ ٿِيَل آھن.
    شخصيت تنھنجي بَڻي وڏي ھستي آ.
    ھاڻي توکي تنھنجي لھجي جي مستي آ.
    جڏھن بي رخيءَ جو انداز اپنائين ٿي.
    دل جي نگر ۾ تباھي مچائين ٿي.
    پوءِ اياز تنھنجي تصوير ڏٺي
    گھوريندو رھيس شايد ياد آيس پنھنجي مٺي
    توکي واديءِ مھراڻ جو عڪس ڪوٺيائين.
    تنھنجي کوڙ ساري تعريف ڪندي چيائين
    جن لفظن سان نظم لڳندو پورو،
    سي اڃا تو ٻُڌا ناھن.
    ھا سڀ اُھي لفظ استعمال ڪَبا
    جيڪي ٻوليءَ جا خُدا آھن.
    پوءِ مون ھٿ جوڙي عرض ڪيو
    ڀلا قبلا پنھنجي ڏات مان ئي ڪجھه لکو.
    اياز ھڪدم مُرڪي ھيو پيو.
    ۽ بخاريءَ کي ھيائين سڏ ڪيو.
    ڊگھي صلاح کان پوءِ
    ھڪ نظم لکيو ھيائين،
    سڏ ڪندي چيائين
    ڇوڪرا…! نظم ته مون آھي لکيو،
    پر بخاريءَ کي اڃا پيو لڳي اڻپورو.
    تون صبر ڪر مان ڀٽائي سان مِلان،
    وَڏي کان ڪجھه ويچار وٺان.
    پوءِ تنھنجو نظم ٿو پورو ڪيان.
    پوءِ تنھنجو نظم ٿو پورو ڪيان.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close