موٽر سائيڪل کي تازي پيل برسات جي پاڻي کان بچائيندي، ڪجهہ گهٽيون ڪراس ڪري جڏھن مين روڊ تي پھچي، شھر کان ٻاھر ويندڙ رستي تي ھلڻ لڳو تہ مون پڇيو.
”شھر کان ٻاھر ڪيڏانھن ڪاڪا؟“
مان کيس ڪاڪو سڏيندو ھيس.
”يار موسم جو مزو وٺڻ شھر کان ٻاھر“
ھن خوشگوار موڊ ۾ ورندي ڏني.
مون بہ وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بدران آسمان ڏانھن نھاريو آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھيا ۽ رکي رکي تيز ھوا جسم سان لڳي عجيب قسم جو مزو ڏئي رھي ھئي. شھر کان ٻاھر اچي. ٻھراڙيءَ جو علائقو شروع ٿيندي ئي، حميد موٽرسائيڪل جي اسپيڊ گهٽ ڪئي.
آئون الاءِ تہ گهڻي عرصي کان پوءِ شھر کان ٻاھر نڪتو ھيس.
شھر کان پري ۽ ٻھراڙي جو علائقو شروع ٿيندي ئي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ وقت جي رفتار رڪجي وئي ھجي. سڪون ئي سڪون محسوس ٿيڻ لڳو ھو. ذھن جي تھ خاني مان يادگيريءَ جو ھڪ ڌنڌلو عڪس اڀري آيو. ڳوٺ جو ڌنڌلو عڪس، جنھن ۾ منھنجو ننڍڙو، معصوم وجود بي فڪريءَ منجهان گهمي رھيو ھو.
امڙ جون ٻُڌايل ڳالھيون جيڪي ان عڪس کي چٽو ڪنديون ھيون.
”ابا، ٻھراڙيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريوسين…
ڪو ويلو ماني کان بغير تہ وري اڪثر چتيون لڳل ڪپڙا پائيندا هياسين ۽ پير اگهاڙي…“
وڌيڪ ٻڌائيندي ھئي تہ ڪيئن نہ بابا مڙسي ڪئي. ڳوٺ ڇڏي شھر آيو. مزدوري ڪيائين ۽ مون کي پڙھايائين… ۽ وري مون کي ھڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ئي سھي، پر سٺي نوڪري ملي وئي ھئي.
”روايتي ڪھاڻي“ اھي يادون ايندي الاءِ ڇو دل ئي دل ۾ کلي مون سوچيو. ” اڄ بہ ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن جي ساڳي زندگي“
”ڪاڪا اڃان ڪيترو ٻاھر ھلندين؟“ مون حميد کان پڇيو.
”بس سھڻا اجهو ان موڙ تي پھتاسين“ ھن جواب ڏنو.
پر مان نہ سمجهي سگهيس تہ ڪھڙو موڙ؟
جلد ئي ھو وڏي روڊ کان لھي ڪنھن ڪچي رستي تي ھلڻ لڳو ۽ پوءِ ھڪ وڻ جي ڀرسان موٽرسائيڪل روڪيندي مون کي آڱر مٿي ڪري ھڪ ڪرڻ جو اشارو ڪري ھليو ويو ان وچ ۾ آءٌ ڪجهہ پري کان نظر ايندڙ ٻہ ڳوٺ ڏسي چڪو ھوس، ڪافي سرسبز علائقو ھيو.
جلد ئي حميد موٽي آيو.
”ڪجهہ ٻڌاءِ تہ سھي ڪيسيتائين ھلڻو آھي ۽ ايڏانھن ھلڻ جو مقصد ڇا آھي“ مون پڇيو.
”يار آءٌ ھڪ ٻئي دوست سان گڏ اڪثر ھن طرف ايندو آھيان“ حميد ٻڌايو.
”پر ڇو؟“
”اصل ۾ ھن رستي جي ٻنھي پاسن کان ڳوٺ آھن جن جي گهرن مان عورتون ۽ ڇوڪريون ڪم ڪار، سانگي نڪرنديون رھنديون آھن“
حميد جي چپن تي مرڪ اچي وئي ھئي.
”تہ پوءِ؟“ مون ڪجهہ ڪجهہ سمجهندي پڇيو.
”يار چتيون لڳل تہ ڪٿان ڦاٽل ڪپڙن مان سندن ظاھر ٿيندڙ جسم ڏسي…“ هو تصور ۾ ئي ڄڻ لذت حاصل ڪري رهيو هو
”ھل تہ واپس ھلون“
مون سندس ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي ڪنڌ ھيٺ ڪندي چيو.
”ڇو؟“ ھن حيران ٿيندي پڇيو.
آءٌ کيس نہ ٻڌائي سگهيس تہ چتيون لڳل ڪپڙن واري هر عورت ۾ مون کي پنھنجي ماءُ ڏيک ڏيندي آھي.