ڊارڪ ويب ڇا آھي؟

مير ٽالپر

پرڏيهه ۾ رهندي مان ڪجهہ مهينن کان هڪ تحقيق ڪري رهيو هئس، جيڪا هن آرٽيڪل ذريعي پڙھندڙن سان ونڊيان پيو ۽ اميد ڪيان ٿو ته منهنجي هن اليڪٽرو آرٽيڪل کي سنجيدگي سان ورتو ويندو، ڇاڪاڻ هي مختصر معلومات مون ڪيترن ئي مهينن جي محنت سان حاصل ڪئي آهي. گڏوگڏ مان عاجزانه طور ساڃاهه وندن ۽ دور انديش ذهن رکندڙ دوستن کي شيئر جي اپيل بہ ڪيان ٿو. هن آرٽيڪل پڙهڻ بعد گهڻن ئي ماڻهن جي لڱن جا وار ڪانڊارجي ويندا…

جھڙي طرح يوٽيوب هڪ هزار سبسڪرائبر ۽ چار هزار ڪلاڪ پورا ٿيڻ تي چينل تي رکيل وڊيوز تي 60 سيڪڙو منافعو چينل مالڪ کي ڏيندي آهي، اهڙي طرح پورن ويب سائيٽون به وڊيو ٺاهيندڙ کي 60 کان ستر سيڪڙو منافعو ڏين ٿيون.

يوٽيوب تي چار هزار ڪلاڪ ۽ هزار سبسڪرائبر پورا ڪرڻ واري شرط سميت مواد صاف سٿرو، اخلاقي ۽ پنهنجو ذاتي نئون ٺاهيل هجڻ جي شرط هجڻ ڪري ڪمائي ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوي ٿي. جڏهن ته پورن ويب سائيٽن تي هڪ ئي وڊيو ڪروڙ پتي بڻايو ڇڏي.. اهو منافعو يوٽيوب جيان شرطيہ نه پر صرف ۽ صرف هڪ وڊيو تي ملي ويندو آهي، جيئن جيئن پورن وڊيوز رکيون وينديون، تيئن تيئن منافعو وڌندو رهندو!

اگر وڊيو 240 ريزيوليشن تي هوندي ته پنج منٽن جي وڊيو جا 5 هزار اپ لوڊ ڪرڻ تي ۽ باقي ويوز وڌڻ جي صورت ۾ ملندا رهندا.

جيڪڏهن وڊيو ۾ آڊيو به هجي، ۽ ايڇ ڊي يا وري فور K ڪوالٽي جي هوندي ته وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ تي 20 هزار ۽ هر view, تي ڊالر جي حساب سان منافعو ملندو.
جڏهن ته اگر پورن وڊيو ڪنهن ٽين ايج، يا وري انڊر ايج نينگري جي هجي ته يا وري گينگ سيڪس جي هجي ته پنج منٽن جي هڪ وڊيو جا 50 هزار رپيا وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ وقت ۽ ٻيا پئسا ويوز وڌڻ تي تاحيات ملندا رهن ٿا.

انهي لالچ جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ، جتي غربت مفلسي ۽ جھالت وڌيڪ آهي، جا ڪيترائي نوجوان اڄڪلھ لِڪ ڇُپ ۾ اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هڪ اندازي موجب روزانو جي بنياد تي ڪروڙين رپيا پاڪستان، انڊيا بنگلاديش عراق متحده عرب امارات، ٿائلينڊ، فلپائن ۽ ڪوريا جي شهرين جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ٿين ٿا، جيڪي ڊونيشن ۽ فيملي سپورٽ جي مد ۾ ڏيکاري ٽرانسفر ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته اها ڪرنسي ٽرانسفر ڪرپٽو ۽ بٽ ڪوائن ۾ ڪئي وڃي ٿي. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ٽريس نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ تہ اها ڊي سينٽرلائيز ڪرنسي آهي، جيڪا ڪنهن به حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي.

هي ويب سائيٽون ڪوبه عام ماڻهو هلائي نٿو سگهي نه ئي ڪنهن برائوزر سان برائوز ڪري سگهجن ٿيون، انهن ويب سائيٽن کي ٽور نالي ويب سائيٽ سان برائوز ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ڊيپ ويب جو برائوزر آهي.

اهي وڊيوز نه ئي عام موبائل ۽ نيٽ سرور ڪمپني جي سروس ذريعي نه ئي لينڊ لائين سروس ذريعي اپ لوڊ ڪيا وڃن ٿا، جيڪي نوجوان پورن ويب تي ڪم ڪن ٿا انهن جي گهرن يا وري انهن جي اوطاقن يا بيٺڪن تي هڪ مخصوص ڊش انٽينا لڳل هوندي آهي، جنهن ذريعي اهي وڊيوز اپ لوڊ ٿين ٿا

توهان کي حيرت ان وقت ٿيندي، جڏهن پورن ويب سائيٽن تي سنڌي لکي سرچ ڪرڻ سان توهان کي هزارين سنڌي عورتن جون وڊيوز ملنديون.

جيڪي صاف آواز ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي رهيون هونديون آهن، اڪثر مردن جا چھرا لڪل ۽ عورتن جون شڪلون واضح هونديون آهن، جيڪي صاف لاڙي اترادي سنڌي لھجي ۾ ڳالهائي رهيون هونديون آهن.

هن وقت به هزارن جي تعداد ۾ اهڙيون وڊيوز آهن، جيڪي ڪاليجن، اسپتالن ۽ يونيورسٽين جي شاگردياڻين جون پورن ويب سائيٽس تي موجود آهن. جيڪي نج سنڌياڻيون آهن.

اهي وڊيوز يا ته انهن جي رضامندي، پيار محبت ۽ آسرا دلاسا ڏئي ٺاهيون وينديون آهن، يا وري سازشي طريقي سان لڪل جاءِ تي ڪئميرا لڳائي چوري سيڪس دوران رڪارڊ ٿيل هونديون آهن.

آفيشل رڪارڊ موجب پاڪستان ۾ گذريل سال 407 ريپ ڪيس ٿيا، جنهن ۾ اڪثريت ۾ اهي ڪيس پنجاب ۾ ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ريپ ۾ سڀ کان اڳڀرا رهيا

اهي سڀ ڪيس اهڙا هئا، جيڪي رڪارڊ تي آيا، جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ اهڙا ڪيس به آهن، جيڪي منظر عام تي نه اچي سگهيا،
پورن ويب سائيٽون ايتري رقم ڏين ٿيون جو هڪ وڊيو سال ۾ اپ لوڊ ٿيڻ تي پوري سال گهر ويهي کائي سگهجي ٿو

انهي ڪري ڪيترائي اهڙا گروھ سرگرم آهن، جيڪي ننڍي عمر جي نينگرين کي اغوا ڪري، انهن جون پورن وڊيو ٺاهي اپ لوڊ ڪن ٿا.
اهي ويب سائيٽون بليڪ ويب، ٽرينج ويب، ڊيپ ويب ۽ بلو ويب تي دستياب هونديون آهن، جيڪي عام ماڻهو نه ئي ڏسي سگهي ٿو نه ئي انهن تي ڪا وڊيو اپ لوڊ ڪري سگهي ٿو. انهن وڊيوز کي اپ لوڊ ڪرڻ جي لاءِ خاص مهارت سميت خاص اوزار درڪار هوندا آهن، جڏهن ته وڊيوز اپ لوڊ جي اسپيڊ به عام انٽرنيٽ جي اسپيڊ کان ڪيترائي ڀيرا تيز هوندي آهي.

جڏهن ته پورن وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خاص اڪائونٽ ٺاهيا وڃن ٿا، جن کي اسان جھڙي پوئتي پيل ملڪ جا انويسٽيگيشن ادارا به ٽريس ڪري ناهن سگهندا.

انٽرنيٽ کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا، هڪ اهو حصو آهي، جنهن کي سرفيس ويب چئبو آهي، جنهن تي اسان توهان ڪم ڪيون ٿا، جيڪو پوري انٽرنيٽ جو صرف ۽ صرف 4 سيڪڙو حصو آهي، باقي 96 سيڪڙو حصو ڊيپ ويب ۽ ڊارڪ ويب تي مشتمل آهي، جيڪو اسان عام ماڻهن جي نظر ۽ پهچ کان پري آهي.

هڪ ٻي حقيقت اها به آهي جيڪو چار سيڪڙو حصو آهي، ان کي جڏهن اسان گوگل ڪريون ٿا ته ان جو صرف ۽ صرف 16 سيڪڙو حصو اسان کي رزلٽ جي صورت ۾ ملي ٿو باقي 84 سيڪڙو حصو سرفيس ويب جو اسان جي نظر کان اوجهل آهي، مطلب ته چار سيڪڙو مان به اسان صرف 16سيڪڙو سرچ ڪري سگهون ٿا.

جڏهن ته ڊيپ ويب تي 585 بلين ويب سائيٽون موجود آهن، جن تي انتهائي رازداري واري معلومات ڊيٽا بيس موجود آهي. هي هڪ دلدل/ ڌُٻڻ آهي، جنهن تي هڪ ڀيرو جيڪو اچي ٿو، اهو ان مان ٻاهر هرگز ناهي نڪري سگهندو.

هن ڊيپ ويب سائيٽن تي هر روز ايتري ڏيتي ليتي ٿيندي آهي، جيتري سنڌ صوبي جي بجيٽ به نه هجي.

هن ڊارڪ ويب تي 80 سيڪڙو مواد ٻارن سان ظلم سيڪس ۽ اغوا ڪاري جي حوالي سان موجود آهي. انهن ويب سائيٽن کي آمريڪي انٽيليجنس به بند ناهي ڪري سگهي.

هي ڌنڌو اسان واري ملڪ ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي، ملڪي وقار ۽ ساک متاثر ٿيڻ جي ڊپ کان هن اشو تي ميڊيا تي بحث ۽ ذڪر ڪرڻ تي پابندي مڙهيل آهي. ان ڪري عام ماڻهو تائين اها معلومات پهچڻ تمام گهڻي مشڪل آهي.

آخر ۾ اهو به ٻڌائيندو هلان ته اهو وقت گذري ويو، جڏهن مني ٽرانسفر، مني لانڊرنگ ڪنهن ماڊل گرل يا هُنڊي ذريعي موڪلي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته انهن طريقن سان صرف ۽ صرف هڪ تعداد سان ئي پئسو ٽرانسفر ڪري پئي سگهيو، پر جڏهن پئسو اربين کربين ڊالر ٽرانسفر جو هجي ته هن ويب سائيٽس ذريعي بِٽ ڪوائن ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي اربين کربين رپيا پرڏيهه موڪليا وڃن ٿا.

هن آرٽيڪل کي رڪارڊ تي رکيو وڃي، ايندڙ وقت ۾ هن آرٽيڪل جو اکر اکر سچ ثابت ٿيندو. ۽ رياست پنهنجون پوريون توانايون استعمال ڪندي واويلا گهوڙا ڪندي
عوام ۾ انارڪي ۽ ميڊيا جا سمورا پنڊت مٿو ٻڌي هاٽ ٽاڪ شو ڪندي نظر ايندا.

جن جن دوستن هن آرٽيڪل کي پڙهيو، انهن کي منهنجي عاجزانه، مودبانه گذارش آهي ته براءِ مهرباني پنهنجي معصوم ٻارن ۽ نياڻين جي حفاظت ۽ سندن رهنمائي ڪندا رهو.. جيئن ڪنهن بگهڙ جي ڪريل ذهن جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن. مان توهان دوستن کي گذارش ڪندس ته هن آرٽيڪل کي شيئر ڪندا، جيئن هي معلومات ٻين دوستن تائين به پهچي سگهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close