سڀ ڪجهہ ممڪن آهي! (ڪھاڻي)

عزيزاللّہ خاصخيلي (ميرپورخاص)

ارمان ڪائنات کان سواءِ ايئن هو، جيئن روح کان سواءِ جسم، ڪنن کان سواءِ آواز ۽ آڪسيجن کان سواءِ انسان هوندو آهي.. ارمان ۽ ڪائنات پرائمري اسڪول کان ڪاليج جي ٻہ سالن تائين گڏ پڙهيا. ڪائنات جيڪڏهن اڳتي نه پڙهي ھا ته شايد ارمان چاهيندي به اڳتي نه پڙهي سگهي ها! ارمان جي ياداشت ڪائنات جي نسبت گهٽ هئي، ڪائنات اڪثر ارمان کي تنگ ڪندي چوندي هئي ته ”ارمان، جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي کان پري ٿي وياسين ته تون مون کي جلدي وساري ڇڏيندين!“

ارمان ڪائنات جي اها ڳالھ ٻڌي ايئن خاموش ٿي ويندو هو، جيئن مرڻ کان پوءِ مردو ٿي ويندو آهي. ڪائنات ارمان کان قد ۾ ننڍي هجڻ جي ڪري پيرن ۾ وڏي کڙي وارو سينڊل پائيندي هئي.

هڪ دفعو ڪائنات ارمان کي ڀاڪر ۾ ڀري نراڙ تي چمي ڏيندي چيو ته ارمان تو کان سواءِ آئون نا مڪمل وجود آهيان، منهنجو تو کان سواءِ جيئڻ ممڪن ناهي.

ارمان ڪائنات کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ وڌيڪ سوڙھو ڪري دنيا جي نظر کان لڪائي ڇڏيو. ڪائنات ڪجهہ وقت جي لاءِ ارمان جي گرم ڀاڪرن ۾ هلڪن سڏڪن سان روئيندي رهي.

ارمان ڪائنات جا لڙڪ اگهندي چيو ”ڪائنات منهنجي فيملي وارا ته راضي ٿي ويندا پر تنهنجا گهر وارا تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ راضي ڪونه ٿيندا، ڇو تہ منهنجي فيملي صرف هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهندي آهي ۽ تنهنجي فيملي جو هڪ فرد هڪ ڪمري ۾ رهندو آهي

ڪائنات چيو، آئون هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهڻ جي لاءِ تيار آهيان پر تنهنجو پري رهڻ منهنجي لاء وڏي پيڙا جي ڳالھ آهي!

ارمان چيو: ڪائنات آئون بابا ۽ امان کي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهہ ٻڌائي چڪو آهيان، امان ۽ بابا چون ٿا تنهنجي خوشي ۾ اسان جي خوشي آهي، جيڪڏهن تون ڪائنات سان زندگي خوشي سان گذاري سگهين ٿو ته ان کان وڏي اسان جي لاءِ ڪهڙي خوشي جي ڳالھ ٿي سگهندي

ڪائنات زندگي جو ايڏو وڏو فيصلو ٻڌي ڪجهہ دير جي لاءِ سوچ ۾ پئجي وئي. ارمان ڪائنات جي اکين تي آيل وارن کي هٽائيندي سوال ڪيو ته ڇا پئي سوچين؟
ڪائنات جواب ڏنو، ٺيڪ آهي! آئون سڀاڻي بابا ۽ امان سان پنهنجي ڳالھ ونڊينديس

ڪائنات ڪوشش ڪندي رهي ته هو پنهنجي ۽ ارمان جي باري ۾ ماءُ پيءُ سان ڳالھ ڪري پر بار بار ڪوشش ڪرڻ جي باوجود هو ناڪام ٿيندي رهي. ڪجهہ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڪائنات همت ڪري پنهنجي گهر وارن کي پنهنجي ۽ ارمان بابت ٻڌايو

ڪائنات جي ماءُ ۽ پيءُ ڪائنات جي ڳالھ ٻڌي ڪاوڙ ۾ خاموش ٿي ان وقت ته ڪائنات کي ڪجھ چئي ڪونه سگهيا، پر ڪجهہ هفتن کان پوءِ ڪائنات جي ڪاليج وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ڪائنات جو ٻئي ڪاليج ۾ داخلا ٽرانسفر ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ارمان مسلسل ڪاليج ويندو رهيو پر ڪائنات ڪيترن ڏينهن کان ڪاليج ڪونه آئي، نه وري ارمان جو ڪائنات سان ڪو رابطو ٿيو. ارمان ڪائنات جي ڪلاس جي دوستن کان پڇڻ لڳو ته انهن جواب ڏنو ته ڪا خبر ناهي، هڪ هفتي کان هن جو نمبر به بند پيو وڃي.

ارمان جو ڪائنات کان پري جيئن وقت گذرندو ويو تيئن ارمان جي طبعيت خراب ٿيندي وئي ۽ هو مسلسل بيمار رهڻ لڳو.

ڪائنات جا گهر وارا ڪائنات جي ٻي ڪاليج ۾ داخلا ٽرانسفر ڪرائي چڪا هئا پر ارمان کي ان ڳالھ جي سڌ ڪونه هئي. نئين ڪاليج ۾ ڪائنات پنهنجون نيون ساھيڙيون، نوان دوست ٺاهياـ ڪائنات نئين ڪاليج ۾ پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري چڪي هئي.

ساجد ڪائنات جو ڪلاس ميٽ هو، جيڪو ڪائنات کان پهرين ڪلاس ۾ تمام گهڻو غيرحاضر رهندو پر ڪائنات جي اچڻ کان پوءِ ڪلاس ۾ مسلسل حاضر رهڻ لڳو. ساجد ڪائنات کي تمام گهڻو پسند ڪرڻ لڳو.

هڪ ڏينهن ساجد ڪائنات کي پرپوزل ليٽر لکي ڪائنات جي پرس ۾ رکي ڇڏيو. ڪائنات گهر پهچي جيئن پرس کوليو ته ساجد جي هينڊ رائيٽنگ ۾ لکيل ليٽر پيو هو.

ڪائنات ليٽر کولي پڙهڻ لڳي.. ڪائنات ارمان کان پاڻ کي پري ٿيندي محسوس ڪيو ۽ ڪائنات پاڻ کي ساجد سان گڏ ڪاليج جي ڪوريڊور ۾ ڊوڙندي ۽ گھمندي ڦرندي محسوس ڪيو. ڪائنات ان هفتي جي آخري ڏينهن ۾ ساجد کي پنهنجائپ جا پوز هڻندي ايڪسيپٽڊ ليٽر لکيو، جنهن ۾ ڪائنات ساجد کي ارمان بابت سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيو پر ساجد ان جي باوجود ڪائنات سان ارمان کان به وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳو ۽ ڪائنات ساجد جي ڏنل محبت ۾ گم ٿي وئي.

جيئن ساجد ۽ ڪائنات جي محبت جو وقت گذرندو ويو، تيئن ڪائنات جي ذهن تان ارمان جي محبت جا ليڪا ڊهندا ويا. ساجد ڪائنات کي مڪمل طور پنهنجو ڪري چڪو هو ۽ ڪائنات جي هر خواهش پوري ڪئي. ڪائنات ساجد سان گڏ پنهنجو پاڻ کي ڪمفرٽيبل محسوس ڪيو ۽ رهجي ويل خوابن جي تعبيرن جا پاڇولا ڪائنات ڏانهن وڌڻ لڳا.

ساجد جي فيملي ڪائنات جي فيملي کان بزنس ۾ وڌيڪ ايڊوانس هئي. ڪائنات ۽ ساجد پنهنجي پنهنجي فيمليز کي هڪ ٻئي بابت ٻڌائي چڪا هئا ته اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪريون ٿا ۽ هميشه گڏ رهڻ جا خواهشمند آهيون. ٻئي فيمليز ساجد ۽ ڪائنات جي رشتي تي متفق ٿي ويون. هڪ مهيني کان پوءِ ٻنھي جي مڱڻي ڪرائي ڇڏي ۽ ڪائنات تي لڳايل سڀ پابنديون هٽي ويون.

ڪائنات جي مڱڻي ضرور ٿي پر ھوءَ ارمان سان ڪيل محبت جي قولن کي نڀائي ڪونه سگهي.

مڱڻي ٿيڻ جي ڪجهہ عرصي کان پوءِ ڪائنات ارمان کي رات جو هڪ بجي ميسج ڪيو ”هائي! آر يو ارمان؟“

ارمان ريپلائي ڏنو ”يس!“

ڪائنات وراڻيو ته هيلو ارمان آئي ايم ڪائنات! پليز مون کي معاف ڪري ڇڏ ۽ معافي سان گڏ مون کي هميشه جي لاءِ وساري ڇڏ!

ارمان جواب ڏنو ”ڪائنات ڇا ٿيو آهي؟ هي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين؟ ڪاليج ڇو ڪونه پئي اچين؟ هن وقت تون ڪٿي آهين؟“ ارمان سوال مٿان سوال ڪندو رهيو. ڪائنات بردباري سان ارمان جا سوال پڙهندي رهي ۽ پٿر جي دل سان مختصر جواب ڏنو ته ارمان منهنجي ساجد سان مڱڻي ٿي وئي آهي، هاڻ شايد پنهنجو ملڻ ممڪن ناهي!

ارمان ريپلائي ۾ جواب لکي ٿو ”ڪائنات ایئن نہ! هرگز ائين نه! اھو ناممڪن آهي! اهو ناممڪن آهي! تون ائين نٿي ڪري سگهين“

ڪائنات پٿر دل سان پنهنجو آخري ميسج ارمان کي لکي ٿي ”ارمان هتي سڀ ڪجهہ ممڪن آهي، ڪجهہ به نا ممڪن ناهي، ممڪن تہ ممڪن آهي پر نا ممڪن به ممڪن آهي۔۔ تون پليز هاڻ مون کي وساري ڇڏ! ڪڏهن بہ مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪجان۔۔ جيڪڏهن واقعي منهنجي عزت جي پرواھ ڪرين ٿو تہ ڪڏھن بہ منهنجو پيڇو نہ ڪجان!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close