ڪتاب ’فلسفو: اصول، حدون، تاريخ ۽ ارتقا‘ جو مختصر جائزو

راشد ڀنڀرو

شاگرديءَ جي زماني کان ئي فلسفو منهنجي دلچسپي جو خاص مرڪز رهيو آهي. عمر سان گڏوگڏ اها دلچسپي وڌندي وئي. البت تجربي ٻڌايو ته عملي زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ ۾ فلسفي کان گهڻي مدد نه ٿي ملي سگهي. اهو بيشڪ طبيعت ۾ هڪ قسم جي ويراڳ ڀري لاپرواهي پيدا ڪري ٿو ۽ اسين زندگي جي حادثن ۽ تڪليفن کي عام سطح کان مٿڀرا ٿي ڏسڻ لڳون ٿا. هر ماڻهو کي پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن سوچ ويچار ۽ فڪر جو ڪو نه ڪو اهڙو موقعو ضرور ملندو آهي، جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته گهٽ وڌ هر ماڻهو هڪڙو فڪر ۽ فلسفو ضرور رکي ٿو.

ھي ڪتاب ھندستان جي نامياري عالم، اديب ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل آھي۔ جنھن جو سنڌيڪار نواز خان زئور آھي۔

مولانا ابوالڪلام آزاد هڪڙو وڏو محب وطن، قومپرست، زبردست صحافي، عظيم نثرنگار، اسلامي علمن جو ماهر ۽ بلند درجي جو سياستدان هو. مولانا صاحب جي سموري حياتي لڳاتار جدوجھد ۽ جاکوڙ جو ڊگهو داستان رهي. هن اردو ٻوليءَ کي معيار جي هڪڙي نئين ذائقي کان واقف ڪيو. ايترين گهڻين ڳالهين جو هڪڙي ذات ۾ اچي گڏ ٿيڻ پڪ سان هڪڙو غيرمعمولي معجزو آهي.

فلسفي جي تاريخ ڪٿان شروع ٿئي ٿي؟ اهو سوال تمام اهم ۽ جواب طلب آھي جنهن تي وڏي ريسرچ جي ضرورت آھي. فلسفي جي لکيل ڪتابن مان اڪثر تاريخدان يونان کان فلسفي جي تاريخ جي شروعات ڪن ٿا ۽ دنيا جو پهريون فلسفِي ٿائيليس سمجهيو وڃي ٿو پر ابوالڪلام آزاد جو پنهنجي ڪتاب ’فلسفو، حدون ،تاريخ ۽ ارتقا‘ ۾ خيال آھي ته جنهن وقت يونان ۾ فلسفي جي شروعات ٿي هئي، اهو دور هندستان ۾ فلسفي جي عروج ڪمال جو دور هو ۽ هندستان ۾ گوتم ٻڌ ۽ مهاوير عظيم فلسفي هئا، پر هندستان ۾ فلسفي ۽ مذھبي جي هڪڙي شاهراه هجڻ جي ڪري ٻنهي فلسفين جي نظريئي تي مذهب جو رنگ چڙهي ويو۔ انهن جي شاگردن انھن فلسفين کي مذهبي اڳواڻ بڻائي ڇڏيو. انهي جي مقابلي ۾ يونان ۾ مذهبي عنصرن تي فلسفي جو رنگ چڙهي ويو، جنهن سبب اهي فلسفي سڏجڻ لڳا، تنهن ڪري اسان کي هندستان ۽ مصر جي فلسفي جي وڃايل ڪڙين تي تحقيق جي ضرورت آھي.

ان کانسواء ابوالڪلام آزاد جو خيال آھي يورپ جي تاريخدانن فلسفي جي تاريخ لکڻ بجاء فلاسافرن جي زندگين جو تذڪرو ڪيو، جنهن سبب به فلسفي جي اصل تاريخ لکي نه سگهجي آھي، جنهن ڪري فلسفي جي تاريخ فلسفي جي مختلف شعبن ۾ ورهائي ئي ڪا مستند ۽ جامع تاريخ لکي سگهجي ٿي.

مولانا آزاد هن ڪتاب ۾ فلسفي جي بڻ بڻياد، واڌ ويجهہ، ارتقا ۽ اصولن تي به بحث ڪيو آھي ته ان جي تاريخ جا ڍيرا پڻ ڦلھوريا آهن. ھن يوناني ۽ ھندستاني فلسفي جي تاريخ جا پڻ پيرا کنيا آھن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي انهن جي قدامت ۽ ھڪ ٻئي تي اثرن جو جائزو ورتو آھي. هو انهي جو جائزو وٺندي رڳو تاريخي پيرا ٿو کڻي ۽ تاريخ جي درستي ڪرڻ ٿو گهري، البته هو ان ڳالھ کي ڪنهن جي ڪنهن تي سبقت ۽ مٿڀرائي طور سامهون نٿو آڻي. هو ان سڄي سفر کي انسانذات جو گڏيل ورثو ٿو سمجهي. ھن ڪتاب ۾ مولانا فلسفي جي بنيادي اصولن کي گھرائي سان مطالعو ڪيو آھى۔

مولانا ابوالڪلام آزاد جو خيال آهي ته گوتم ٻڌ دنيا جي سمورن عظيم انسانن ۾ هڪ الڳ ٿلڳ ۽ نرالو مرتبو رکي ٿو. ماهر هن مامري تي ورهايل آهن ته مهاتما گوتم ٻڌ جو ڳاڻيٽو پيغمبرن جي سٿ ۾ ڪيو وڃي يا کيس فيلسفون جي صف ۾ بيهارجي؟ گوتم ٻڌ جي تعليم جي نوعيت آخر ڪهڙي آهي؟ سندس واعظن، نصيحتن ۽ ڳوڙهين ڳالهڙين کي الهامي ڪوٺڻ گهرجي يا وري انهن کي ڪنهن نئين فلسفياڻي دريافت سان ڀيٽيو وڃي؟ ان ڊگهي بحث جو نتيجو نيٺ اهو نڪتو آهي جو اڄ تائين مذهب ۽ فلسفو، ٻئي گوتم ٻڌ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهيا آهن. مولانا ابوالڪلام آزاد جي راءِ موجب گوتم ٻڌ کي پيغمبر بدران هڪ فيلسوف جي روپ ۾ ئي ڏسڻ گهرجي، ڇو ته هو هڪ فيلسوف وانگر زندگي جي گوناگون مسئلن جا حل تلاش ڪري ٿو. هو پيغمبرن وانگر خدا جي ڳولا تي زور نه ٿو ڏئي. گوتم ٻڌ شروع ۾ ئي چٽو ڪري ڇڏيو هو ته هن جو نقطہ نظر مابعدالطبعيات کان پرانهون آهي. تنهن ڪري هن جي تعليماتن ۾ نه ته خدا لاءِ ڪا گنجائش نڪري سگهي ۽ نڪي هن روح ۽ آتما جي تحقيق تي ئي زور ڏنو. گوتم ٻڌ پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوي ٿو ته روح جي وجود کي مڃڻ بلڪل ايئن ئي آهي، جيئن ڪو مرد هڪ اهڙي سهڻي عورت سان محبت جا پيچ پائي، جنهن عورت جو سري کان وجود ئي نه هجي. هو رڳو هن حقيقت تي پنهنجو پورو ڌيان ڏئي ٿو ته هڪ ماڻهو ڏک ۽ رنج مان هميشه هميشه لاءِ ڪيئن مڪتي ماڻي سگهي ٿو.

ڪتاب مان کنيل ڪجھ سٽون:

1. نہ داغ تازہ می کارد، نہ زخم کہنہ می خارد
بدہ یارب! دلےکین صورت بےجاں نمی خواہم!

”نہ ڪو نئون زخم ڪم ڏيکاري ٿو، نہ پراڻا گهاءُ خلش ڏين ٿا. اي منهنجا رب! هاڻ مونکي هڪ نئين دل عطا ڪر، ڇو تہ هي ڦڪي زندگي مونکي قبول ناهي.“

2. فلسفو شڪ جو در کولي ڇڏيندو ۽ پوءِ ان کي بند ڪري نه سگهندو ، سائنس ثبوت ڏيندي ، پر عقيدو ڏيئي نه سگهندي ، البت مذھب اسان کي عقيدو ڏئي ڇڏيندو ، جيتوڻيڪ ثبوت نه ٿو ڏئي ۽ ھتي زندگيءَ جا ڏينھڙا گهارڻ لاءِ فقط چٽين پٽين حقيقتن جي ئي گهرج ناھي. بلڪ عقيدو پڻ کپي ٿو.

3. ما نہ آغاز و ز انجام جہاں بے خبریم،
اول و آخر ایں کہنہ کتاب افتاد ست۔

”نه ان جي ابتدا جو ڪو پتو آهي، نه انجام جي خبر، هن پراڻي ڪتاب جا پهريان ۽ آخريان پنا ڦاٽل ۽ گم ٿيل آهن.“

4. رہروان را خستگی را ہ نیست،
عشق ھم راہست و ہم خود منزل است.

”جيڪي ماڻهو عشق جي راهه جا پانڌيئڙا هوندا آهن، انهن جا پير ڪڏهن به نه ٿڪجندا آهن. ڇو ته عشق راهه به پاڻ آهي ته منزل مقصود ۽ ماڳ به پاڻ آهي.“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close