هيءَ تصوير اُتر سنڌ جي بلوچن جي بُڙدي قبيلي جي سندراڻي پاڙي جي انگريزن جي دؤر جي هڪ سردار
مير علي مراد خان سندراڻي جي آهي، جنھن جي وفات سال 1913 ع ۾ ٿي هُئي. هي تصوير لڳ ڀڳ سال 1902ع جي نڪتل آهي. بنيادي طور تي هي مير علي مراد خان سندراڻين جو پنجون مير هو، جنهن کي انگريز سرڪار خانبھادر جو خطاب به ڏِنو هو. مير علي مراد خان سندراڻي جو تعلق سندراڻين جي سرداري پاڙي زيندياڻي سان هو. سندس ڳوٺ موجودہ ڪشمور ضلعي جي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ غوثپور شھر کان ٻہ ڪلوميٽر اوڀر طرف سندراڻي سردارن جو مشھور ڳوٺ دڙي هو.
مير علي مراد خان سندراڻي جو خانداني پسمنظر مختصر طور ڪجهه هن ريت آهي ته جڏهن سال 1783 ۾ سنڌ تي ميرن ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي هُئي ته ٽالپرن سڄي سنڌ ۾ بلوچن تي مير لقب سڏائڻ تي سختي سان پابندي لڳائي ڇڏي هُئي ڇاڪاڻ ته مير جو لقب بنيادي طور تي بلوچ نسل وارا قبيلا پنهنجي نالن سان لڳائيندا هُئا، پر هاڻي ٽالپر ميرن اعلان ڪَيو ته ٽالپرن جي شاهي خاندان جي ماڻھن کان علاوه ٻيو ڪو به شخص پنھنجي نالي سان لفظ مير نه لڳائيندو، يا وري اُهي صرف سردار پنهنجي نالن سان لفظ مير لڳائي سگهندا جن کي ٽالپر سرڪار طرفان مير جو خطاب ڏنو وڃي. باقي ٻئي ڪنهن به شخص ٽالپر حڪمرانن جي اجازت کان بنا جيڪڏھن پنهنجي نالي سان مير جو خطاب لڳايو ته اُنهيءَ کي ڇھ مھينا جيل ۾ واڙيو ويندو.
انگريزن جي به سڄي دؤر۾ اها پابندي اِيئن ئي برقرار رهي. جيڪڏهن توهان انگريزن جي دؤر جي سرڪاري رڪارڊ ۾ زمينن جي کاتن ، ديهن جي نقشن يا ايتري قدر جو ھزارين ايڪڙ زمين رکندڙ زميندارن جون انگريز دور جون ٺھيل قبرون به ڏسندا ته اُنھن تي سندن نالن سان توھان کي لفظ مير لکيل نه ملندو، بس وڌ ۾ وڌ لفظ وڏيرو لکيل ملندو. اُنهيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ مير جي خطاب جي حيثيت تمام گهڻو وڌي وئي جنهن جي اڳيان سردار لقب جي حيثيت تمام ننڍي ھوندي هئي.
سال 1791 ع ۾ ٽالپر ميرن جي سرڪار اُتر سنڌ جي علائقي بُڙديڪا ۾ رھندڙ بُڙدي قبيلي جي سندراڻي پاڙي جي هڪ سردار دليل خان سندراڻي کي مير جو شاهي خطاب ڏنو ته اڄ کان پوءِ مير دليل خان سندراڻي پنهنجي نالي سان يا سندس اولاد مير جو خطاب استعمال ڪري سگهن ٿا. اُنهيءَ سان گڏ ٽالپرن جي سرڪار روجهاڻ مزاري جي مزاري سردار کي به مير جو شاهي خطاب ڏنو هو . اهو ئي سبب آهي جو اُنهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين مزارين جا سردار پنهنجي نالي سان لفظ سردار نه پر لفظ مير لڳائيندا آھن سو مزاري قبيلي ۾ اڄ تائين اِها پابندي برقرار آهي ته صرف جنھن شخص تي مزاري قبيلي جي سرداري پڳ ھوندي آھي رُڳو اُهو هڪڙو شخص ئي مير جو خطاب استعمال ڪري سگھندو آهي، باقي ٻيو ڪو به مزاري پنهنجي نالي سان مير نه ٿو لڳائي سگهي پوءِ ڀَلي اُهو سردار جو پُٽُ يا ڀاءُ ڇو نه هُجي.
سو اُهو مير دليل خان سندراڻي پھريون مير ھو جنهن سال 1818ع ۾ وفات ڪئي. اُنهيءَ کانپوءِ سندس پُٽ مير عظمت خان سندراڻين جو سردار ٿِيو جيڪو سندراڻين جو ٻيو نمبر مير هو. مير عظمت خان کانپوءِ سندس پُٽ مير زين دين خان سندراڻي سردار ٿِيو . جڏھن انگريزن سال 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو هو ته اُنھيءَ وقت بُڙديڪا (موجودا ڪشمور کان ٺل جي وِچَ وارو علائقو) جي علائقي ۾ سندراڻين جو سردار هي مير زين دين خان سندراڻي هو جنهن سال 1863 ۾ وفات ڪئي. اُنهيءَ کانپوءِ سندس پُٽ مير واحد بخش خان سندراڻي سردار ٿِيو جنھن سال 1892 ۾ وفات ڪئي. مير واحد بخش خان سندراڻي جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ مير علي مراد خان سندراڻي سردار ٿِيو جنھن جي تصوير هيٺ ڏنل آهي. هي مير علي مراد خان سندراڻين جو پنجون مير هو جنھن سال 1913 ۾ وفات ڪئي هئي .
مير علي مراد خان سندراڻي جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ مير سندر خان سندراڻي سردار ٿِيو جنھن سال 1927 ۾ وفات ڪئي هُئي. هن مير سندر خان سندراڻي کي انگريز سرڪار سردار بھادر جو خطاب به ڏﻧﻮ هو. مير سندر خان سندراڻي جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ مير زين دين خان سندراڻي سردار ٿيو جنھن سال 1937 ۾ وفات ڪئي هُئي. مير زين دين خان سندراڻي جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ مير سندر خان سندراڻي سردار ٿِيو جنھن سال 2006 ۾ وفات ڪئي.
ڪنڌڪوٽ شھر جي صوبائي سيٽ تي لڳاتار چار دفعا ڪامياب ٿيندڙ مير عابد خان سندراڻي اُنهيءَ مير سندر خان سندراڻي جو پُٽُ آهي. سولي سنڌي ۾ کڻي اِيئن سمجهو ته هي مير علي مراد خان سندراڻي تازو 17 سال اڳ سال 2006 ۾ وفات ڪندڙ اٺون مير مشھور سندراڻي سردار مير سندر خان سندراڻي جو پڙ ڏاڏو هو.
ھتي توھان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته تاريخي طور تي ڪشمور کان ٺل جي وِچَ واري علائقي بُڙديڪا جي سڀني بُڙدين يا بُڙدڪار جو سردار سندراڻي سردار ئي ھوندو ھو پر بعد ۾ خاص طور تي 1760 کان 1790 جي وِچَ واري عرصي ۾ جڏهن افغانستان ۾ احمد شاھ ابدالي جي بادشاھ ٿيڻ سبب افغاني پٺاڻ طاقت ۾ اچي ويا ته اُتر سنڌ جو ھي بُڙديڪا جو علائقو افغانستان کي ويجهو ھجڻ سبب قنڌاري پٺاڻن جي بار بار حملن وري خاص طور تي ھڪ افغاني سردار مدد خان پٺاڻ جي سنڌ ۾ قهري ڪارروائين، وري اُنهيءَ دؤر ۾ ئي سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي ٽالپرن سان اقتدار لاءِ پيدا ٿيل ڪشمڪش جي نتيجي ۾ افراتفري سبب پيدا ٿيل سياسي ، سماجي ، قبائلي صورتحال سبب بُڙديڪا ۾ به وڏيون تبديليون اچي ويون جنھن جي نتيجي ۾ سندراڻي سردارن جي هيڏي وڏي سرداري برقرار رهي نه سگهي جنھن جي نتيجي ۾ بُڙديڪا جي بُڙدين يعني بُڙدڪار ۾ اُنھيءَ وقت ٻه نوان سردار يعني بجاراڻي سردار ، سُهرياڻي سردار اُڀريا. (اُنھن واقعن تي ھڪ تفصيلي پوسٽ بعد ۾ ڪڏهن رکي ويندي)
اهڙي صورتحال کان پوءِ بُڙديڪا جي سياسي قبائلي حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو جو بُڙدين جي اصلي سردار يعني سندراڻي سردار جي سرداري ۾ بُڙدين جا صرف چار پاڙا رهجي ويا يعني سندراڻي ، جاگيراڻي ، عارباڻي ، لولائي. جڏهن ته اوڳاهي سميت ڪجھ ڄاموٽ يا سماٽ ذاتين جا ماڻهو به سندراڻي سردار جي راڄ ۾ رھجي ويا. ٻئي طرف نئين صورتحال ۾ بُڙدي قبيلي جا پنج پاڙا يعني سُهرياڻي ، محمداڻي ، بنگوار ، تيغاڻي ، سبزوئي هاڻي هڪ نئين سُهرياڻي سردار جي راڄ ۾ اچي ويا.
باقي بُڙدين يعني بُڙدڪار جي هڪ واضح اڪثريت يعني بُڙدي قبيلي جا تقريبن 15 پاڙا بجاراڻي ، نندواڻي ، بکراڻي ، گاجاڻي ، چولياڻي ، ڏاهاڻي ، بهلڪاڻي ، باجڪاڻي ، گجراڻي ، جعفري ، بنگلاڻي ، جهانگوآڻي ، ڪنڊراڻي ، قمبراڻي ، گاڏھي وغيره سڀ هڪ نئين سردار يعني بجاراڻي سردار جي راڄ ۾ اچي ويا، جنهن جي راڄ ۾ بُڙدي بلوچن جي انهن پاڙن کان علاوہ بُڙديڪا جي علائقي ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ڄاموٽ يا سماٽ ذاتين جا ماڻهو به شامل هئا، جنهن سبب بُڙدين جي مَٿي بيان ڪيل پاڙن سان گڏ علائقي ۾ رهندڙ ٻين ڄاموٽ يا سماٽ وغيره ذاتين کي ملائي ڪري بجاراڻي سردار کي 36 ذاتين جو سردار سڏيو ويو.
جيتوڻيڪ بڙدي قبيلي ۾ نوان سردار پنهنجن اندروني معاملن ۾ خود مختيار ھوندا هئا پر پوءِ به بڙدي قبيلي جي اڳوڻي چيف سردار هجڻ سبب وري بعد ۾ ٽالپر حڪمرانن طرفان کين مير جو شاهي خطاب ملڻ سبب بڙدين جي ٻين سردارن سميت اُتر سنڌ جا تقريبن سڀ سردار سندراڻي سردارن کي وڏي عزت احترام جي نگاهن سان ڏسندا هئا.
اڄ تائين به سندراڻي سردارن کي احترام مان چيف سردار يعني سردارن جو سردار به سڏيو ويندو آهي. سو ٻين سردارن پاران ڪيترن ئي سياسي يا قبائلي اختلافن باوجود به سندراڻي سردارن جي ذاتي يا شخصي احترام ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ويندي.
ٻئي طرف ڳڙهي خيرو واري بُڙدين جي حاجيجا پاڙي وارن سردارن جي راڄ ۾ ايندڙ ڏاهاڻي ، کورکاڻي ، ليڙواڻي ، لُهر ، ڪٽوهر وغيره پاڙن وارا بُڙدي جن کي انگريز اولھ وارا بُڙدي (Western Burdis) جي نالي سان به سڏيندا هُئا اُهي پنهنجي قبيلي جي هنن ڪنڌڪوٽ ٺل وارن بُڙديڪا جي بُڙدين کان جاگرافيائي طور ڪٽيل هجڻ سبب انھن تبديلين کان تقريبن آجا رھيا.
انگريز هنن اوڀر طرف جي ڪنڌڪوٽ ٺل وارن بُڙدين کي اوڀر وارا بُڙدي ( Eastern Burdis ) جي نالي سان به سڏيندا هُئا. جڏهن سنڌ تي انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته اُنھن جيئن لاڙڪاڻي جي چانڊيا قبيلي جي تاريخي نالي چانڊڪا کي سرڪاري سطح تي ختم ڪري ڇڏيو ، ساڳي نموني انگريزن بُڙديڪا جو تاريخي نالو به سرڪاري سطح تي ختم ڪري ڪشمور ، ڪنڌڪوٽ ، ٺل ، ڳڙهي خيرو جي هنن علائقن کي نئين قائم ڪيل ضلعي اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. هن بُڙديڪا جي اُتر ۾ بلوچن جي بُگٽي قبيلي جو علائقو هوندو ھو ته وري بڙديڪا جي ڏکڻ ۾ شاھ ٻيلي جي جتوئين جو علائقو هوندو ھو.
انگريزن جي سرڪاري ريڪارڊ مطابق سال 1911 ع جي آدمشماري مطابق هن اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي جي ٽوٽل آدمشماري ۾ تقريبن 35 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق بلوچن جي صرف هن هڪ قبيلي بُڙدي سان هو ، جڏهن ته بُڙدي کانپوءِ آدمشماري ۾ ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو قبيلو کوسن جو بلوچ قبيلو هو.