تاریخ بابت تحقيق جي ضرورت (روزنامچو)

حسام ميمڻ

گھڻي عرصي کان پوءِ منھنجو ڪزن امجد آيو، ان سان حال احوال ٿيو، گھڻيون شيون تازيون ٿي ويون. اڄ منجھند جو ڪجهہ دوستن مسلسل Calls ڪيون، ھنن مون کي سرپرائز ڏيڻ لاءِ اوچتو مانيءَ جو پروگرام رٿيو هو، پر مٿي ۾ سور ھيو ۽ مان ستل ھيس، جڏھن ننڊ مان اٿيس تہ انھن سان رابطو ڪيو، انھن اھو حال ٻڌايو. اهي دوست منھنجا Class Mates ھيا، اسين  سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ گڏ پڙھندا ھياسين.

اڄ آنلائن سنگت ميگ ۾  گل حسن ڪلمتيءَ جو مضمون بہ پڙھيو. اسان ڪجهہ ڏينھن اڳ گڏاپ ويا هئاسين، خواهش هئي تہ گل حسن ڪلمتيءَ سان ملاقات ڪجي پر سندن طبيعت خراب هجڻ سبب ساڻن ملاقات ٿي نہ سگھي هئي

تاريخ جي حوالي سان ڪلمتي صاحب جو ڪيل ڪم لاجواب آھي، ھن ڪراچيءَ تي شاندار لکيو آھي ۽ ٻيٽن کان وٺي ٻين ڪيترين ئي شين تي سنجيده لکيو آھي، ڪلمتي مون کي ان ڪري ئي وڻندو آھي، جو ھو سنجيدگيءَ سان ۽ Specific ٿي لکندو آھي ۽ سچ پڇو تہ اسان کي اھڙن لکارين ۽ سنجيدہ ماڻھن جي ضروت آھي.

پھرين فيبروري 2018ع تي گل حسن ڪلمتي ديھ مراد بند ويو. اتي ھڪ Rest House آھي جيڪو جي ايم سيد ٺاھرايو ھيو. ھن لکيو آھي تہ اھو ريسٽ ھائوس 1930ع ۾ مڪمل ڪيو ويو ھيو. اھو بہ ياد رھي تہ جي ايم سيد 1928 کان 1933 تائين لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو صدر رھيو ھيو ۽ ان وقت محال مانجھند، محال ڪوھستان ۽ ڪوٽڙي، ڪراچي لوڪل بورڊ ۾ شامل ھيا.

مون کي ياد آيو تہ مان ٻن قسطن ۾ ان وقت جي پارسين ۽ ريلوي نظام تي ڪراچيءَ جي پسمنظر ۾ عبرت اخبار ۾ لکيو ھيو. ان وقت اي جي چانڊيو حيات ھيو ۽ امداد سومرو شايد پيج سنڀاليندو ھيو. اھي مضمون ۽ اخبارون مون وٽ ناھن، پر اھو آرٽيڪل ھن وقت منھنجي ضرورت ۾ آھي. اھا ان وقت جي ڳالھ آھي، جڏھن بقول گل حسن جي حب ۽ دريجي ڊيم نہ ٺھيا ھيا.

چوڻ جو مطلب تہ ھڪ سٺو آرٽيڪل پڙھ تہ ماڻھو علم سان سرشار ٿو ٿي وڃي ۽ جيڪو شيون اسان لکيون يا پڙھيون اھي بہ ياد اچن ٿيون.

سال 1928ٿ کان 1933ع تائين سنڌ ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو، اھو سمورو جي ايم سيد نہ ڪرايو ھيو پر گورن وڏي ۾ وڏو ڪم سکر بيراج کي ٺاھي ڪيو، جيڪو سال 1932 جو ٺھيل آھي. شڪارپور شھر جي لکيدر تي جيڪو گھنٽا گهر آھي، جيڪو جئپور جي پٿر جو ٺھيل آھي، ان جو سال 1935ع آھي. ياد رھي تہ جئہ پور کي ڳاڙھي پٿر ۽ مٽيءَ جي ڪري ئي The Pink City بہ چيو ويندو آھي.

سادي طرح چوان تہ 1900 کان 1945 تائين سنڌ ۾ ڪيتريون ئي تاريخي بلڊنگس ۽ عمارتون ٺھيون. ٻڌو آهي تہ گل حسن ڪلمتيءَ جو ڪراچي جي تاريخ ساز شخصيتن کان پوءِ هڪ ٻيو ڪتاب ڪراچيءَ جي سمورين تاريخي عمارتن بابت بہ اچي پيو. تاريخي عمارتن جو اندازو لڳائڻو هجي تہ اوھان ٻين کي ڇڏي رڳو پنھنجي پنھنجي شھرن تي ئي ڌيان ڏيو تہ پتو پئجي ويندو، ان کان اڳ بہ جام عمارتون آھن پر ان عرصي ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو، جيڪو تاريخ آھي، سنڌ جي نئين نسل کي انھن جو پتو ھئڻ گھرجي

ڪراچيءَ ۾ پارسين وڏو ڪم ڪيو، انھن جون گھڻيون شيون آھن ائين ئي يھودي يعني Jews بہ ھيا، جن جا Synagogue بہ مليا آھن،جن تي اسان جي ماڻھن ڪم ڪيو آھي، ان کان علاوه هندوئن پاران ڪيل ڪم کي بہ پنھنجو هڪ الڳ ۽  نمايان مقام حاصل آهي. اھم نڪتو اھو آھي تہ اسان وٽ ھڪ نفسيات اھا بہ آھي تہ Colonial Period ۾ ھر شيءِ گورن جي کاتي ۾ وڌي ويندي آھي، پر انھن جي پويان ھندو سنڌي سيٺين جو ڪم آھي، انھن ٻورا پيسن جا ڀري ڀلائيءَ جي ڪم لاءِ ڏنا، جيئن 1910 ۾ ھينري ھالينڊ اکين جي اسپتال ٺھي تہ سيٺ ھيرانند انھن کي ٻورا ڀري ڏنا ھيا پيسن جا. اسپتال بہ ھيرانند ئي ھئڻ گھرجي پر ان جي مرتئي کان پوءِ اھا اسپتال ھينري ھالينڊ بڻي.

شڪارپور جي سول اسپتال بہ راءُ بھادر جي چندي مان ٺھيل آھي، ماڻھن پنھنجي ھڙان وڙان پيسا ڏنا، جن جي چندي جا چارٽ اڄ بہ اسپتال ۾ لڳل آھن. گورن بہ ڪم ڪيو، انھن جو بھترين ڪم Reporting ھئي، جيڪو يقينن ساراھ جوڳو آھي، گورن تاريخ، شين، واقعن ۽ Sports کان وٺي پکين ۽ جانورن تائين Organized ڪم ڪيو، پر ھندو سيٺين وڏو ڪم ڪيو، جنھن کي اھا موٽ ناھي ڏني وئي جيڪا کين ملڻ گهرجي

ائين ئي ڪيتريون ئي شيون روز پڙھجن ٿيون، ھاڻي سوچيو آھي تہ بي ساختہ انداز ۾ انھن کي قلمبند ڪجي، ائين ڪرڻ سان بہ گهڻيون ئي شيون لکت ۾ اچي وينديون.

جھٽ اڳ گھر ۾ امجد ۽ ٻارن سان سھن/خرگوشن Rabbits جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي، جيڪي غائب ٿيندا پيا وڃن، ائين ئي نَور  يعني Mongoose بہ گھٽجي ويو آھي. ياد آھي اھا ڳالھ امر گل سان بہ ٿي ھئي، ھن ٻڌايو ھيو تہ گڏاپ ۾ سھا عام ھيا، پر ھاڻي نظر نٿا اچڻ بنھ گهٽجي ويا آھن. ائين ڪيتريون ئي جنسون گهٽجي ناياب ٿي رھيون آھن ۽ اسان جو ڌيان ئي نٿو وڃي

رات مون کي انگريزيءَ جي حوالي سان گهڻو ڪجهہ لکڻو ھيو، پر رات وري پکين جي حوالي سان ھڪ مختصر مضمون لکيو، جيڪو پڻ سنگت ميگ ۾ ڇپيو آهي. Lockdown جي ڪري مھمان پکي سنڌ ۾ ھن سال گھڻا آيا، جيڪي 3 ڏھاڪن کان گهٽجي وڃي ٻہ اڍائي لکن تي پھتا ھيا ۽ ھن دفعي ساڍا ست لک ٽپي ويا. منھنجي لاءِ اھا خوشيءَ جي ڳالھ آھي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close