ڪامريڊ محمد قاسم جي سڃاڻپ ۽ سندس ڊائري ورڪ

عزيزالله خاصخيلي (ميرپورخاص)

زندگيءَ ۾ هر انسان چاهيندو آھي ته هو پنهنجي لڳاتار محنتن، ڪشالن ۽ جفاڪشي سان پنهنجي منزل کي بامقصد بڻائي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري، من جون سموريون رٿائون راس آڻي ان مقصد تي لڳائيندو آهي.

اهڙن ئي سجاڳ، تيز فهم ۽ باشعور انسانن منجهان ميرپورخاص سان واسطو رکندڙ مور، موتي داڻو ماڻهو ڪامريڊ محمد قاسم خاصخيلي جي دلچسپ ڪردار، سدڳڻ, سماجي ۽ قومي سياسي ڪمن جي زندگاني تي هڪ نگاهه ڪجي ٿي.

ويڪري پيشاني، سنهيون اکيون، ڳاڙھو ڳٽول چھرو ۽ هلڪي ڏاڙهي.. مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهي تي اڇي رنگ جو ريشمي رومال.. کلڻو ملڻو، قد جو پورو پنو، رنگ جو سانورو، ڀٽائيءَ جي سٽ: ”جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس“ هوبهو اهو ئي آهي.

ڪامريڊ محمد قاسم خاصخيلي ولد احمد خاصخيلي 4 مارچ 1973ع ۾ ڳوٺ علي قطب شاهه نئون ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.جنهن پرائمري تعليم 31 مارچ 1988ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير غلام مصطفيٰ ٽالپر مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ 31 ڊسمبر 1992ع ۾ گورنمينٽ سيڪينڊري هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ نئون ڪوٽ شھر پيدل ويندو هو.

1990ع ۾ڪامريڊ محمد قاسم خاصخيلي شاگردي واري دور ۾ رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ سياسي ۽ ٻين ڪيترن ئي قومي پارٽين جي سرگرمين ۾ وڏي جذبي سان شرڪت ڪئي. اٺين ڪلاس ۾ ڪامريڊ محمد قاسم ۽ ٻين ڪيترن ئي شاگرد ساٿين ملي جلي رسول بخش پليجو کي گورنمينٽ سيڪينڊري هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ ۾ قومي ۽ ثقافتي جي حوالي سان تقرير جي لاءِ گهرايو.

محمد قاسم ڪامريڊ ۽ سندس وڏڙا 1992ع کان 1997ع تائين زاهد حسين ڀڳڙي وٺ هارپو ڪندا رهيا. تعليمي ۽ ٻيو سهولتون نه هجڻ جي ڪري 1998ع ۾ ڳوٺ سيد علي نواز شاه ۾ هجرت ڪري آيا. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ محمد قاسم قومي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهيو پر اقتصادي طور نئون ڪوٽ شهر جي ويجهو 6 واٽر تي زرعي ڪم ڪندو رهيو.

26 مارچ 2022ع تي جگر جي بيماري سبب ڳوٺ سيد علي نواز شاهه ميرپورخاص ۾ وفات ڪري ويو. سندس جنازي ۾ قومي عوامي تحريڪ ميرپورخاص جي اڳواڻ صدر مجيد ٻگهيو، عوامي تحريڪ جھڏو جي اڳواڻ سائين غلام قادر کوسي (اياز کوسو)، ڪيترن ئي ليکڪن، قومي ڪارڪن، سياستدانن ۽ ٻين ڪيترن ئي مشهور شخصيتن شموليت ڪئي. جنهن ۾ عوامي پورهيت تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ جي اين کوسي ڪامريڊ محمد قاسم جي آخري آرامگاهه تي سرخ سلام پيش ڪيو.

ڪامريڊ محمد قاسم عملي ڪم سان گڏ ڪتابن جو مطالعو ۽ ڊائري لکندو هو.ڪامريڊ محمد قاسم 16 فيبروري 2016ع تي پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته؛ ”منهنجي اندر ۾ ڪجھ وقت کان گوڙ ۽ شور جو آواز هو پر ڪنهن جي لاءِ ڏيڻ تيار نه هو. ڪجهہ مجبوريون، ڪجهہ ڳڻتيون هيون، نه وري پريشانيون ختم ٿيون پر اڃان گهڻيون ڳالهيون ذهن ۾اچڻ لڳيون، سواءِ افسوس ڪرڻ جي ڪجھ نظر نه آيو.

اڄ سنڌ جا ڪيترائي نوجوان بيروزگار آهن. 1960ع جي ڏهاڪي کان اسان سنڌ جي ماڻهن جو نصيب خراب آهي. ڪير ڪٿان آيو، ڪيڏانهن ويندو سندن منزل ڇا آهي؟ اهڙا انيڪ سوال روز اڀري، بي معني ٿيو وڃن ٿا، ڪجي ته ڇا ڪجي، دانهون ڪريون ڪنهن وٽ ڪريون، شدد ٻڌايون دردن جو دامان ڪير ٿيندو، اسان جي ڦٽن جي ملم پٽي جو بندوبست ڪير ڪندو، اسان جي اُڃ اهڙي آهي جھڙي بيوس اُڃايل صحراءَ ۾ مرندڙ مورن جھڙي. اسان کي اڃ ۾ پياسو ماريندر وڏيرا، سرمائندار ۽ سرڪاري ڪرپٽ آفيسر آهن جن انسان کان زندہ رهڻ جون وفاداريون تبديل ڪري سندس انسانيت جو قانون ڦري ورتو آهي. تڏهن اسان جي سرزمين آدم عليه السلام جي اڄ وقت کان سرسبز، شاداب، خوشبودار وڻن، موتين، سونن سميت ڳاڙهي لال هئي. اڄ اها زمين اڃ پئي مري، انهي زمين تي، رهاڪن جو ڪهڙو حال هوندو. اڃ ۾ صحراءَ ۾ مرندڙ معصوم ٻارن جو حال ڏسو جيئن ٿرپارڪر مان روزمرندڙ ٻارن جو تعداد وڌندو پيو وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close