ڪتابن جون ڳالھيون: ’لاڙ جي ادب ۽ ثقافتي تاريخ‘

عبدالستار لغاري

ڪتاب ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ جو ليکڪ برک عالم پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا آھي. ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1977ع ۾ ڇاپيو ويو. ٻيو ڇاپيو 35 سالن کان پوءِ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي سھڪار سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو پاران 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ھڪ پي ايڇ ڊي ٿيسز آھي، جيڪا ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جي وڏي عالم مولانا غلام مصطفي قاسمي جي سربراهي ۾ ڪئي.

پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا 15 مارچ 1930ع تي ڳوٺ تڙ خواجہ تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ھن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ورتي، ثانوي تعليم ميرپور بٺوري، ٽنڊي محمد خان ۽ پوءِ اين جي وي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. اعلي تعليم ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪاري موري حيدرآباد ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان حاصل ڪيائين. ھن 1953ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج حيدرآباد مان بي اي (آنرس) سنڌي ۾ ڪئي ۽ 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي جي ڊگري حاصل ڪيائين. انھي کان پوءِ پنھنجي مرشد ھز ھائنس شاھ ڪريم الحسيني آغا خان جي ’اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز‘ جي شعبي جنرل لنگئسٽڪس اينڊ فونيٽڪس مان 1963ع ۾ لسانيات ۽ صوتيات ۾ ايم اي ڪيائين. جڏھن تہ يونيورسٽي آف سنڌ مان 1970ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. اھا رڪارڊ جي ڳالھ آهي تہ سنڌي ۾ ڊاڪٽر الانا پھريون ئي پي ايڇ ڊي ڊگري يافتہ آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا 1952ع ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ بدلي ڪيو ويو. 1954ع ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ جنوري 1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتان پوءِ ترقي ڪندو 1976ع ۾ پروفيسر ٿيو. ڊاڪٽر الانا 1963ع ۾ ليڪچرر ھجڻ سان گڏ کيس انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ پھرين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ 1976ع ۾ ترقي ڏيئي پروفيسر انچارج مقرر ڪيو ويو. آگسٽ 1983ع ۾ ڊاڪٽر الانا کي علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جتان 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ موٽي آيو. پوءِ 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان رٽائرمينٽ کان پوءِ 1992ع ۾ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ۽ پوءِ جون 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو، 1998ع ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکيل ڪتابن جو تعداد 52 آھي. سنڌ جي ھن برک عالم 28 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي.

ھي ضخيم مقالو اٺن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ لاڙ جي جاگرافي، لاڙ جي تاريخ ۽ قديم آثار، تھذيب ۽ تمدن جا طريقا، سنڌي ٻولي ۽ ان جو لاڙي لھجو، معياري ادب جي تاريخ، لوڪ ادب، عالم، فاضل، اولياء ۽ فقرا، ۽ لاڙ جا مشاھير شامل آهن. آخر ۾ ببليوگرافي، ضميمو ۽ مواد ۾ ڪم آندل ماڻھن جي نالي جي ڏسڻي ڏني وئي آھي.

ڊاڪٽر الانا پھرين ڇاپي جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو تہ: ”1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ آف ائڊوانسڊ اسٽڊيز طرفان مونکي لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جي عنوان تي ڊي فل جي ڊگري لاءِ مقالي لکڻ جي اجازت ملي. ھي تحقيقي مقالو سنڌ جي وڏن عالمن ۽ فاضلن جي نظرن مان گذري پوءِ منظر عام تي آيو.“

ڊاڪٽر الانا پھرين ڇاپي جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو: ”1968ع تائين سڄي ٿيسز لکي تيار ڪري ورتم، ھن ٿيسز تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مونکي ڌار ڌار عالمن ۽ فاضلن کان مدد ۽ رھنمائي حاصل ٿي. 1960ع تائين جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ھن سلسلي ۾ منھنجا نگران ھئا، ڊاڪٽر صاحب جي نگراني ھيٺ چار باب لکيا ھيم. جديد تحقيق ۽ علمي کوجنا جا اوائلي اصول جناب ڊاڪٽر موصوف کان 1956ع کان 1960ع تائين سکيم. ولايت کان موٽڻ کان پوءِ ڊاڪٽر اسدالله شاھ حسيني ۽ سائين علامہ غلام مصطفي قاسمي صاحب کان مدد وٺندو رھيس. آخري ٻہ باب ستون ۽ اٺون علامہ صاحب جن جي نگراني ھيٺ لکيا ھيم. ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد ھاليپوٽي صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش قاضي صاحب پڻ ڪي صلاحون ڏنيون۔“

ڊاڪٽر غلام علي الانا ھن تحقيقي مقالي کي ڇپرائڻ جي حوالي سان لکي ٿو: ”ھي ٿيسز يونيورسٽي جي فاضل وائيس چانسلر ۽ برصغير جي ھڪ عظيم انقلابي شاعر جناب شيخ اياز صاحب جي اجازت سان ڇپائي وئي۔“

ھن تحقيقي مقالي جي اھميت ان ڪري بہ اھم آھي، ڇاڪاڻ تہ ھي ضخيم مقالو مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي ڏاھن، اڪابرن، عالمن ۽ فاضلن جي نظرن مان گذري اسان وٽ پھتو آھي. ڊاڪٽرن غلام علي الانا ھن مقالي ۾ لاڙ پٽ جي 1956ع کان 1965ع تائين وارين حالتن ۽ ڳالھين کي انتھائي شاندار ۽ جامع انداز ۾ بيان ڪيون آھن. ھن مقالي ۾ لاڙ جي آبهوا، طبعي بناوت، لاڙ جا ضلعا، تعلقا، شھر، سنڌو درياءَ جا پراڻا وھڪرا، ڍنڍون، ڍورا، واھ، لاڙ ۾ ٿيندڙ فضل، گاھ، ٻوٽا، وليون، معدني پيداوار، جانورن، پکين، جيتن، لاڙ ۾ رھندڙ ماڻھن ۽ انھن جي ذاتين، ڌنڌن، عورتن جا زيور، ھنر، رانديون، راڳ، ساز، لاڙ جي عالمن، فاضلن، اوليائن، شاعرن، اديبن ۽ حڪمرانن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي۔ لاڙ جيئن تہ درياھ جي پڇاڙي وارو علائقو آھي ۽ ان کان سواءِ سمنڊ بہ ھن علائقي سان وقت بہ وقت مستيون ڪندو آيو آهي.

جيئن تہ آئون مٿي بہ ذڪر ڪري آيو آهيان تہ ھن تحقيق جو دائرو 1965ع تائين آھي. ھن خطي ۾ 1965ع کان پوءِ تمام گهڻيون تبديليون آيون آھن. ضرورت ھن ڳالھ جي آھي تہ ھن شاندار خطي جي نئين سر تحقيق ڪري ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪيل ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي تہ جيئن نئون نسل مستفيض ٿي سگهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close