زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-14

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

16- فلمسازيءَ جون مشقون، گنگا جمنا

منھنجي ذھن ۾ ھڪ خيال اھو ھو تہ منھنجو پنھنجو پروڊڪشن ھائوس ھجڻ گهرجي، ٻيو خيال اھو ھو تہ ڀاءُ ناصر کي فلمي ڪيريئر ۾ مدد ڪيان، چند فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ناصر ناڪام ٿي چڪو هو. مارڪيٽ ۾ پئسي جي ڪا بہ ڪمي نہ ھئي، پر فلمن جي معاملن ۾ منھنجو پنھنجو خيال ھوندو ھو. آئون چاھيندو ھئس تہ Shylocks جي چڪر ۾ نہ اچان. (شائي لاڪ شيڪسپيئر جي ھڪ ڊرامي مرچنٽ آف دي وينس جو ولن، جيڪو ھڪ وياج خور ھوندو آھي) فلمسازن جي مالي مدد ڪرڻ وارن شپور جي مستري ۽ پالنجي مستري سان منھنجا ويجها لاڳاپا ھوندا ھئا، انھن ئي مغل اعظم فلم لاءِ آصف جي مالي مدد ڪئي ھئي. شپور جي مستري کي مون فلم گنگا جمنا جي ڪھاڻي ٻڌائي ھئي، جنھن کي ھن تمام گهڻو پسند ڪيو ھو. بقول ھن جي تہ فلم ڪامياب ٿيندي. پر منھنجو ڀاءُ ناصر ھن فلم جي خلاف ھو، ھن جو چوڻ هو تہ ماڻھو مون کي ھڪ مجرم جي ڪردار ۾ قبول نہ ڪندا، ٻين لفظن ۾ تہ فلم فلاپ ويندي. ھن فلم ۾ مون کي ھڪ قانون شڪن گنگا، ۽ منھنجي ڀاءُ ناصر کي پوليس آفيسر جمنا جو ڪردار مليل ھو. ناصر مسلسل منھنجي تجويز جي مخالفت ڪندو رھيو. منھنجو خيال ھو تہ انگريز حڪمرانن کان حاصل ڪيل آزادي بہ ڳوٺن جي ماڻھن کي ڪو فائدو نہ ڏنو آهي. ٺڳ زميندار اڄ بہ ھارين ۽ آبادگارن جو ڀرپور استحصال ڪري رھيا آھن، مون سمجهو تہ انھن مسئلن کي اجاگر ڪيان.

ڪيڏي نہ افسوس جي ڳالھ آهي جو محبوب خان جي فلم مدر انڊيا 1957ع ۽ منھنجي فلم گنگا جمنا ۾ پيش ڪيل مسئلا، اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ بہ جيئن جو تيئن آھن. فلم مدر انڊيا تہ مغربي دنيا ۾ بہ ھلچل مچائي ڇڏي ھئي. محبوب خان جڏھن مدر انڊيا تي ڪم ڪري رهيو ھو، ان وقت ھن مون کان بہ مشورو ورتو هو، مون ھن کي ٻڌايو ھو تہ زبردست موضوع کنيو اٿئي، انھي موضوع تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. مدر انڊيا ۾ محبوب خان مون کي بہ ڪم ڏئي پيو، پر نرگس جي پٽ طور..! اھو ڪردار منھنجي لاءِ مناسب نہ ھو، ڇو تہ نرگس مون سان 1948ع ۾ فلم ميلا، ۽ 1950ع ۾ فلم بابل ۾ بطور ھيروئين ڪم ڪري چڪي هئي. فلم ۾ نرگس جي پٽ جي ڪردار ۾ اچڻ منھنجي لاءِ مناسب نہ ھو. ٻيو اھو تہ وري ٽريجڊي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو منھنجو ڪو بہ ارادو نہ ھو، انھيءَ ڪري مون فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

ڳالھ نڪتي هئي فلم گنگا جمنا کان، مون شپور مستري کي ٻڌايو تہ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پھرين آئون اتر پرديش، مڌيہ پرديش ۽ مھاراشٽر جو تفصيلي دورو ڪرڻ چاھيان ٿو. آئون گنگا جمنا فلم جا مڪالما گنگا جمني لھجي ۽ ٻوليءَ ۾ ئي پيش ڪرڻ چاھيندو ھئس. ننڍپڻ ۾ جڏهن اسان ديولالي ۾ رھائش اختيار ڪئي هئي، تڏھن مون گهر جي باغ ۾ رھندڙ مالي بھاري ۽ ان جي زال ڦولوا کي يوپي ۽ بھار جي لھجي ۾ ڳالھائيندي ٻڌو ھو. خاص طور تي جڏھن ھو پاڻ ۾ وڙھندا ھئا تہ صورتحال انتھائي مزيدار ٿي ويندي ھئي، خبر نہ پوندي هئي تہ ڇا پيا ڳالھائين. ذاتي ۽ عملي طور تي مون کي اھو لھجو ويجهي کان ٻڌڻ جو اشتياق ھو. فصلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ محنت ڪشن جي تڪليفن جو عملي طور تي مشاھدو ڪرڻ چاھيندو ھئس. منھنجي سوچ اھا ھئي تہ ماڻھو تہ رڳو منھنجو ڪم ڏسن ٿا، پر نقاد تہ ھر شيءِ باريڪيءَ سان ڏسن ٿا، ان ڪري ننڍين ننڍين شين کي نظر انداز ڪرڻ سان ڪم بھتر نہ ٿئي ھا، ڪم کي سخت محنت سان مثالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. گنگا جمنا جي ذڪر وقت مون کي منھنجو ڀاءُ ايوب بہ ياد اچي ويو، جنھن جي علاج لاءِ اسان ھتي ديولالي آيا ھئاسين. ايوب اسان ڀائر ڀينرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ذھين ھو، جيڪڏهن ھو جسماني طور معذور نہ ھجي ھا تہ ھو ھڪ وڏو آفيسر ھجي ھا. چوڻ جو مقصد تہ گنگا منھنجي لاءِ اجنبي ڪردار نہ ھو، منھنجن ٻين فلمن وانگر منھنجي ذات ھڪ طرح تہ منھنجو ڪردار ٻي طرح جو ھوندو ھو، ذات ۽ ڪردار کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ بہ ضروري ھوندو آھي.

ويجهڙ ۾ مشھور اداڪار اميتاڀ بچن سان ملاقات ٿي، ھن ٻڌايو تہ ھن شاگرديءَ جي زماني ۾ منھنجي فلم گنگا جمنا ڪيترائي دفعا ڏٺي ھئي. اميتاڀ مون کان پڇيو ھو تہ ھڪ يوپي ڳوٺاڻي جو ڪردار ۽ لھجو ايڏي شاندار ۽ خوبصورتي سان ھڪ پٺاڻ کان ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو؟ اميتاڀ بلڪل صحيح چيو ھو تہ ھڪ پٺاڻ لاءِ اھو مشڪل آهي تہ گنگا جي شخصيت ۽ ڳالھ ٻولھ ايتري آساني سان ڪري سگهي. ھا ھن پٺاڻ، جنھن جي توھان ڪھاڻي پڙھي رھيا آھيو، ھن سڀ ڪجهہ ڪري ڏيکاريو. ھن پٺاڻ ڳوڙهي مطالعي ۽ اڻٿڪ محنت سان اھي ڪاميابيون بہ حاصل ڪيون آھن، جيڪي خواب خيال ۾ بہ نہ ھيون.

گنگا جمنا فلم جي ڪھاڻي جڏھن لکجي رھي ھئي منھنجي ھمدردن ۽ دوستن ان ۾ تبديلين جون تجويزون ڏنيون. اھو آئون ٻڌائي چڪو آهيان تہ منھنجو ڀاءُ ناصر، جنھن جي ڪيريئر کي بھتر ڪرڻ لاءِ ھي فلم ٺاھي رھيو ھئس، ھو سمجهي رھيو ھو تہ فلم ٺاھي آئون وڏي غلطي ڪري رھيو آھيان. پھرئين ئي ڏينھن ھن جو اھو چوڻ هو تہ ڏسندڙ مون کي قانون شڪن جي روپ ۾ بلڪل بہ پسند نہ ڪندا. مون سڀني جون ڳالھيون ٻڌيون پر مسودي ۾ بغير ڦيرڦار جي فلم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. گنگا جمنا جڏھن ريليز ٿي، تہ سڀني تعريف ڪئي. 1960ع ۾ اسان فلم گنگا جمنا کي برطانيا جي پائن ووڊ اسٽوڊيو مان ٽيڪني ڪلر ڪرايو ھو، پروسيسنگ ڪرڻ وارا ٽيڪنيشنز فلم مان متاثر ٿيا ھئا، انھن مشورو ڏنو تہ فلم کي آسڪر ايوارڊ لاءِ رجسٽر ڪرايو وڃي. چيڪو سلوواڪيا جي شھر ڪارلووي، بوسٽن، قاھرہ ۽ ٻين ملڪن جي شھرن ۾ جڏهن گنگا جمنا ڏيکاري وئي تہ تمام گهڻي پسند ڪئي وئي ۽ منھنجي اداڪاري جي بہ تعريف ڪئي وئي. مغرب جا فلمي صحافي اھو ڄاڻڻ چاهيندا هئا تہ فلم لاءِ ايڏي محنت ڪيئن ڪئي وئي آهي، ڇو تہ انھن مطابق اھڙي قسم جي فلم ٺاھڻ لاءِ طويل تحقيق جي ضرورت پوندي آهي. گنگا جمنا جي ھڪ ٻي خاص ڳالھ نوشاد ميان جو ميوزڪ ھو. ھن فلم ۾ نوشاد ميان جون ترتيب ڏنل ڌنون اڄ بہ ماڻھن ۾ مقبول آھن.

1954ع ۾ ٺھيل محبوب خان جي فلم امر ۽ ان کان پھرين جي 1953ع ۾ ٺھيل ضياء سرحدي جي فلم فٽ پاٿ ۾ اينٽي ھيرو رول ڪري چُڪو ھئس. پر اھي فلمون ايڏيون مشھور نہ ٿيون ھيون. گنگا جمنا ۾ ھڪ ڏوھاري جي حيثيت ۾، ڏسندڙن جو ھمدرديون ھيرو سان ھيون. گنگا جمنا جي ڪلائمڪس جي لاءِ مون ھفتن جا ھفتا غور فڪر ڪيو ھو، ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ گنگا جي مرڻ جو منظر ماڻھن جي دلين ۽ ذھنن ۾ ھميشہ لاءِ نقش ٿي ويو. اڄ بہ ماڻھو ان منظر کي ياد ڪن ٿا.

گنگا جمنا جي لوڪيشن ڪيترائي مھينا رلڻ کان پوءِ ڳوليسين. ھيءَ جڳھ اگتپوري ۾ ھئي، جيڪا رياست مھاراشٽر ۾ بمبئي کان تقريباً 120 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ھيءَ لوڪيشن مون بدرالدين قاضي (جنھن کي توھان جوني واڪر جي نالي سان سڃاڻو ٿا) سان گڏ گهمڻ دوران ڏٺي هئي. ھن جڳھ جي چونڊ منھنجي پنھنجي ھئي، جيڪا منهنجي فلم گنگا جمنا جي ريليز ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي فلمن ۾ ڏيکاري وئي.

گنگا جمنا جي شوٽنگ دوران آصف پنھنجي فلم مغل اعظم جي عڪس بندي ڪري رھيو ھو. راجسٿان جي شديد گرمي ۾ مون کي وزني ۽ ٿلھا ڪپڙا پائي سين ڀرائڻا پوندا هئا، جسم تي نشان ٿي ويندا هئا، جيڪي آئون گنگا جمنا جي شوٽنگ دوران وڏي محنت سان لڪائيندو ھئس. انھن ڏينھن ۾ ميڪ اپ جو سھولتون اڄ وانگر نہ ھيون ۽ نہ ئي وري سامان ۽ ٽيڪنڪس ھوندي ھئي. راجسٿان ۾ مغل اعظم فلم جي شوٽنگ کان پوءِ ھيلي ڪاپٽر ذريعي بمبئي ايندو ھئس. بمبئي کان ڪار ذريعي گنگا جمنا جي لوڪيشن تي ويندو ھئس، ٻنھي فلمن لاءِ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ وڃڻو پوندو هو ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. شپور جي مستري مغل اعظم جو شريڪ پروڊيوسر ھو، ھو پنھنجن پٽن ۽ آفيس جي ملازمن کي چوندو هو تہ محنت ڪيئن ڪجي، اھو دليپ ڪمار کان سکو. منھنجي محنت ۽ مشقت کي ڏسندي ھو منھنجي لاءِ وڌ کان وڌ آرام دہ سفر جو انتظام ڪندو هو. شپور جي مون سان پٽن جھڙي محبت ڪندو ھو. ھن سان ھر موضوع تي طويل گفتگو ٿيندي ھئي.

پالي ھل باندرہ ۾ اوچي جڳھ تي مون ھڪ وڏو ۽ انتھائي خوبصورت بنگلو خريد ڪيو هو، پر ان بنگلي بابت ڀائرن ۽ ڀينرن کي نہ ٻڌايو ھئم، ھڪ ڏينھن انھن کي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويھاري بنگلي تي وٺي ويس. کيسي مان چاٻي ڪڍي بنگلي جو تالو کولڻ لڳس تہ سڀ حيران ٿي چوڻ لڳا ڪنھن جو بنگلو آهي؟ مون چيو اڄ کان پوءِ اھو منھنجو آھي. افسوس ان وڏي بنگلي ۾ بہ ڀائرن ۽ ڀينرن جي جهيڙي مونکي سڪون سان رھڻ نہ ڏنو. ھو ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ مون کي وچ ۾ آڻيندا ھئا. ھنن کي پنھنجي عيش و آرام ۽ آسائشن جو فڪر ھوندو ھو. ھنن جو خيال هو تہ ھر آسائش آئون انھن کي ميسر ڪري ڏيان، انھي مطالبي تي ھنن کي ڪجهہ بہ محسوس نہ ٿيندو ھو. ان جو اھو نتيجو نڪتو جو آئون ڀائرن ۽ ڀينرن کان پري ٿي ويس. تنگ ٿي آئون بنگلي جي ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ الڳ رھڻ لڳس.

1960ع جي ڏھاڪي ۾ بمبئي پروڊيوسرز ايسوسيئيشن اداڪارن جي ھڪ وقت ۾ ھڪ کان وڌيڪ فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي. آئون تہ عام طور تي ھڪ وقت تي ھڪ ئي فلم ۾ ڪم ڪندو ھئس. منھنجي لاءِ اھا پابندي مسئلو نہ ھئي. پر مون ايسوسيئيشن جي ان عمل کي اداڪارن جي آزادي جي خلاف سمجهو. ٻئي طرف منھنجي گهر ۾ ھر وقت ٿيندڙ جهيڙي بہ منھنجو سڪون برباد ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري مدراس ھليو ويس. مدراس ۾ بي ناگي ريڊي جي فلم رام اور شيام کان علاوه پي ايس ويرپا جي آدمي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. رام شيام ۾ وجنتي مالا منھنجي ھيروئين ھئي پر اچانڪ ھڪ اھڙو واقعو پيش آيو، جنھن کان پوءِ ھن کي فلم مان ٻاھر ڪيو ويو. چڱيءَ طرح ياد نہ آهي، شايد ساڙھي جو معاملو ھو يا ڪنن جون واليون ھيون، وجنتي مالا پسند ڪيون ھيون. اسسٽنٽ ڄاڻي واڻي ٻي فنڪاره کي اھي شيون ڏيئي ڇڏيون ھيون. وجنتي جهيڙو ڪيو ھو. ان حرڪت تي بي ناگي ريڊي شائستہ طريقي سان کيس فلم مان ڪڍي ڇڏيو، ان جي جڳھ تي وحيده رحمان کي کنيو ويو. غلطي وجنتي جي پنھنجي ھئي، پر ھو ھميشہ مون تي فلم مان ڪڍائڻ جو الزام ھڻندي ھئي.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)

  11. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11

  12. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-12)

  13. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-13


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close