هونئن تہ پکين جا ڪيترا ئي قسم هر سال، هتي (سنڌ ۾) ايندا ۽ ويندا آهن پر منجهن سڀ کان اول ايندڙ پکي آهي چِيڪلو، جيڪو ڀوري وڏي پڇ واري بگڙي پکيءَ کان ٿورو اڳ ايندو آهي. سڀ کان پهرين اچڻ ڪري، هيءُ ئي سڀ کان پهرين، شڪارين پاران ناحق ڏنل موت جي منهن ۾ به وڃي ٿو. چيڪلي جو اچڻ، جھڙوڪر مٿانھن علائقن ۾ برف ۽ ٿڌ پوڻ ۽ موسم پکين جي رهڻ کان چڙهي وڃڻ جي نشاني هوندي آهي. ان مان صاف ظاهر آهي تہ کانئس سردي برداشت نٿي ٿئي ۽ ٿڌ پوندي ئي اتان نڪري اچي ٿو. ڪي پکي، بک سبب بہ اتان نڪري ايندا آهن پر جيڪڏهن هيءُ بک جي ڪري ويندو هجي ها تہ هتي جي پاڻي گرم ٿيڻ جو انتظار نہ ڪري ها. جيئن تہ ھي ننڍن پاڻين ۾ رهي ٿو ۽ اهي جلدي ڄمي پون ٿا، ان ڪري واضح آهي تہ هيءُ سردي برداشت نٿو ڪري سگهي.
چيڪلو، جنهن کي مقامي طور تي ڪرڙو ۽ ڇاڙو به سڏيو ويندو آهي، ان کي اردوءَ ۾ چيڪو بطخ ۽ انگريزيءَ ۾ Common Teal چئبو آهي. هتي جا خفتي، هن جا ٽي قسم ٻڌائين ٿا: هڪ روسي چيڪلو، جنهن جي پاسن ۾ ڪن وٽان نيرا پٽا هجن ٿا. ٻيو اڇو چِٽ ڪٻرو نيرڳ نموني، جنهن کي گَپ-چَٽو سڏين ٿا ۽ ٽيون عام ڀوري رنگ وارو. جڏهن تہ وائلڊ لائيف کاتي پاران ڇپيل پکين وارن پوسٽرن ۾ ڏنل چيڪلي جي فوٽن سان مقامي خفتي محمود لغاري باکوڙو، غلام مصطفیٰ لغاري سنجهورو، عبدالجبار لغاري ڪوٽ نواب ۽ راهب شر سانگهڙ اختلاف ڪندي چون ٿا تہ ”اهي فوٽو چيڪلي جي حقيقي تصوير پيش نٿا ڪن ۽ چيڪلي جي حقيقي روپ کان پري آهن.“ انهن جي بقول؛ ”هتي سڀ کان وڌيڪ روسي چيڪلو اچي ٿو ۽ ان کان پوءِ عام چيڪلو.“ نسلي فرق کانسواءِ جنسي فرق جي حوالي سان ڏسبو ته ڀوري نسل واري جو نر ڪجهہ ڪارو ۽ مادي ڀوري، روسيءَ جي مادي ڀوري ۽ نر ڪارن پٽن سان، جڏهن ته گپ-چٽي قسم جو نر بہ ڪارسِرو ۽ مادي ڀوري ٿئي ٿي. هيءُ وزن ۾ تتر جيترو ٿيندو آهي.
سر نسرڻ بعد، ٿڌ شروع ٿيڻ تي، سارين ۾ لابارا پوندا آهن تہ ان وقت، چيڪلي جي اچڻ جو وقت، ڀرجي اچڻ برابر هوندو آهي. جڏهن ناري واري پاسي کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي تہ يڪو اڏامندو وڃي رڻ ڪڇ ۽ بدين جي ڍنڍن تي بس ڪندو آهي. جڏھن تہ واپس ورڻ مهل، وزن ڪري وڃڻ سبب، جلدي ٿڪجڻ ڪري، ساهيون پٽيندو ناري ۽ اڇڙي ٿر جي مهراڻي جي ڍنڍن مان ٿيندو ويندو آهي. جتي ’سنڌي مهمان نواز شڪاري‘ بندوقن ۽ شڪار جي ٻين روايتي طريقن سان سندس ڏاڍو ’سهڻي‘ ۽ ’شانائتي‘ نموني ’آڌرڀاءُ‘ ڪندا آهن. هيءُ خاص طور تي کارين، ٻاڙين ۽ ڪلراٺي ننڍي پاڻيءَ جي ڍنڍن/دُٻن ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿو. جڏھن تہ مٺن پاڻين يا ٻنين ۾ بيٺل ننڍي پاڻي تي به رهي پوندو آهي.
چيڪلي جي هڪ خاص ڳالھ اها بہ آهي تہ هي سنڌي ماڻهن وانگر جتي ويهندو آهي، اتي ئي ويهي رهندو آهي. هرو ڀرو ٿوري گهڻي تڪليف تي جُوءِ نہ مٽائيندو آهي. پر جي ڪو کيس گهڻو تنگ ڪري ۽ صفا لاهي پاهي بيھي ته پوءِ نہ چاهيندي بہ هي لڏي ويندو آهي. جڏهن تہ ٻيا وڏا پکي ٿوري گهڻي تڪليف تي بہ اڏامي ٻئي پاسي هليا ويندا آهن. هيءُ وڏن پکين وانگر صبح جو هڪڙي ڍنڍ تي کائي ۽ رات جو ٻي ڍنڍ تي سمھڻ بدران جتي کائيندو آهي، رات بہ اتي ئي رهڻ پسند ڪندو آهي، پر خطري جي حالت ۾ اڇين ڍنڍن/دُٻن يا وڏي پاڻي جي وچ ۾ بہ رهندو آهي.
اونداهين راتين ۾ ايندڙ هيءُ پکي، رات جو وڌيڪ چُڳندو آهي، پر پوءِ بہ وقفي وقفي سان پيو چُڳندو آهي. چيڪلو اڪثر ڪري ولر ۾ اڏامَي ۽ چُڳَي، پر ڪڏهن ڪڏهن دل جون ڳالھيون ۽ پٺيان ڇڏي آيل پڊن ۽ اتي جي قربائتن ۽ پکي دوست ماڻهن جون ڳالھيون، جوڙي ۾ الڳ الڳ ويھي بہ ڪندا آهن. نارا ويلي ۾ رهڻ جي حوالي سان چيڪلي جا کپري ۽ ناري تعلقي جي اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ائٽپار، ڏوگريون، ڪهڪارو، سم، ڪنڙي، کارو دٻو، ونگائي، چوراٿر، ٻوٽار، ڀڻڪ، سينهوري، باکريجي، ڳاڙهو دٻو وغيره ۾ آستانا هوندا آهن.
پاڻيءَ ۾ سڙي ويل وڻ جي ٿڙ، ڌڏ يا نڙ وغيره تي رهندڙ چيڪلي جي گوشت جو ذائقو، آڙيءَ وانگر، پر ان کان ڪجهہ گهٽ سوادي ٿئي ٿو. ٻين پرديسي پکين وانگر هن جي گوشت جو تاثير بہ گرم ۽ خشڪ هجي ٿو. مڇي نہ کائڻ ڪري، هن جي گوشت ۾ ککاڻ، ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجي ٿي. جنهن ڪري هيءُ ٻين پکين سان گڏ، وڌيڪ مارجي ٿو. چالاڪ ۽ هوشيار پکي هئڻ سبب، هيءُ ولر ۾ چڳڻ وقت، انهن مان هڪ جھڙوڪر پيو چوڪيداري ڪندو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو آهي. ڪو بہ کڙڪو ٻڌڻ يا خطرو محسوس ڪرڻ تي يڪدم اڏامي ويندا آهن. ڏاڍو تيز اڏامندڙ پکي آهي. شايد ان ڪري ئي سڀ کان اڳ هتي پهچي ٿو. مٿي اڏامڻ مهل، سڌو اڀو اڏامندو آهي پر لهڻ مهل جهارو/ ڦيرو ڏئي لهندو آهي. هونئن ته بظاهر بي ڊپو ٿيو پيو چڳندو آهي پر جڏهن پاڻ کان وڏو پکي اچي ڀرسان چڳندو اٿس، ته ننڍ وڏائي جو خيال ڪندي مڙئي پاسيرو ٿي، هرو ڀرو جهيڙو جهٽو ڪرڻ کان پاسو ڪندو آهي. پر جڏهن پاڻ ۾ هوندا آهن تہ رؤنشي خاطر هڪ ٻئي کي پيا ڊوڙائيندا آهن.
تمام ذهين پکي هجڻ ڪري، کيس بندوق يا تہ لڪ ۾ هڻبي آهي يا پوءِ اڏامندي. تيز اڏامڻ ڪري، ڪجهہ بچاءُ ته ٿي پوندو اٿس پر شڪاري به آخر شڪاري آهن. هي بي زبان، ڪٿي ٿو انهن جي سازشي ذهنن جو مقابلو ڪري سگهي! سو نيٺ شڪار ٿي ويندو آهي. انسانن کانسواءِ باز جا مختلف قسم شڪرو، لغڙ باز، بحري باز، چرخ باز ۽ باشو باز بہ هن جو شڪار ڪندا آهن. ڦٽيل يا مئل چيڪلي مان، سرڻ به پيٽ ڀري ويندي آهي.
چيڪلو گپ چِڪ، مٽي، ڍنڍن ۾ ٿيندڙ ڇٻر جھڙو ڄارو گاھ، ڍنڍن ۾ ٿيندڙ ان واري گاھ جو ان/ٻج (مثال لوڻي گاهه جو ان/ٻج وغيره) ڪوڏ، رائو، ڪڪرو، ڪڻڪ ۽ ساريون شوق سان کائيندو آهي. مشهور خفتي استاد منٺار لغاري جي بقول تہ ”اسان اڇڙي ٿر جي خرش واري ڪلر ۾ شڪار ڪيل چيڪلي جي پيٽ مان لوڻ به لڌو هو.“ ان جو مطلب تہ هي لوڻ کائي بہ گذارو ڪري ٿو.
جڏهن ڪڻڪون آڀون تي اينديون آهن، ٿر ۾ ٿوهر ۽ ٻئي پاسي ٻير (سڀ کان پهرين) ڦوٽهڙو ڪري بهار جي اچڻ جو اعلان ڪندا آهن ۽ ڍنڍن/دٻن ۾ پاڻي گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، تہ چيڪلو انھن قدرتي اهڃاڻن کي پنهنجي وڃڻ جي اعلان برابر سمجهي واپس وڃڻ جي ڪندو آهي. جيڪڏهن موسم خوشگوار هجي تہ خفتين جي بقول، ”هيءُ مارچ جي آخر ۽ اپريل جي شروع تائين بہ هتي رهي پوندو آهي ۽ آڙيءَ کان پوءِ ويندو آهي.“
هاڻ ڪافي سالن کان هن سنڌ جي ڍنڍن تي اچڻ ڪافي گهٽائي ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪارڻ ٻڌائيندي پکين جي نفسيات جا ڄاڻو بچل جوڻيجو، نهال ملاح، محمد حسن راڄڙ ۽ رفيق لاهوتي چون ٿا تہ ”افغانستان ۾ هلندڙ لڙائيءَ جي ڌماڪن ۽ ٺڪا ٺُڪيءَ هن جو هتي اچڻ کان ارواح کڻائي ڇڏيو آهي.“ ڪاش! دنيا ۾ هر هنڌ، گهٽ ۾ گهٽ ايترو امن ۽ سڪون هجي جو پکين جي اچڻ وڃڻ جا گس بند نه ٿين ۽ پکين لاءِ ته سرحدون نه هجن. سڀئي پرديسي پکي هتي ڪنهن نه ڪنهن مجبوريءَ سبب اچن ٿا، ان ڪري اسان تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي تہ انهن مجبوريءَ جي ماريل بي زبانن جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي، انهن جو قتل عام ڪرڻ بجاءِ، انهن کي تحفظ مهيا ڪريون.