ايشور چند (30 جولائي 1937ع جنم ڏينهن جي حوالي سان)

عزيزالله خاصخيلي (ميرپورخاص)‎‎

سنڌ ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار آهن، انهن مان سنڌ جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار ايشور چند آهي. ايشور چند 30 جولاءِ 1937ع ۾ شهر حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري کان ميٽرڪ ڪلاس تائين حيدرآباد مان تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي جي ڪجهہ سال کان پوءِ هو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندي راجسٿان جي شهر اجمير ۾ وڃي رهيو. ايشور چند جي لاءِ ڪنهن وٽ به ٻه رايا ناهن. ايشور سنڌ جو اهو ليکڪ هو جيڪو سنڌي ۽ هنديءَ ۾ لڳاتار لکندو رهيو. ايشور چند جو هنديءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب ”لوءٽتا هئا اتين“ ڏاڍو مشهور ٿيو. ڪتاب ”لوءٽتا هئا اتين“ تي راجسٿان ساهتيہ اڪيڊمي پنهنجو سڀ کان وڏو انعام ”ميرا انعام“ ڏيئي سندس قدر شناسي ڪئي. تنهن کان سواءِ کيس مختلف وقتن تي اهڙا ڪيترائي صوبائي ۽ قومي سطح تي انعام پڻ مليا. جن مان ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ پاران ساليانو انعام ڏھ هزار رپيا، سنڌي هنديءَ ڊيريڪٽوريٽ پاران ٽن ڪتابن تي پهريون انعام، راجسٿان سنڌي اڪيڊمي پاران نه رڳو انعام پر ”آتنڪ“ نالي سان ڪهاڻين جو مجموعو پڻ ڇپايو ويو.

ايشور چند جون ڪهاڻيون پڙهن کان پوءِ ڪيترن ئي سنڌي ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪتابن، پنهنجي ڪالمن ۽ پنهنجي ٻين مختلف تحريرن ۾ الڳ الڳ راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جن مان سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار طارق اشرف جو ايشور بابت چوڻ آهي ته ”ائين ته سنڌي ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار آهن. جن هيٺين وچينءَ ڪلاس تي ڪهاڻيون لکيون آهن، پر انهي ڪلاس جي ترجماني جنهن چڀندڙ لهجي ۽ انداز سان ايشور چند ڪئي آهي. ايشور جنهن فنائتي نموني سان انهن جي ڪردار نگاري، انهن جي دل ترجماني، انهن جي جذبن ۽ احساسن کي ظاهر ڪيو آهي. اهيو سندس ڪمال آهي.“

ايشور چند جي ڪهاڻين جي اسلوب کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان ڌار ڪري بيهاريو آهي. هند جي مشهور هندي نقاد ”نند چترويد“ چيو ته ”ايشور جي ڪهاڻين جي اُڻت هڪ الڳ نموني جي آهي. اندران ئي اندران اوج پائي ٿي. ٻاهران گنبذ يا قيوبا ۽ مينار نظر اچن ٿا. ڪهاڻي بيحد معمولي جڳھ تان شروع ٿيندي آهي ۽ پوءِ هڪ اندروني اُڻت ذريعي پکڙجي ويندي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو پاٺڪ ۽ نقاد ان ڏينهن وائڙو ٿي عجب ۾ پئجي ويو، جڏهن کيس لڳو ته سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ٻالڪپڻ کي ڇڏي يڪ به يڪ جوان ٿي ويئي آهي. جنهن جو شرف بيشڪ ايشور چند کي آهي.“

ايشور چند اها واٽ اختيار ڪئي، جو هن سڌي واٽ ڇڏي، پٿريلي زمين تان هلندي پاڻ کي زخمي ڪيو. ايشور لکي ٿو ته؛ ”مون ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جي، ريليون ۽ سرگسون ڪڍڻ جي، هڙتالون ڪرڻ جي، نعريبازي جي يا پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ انهن نموني جي ۽ ٻين واهڻن جي توفيق ڪونه آهي. انڪري مان گونگي قلم ذريعي اظهار ٿو ڪريان.“

ادب ۾ ايشور چند گڏيل زبانن ۾ ڪتاب لکيا جن مان 13 ڪتاب سنڌي ۾، 10 هنديءَ ۾، 3 گجراتي ۾، هڪ انگريزي ۽ هڪ مليالم ۾ شايع ٿيو. ان کان سواءِ ست ڪشميري آکاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. سندس انگريزي ڪتاب ”Forgotten“ نالي 1987ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ايشور چند جا اڪثر ڪتاب سنڌ ۾ پڻ ڇپجي چڪا آهن

آخرڪار 55 سالن جي عمر ۾ موتين جھڙو سنڌي ڪهاڻيڪار ايشور چند 13 آگسٽ 1992ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close