ھن ڌرتيءَ جي گولَي تي انسان ذات جي لڏپلاڻ ڪا نئين ۽ معيوب ڳالھ ڪونھي، جيڪا روزِ اول کان ٿيندي رھي آھي، جنھن جا مکيه سبب امن امان جي خراب صورت حال سبب جان جي امان حاصل ڪرڻ سان گڏ سياسي ۽ اقتصادي پڻ رھيا آھن. جڏھن اسين سنڌ جو جائزو وٺنداسين ته دنيا جي ٻين علائقن وانگر صديون اڳ خود سنڌ مان ٻين ملڪن / علائقن ڏانھن لڏ پلاڻ ٿيندي رھي آھي پر اھي لڏ پلاڻ ڪندڙ نسل اڳتي ھلي انھن ملڪن ۽ علائقن ۾ جذب ٿي انھن جو حصو بنجي ويا. اھڙا ڪيترائي سنڌي ڄاوا نسل اسان کي خليجي رياستن کان وٺي سعودي عرب عراق ۽ شام تائين ملندا.
سيد سلمان ندوي پنھنجي ڪتاب ’عرب و ھند ڪي تعلقات‘ ۾ عربن جي ”زط“ قبيلي کي سنڌ جا ”جت“ سڏي ٿو، جيڪي صديون اڳ سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪري عرب علائقن ۾ وڃي رھيا۔ اھڙي طرح سري لنڪا مالديپ ۾ رھندڙ ڪجهہ نسلن جي پڻ دعوا آھي ته سندن وڏا اصل ۾ سنڌ مان لڏي اچي ھنن علائقن ۾ آباد ٿيا ھئا. سنڌي شروع کان ئي بھترين ناکئا ۽ وڻجارا رھيا آھن، جيڪي ست سمنڊ جهاڳي ڏورانھن ڏيھن سوماترا ۽ جاوا تائين وڃي پھتا. محققن جو خيال آھي ته يورپ جا رولاڪ لاڏائو قبيلا جپسي پڻ سنڌي نسل جا آھن، جيڪي سوين سال اڳ ھتان کان لڏي وچ ايشيا کان ٿيندا اڳتي يورپ تائين پکڙجي ويا.
سنڌين جي لڏ پلاڻ جا مکيه روٽ اسان کي ايران کان ٿيندا اڳتي عرب عراق شام تائين ملن ٿا ته ٻئي طرف سري لنڪا مالديپ کان ٿيندا انڊونيشا ۽ ملائيشيا تائين ملن ٿا ته ٽئي طرف گوادر بلوچستان کان ٿيندا اڳتي ايران تائين ملن ٿا گوادر ۽ ايران جا جدگال پڻ سنڌي قبيلا آھن. موجوده ھندستان جا علائقا جيسلمير ٻاڙمير ڪَڇ ڀُڄ ته رھيا ئي سنڌ جو حصو آھن. اھڙي طرح اسان جي نسلي جاگرافي جون حدون اڳتي ممبئي ۽ ڪاٺياواڙ تائين پکڙيل آھن.
دنيا جون مختلف قومون پنھنجي ٻولي ۽ رسم رواج ذريعي ھڪ ٻئي تي اثر انداز ٿينديون رھيون آھن. ھي ھڪ فطري عمل آھي جنھن کي روڪڻ ممڪن ڪونھي. سنڌ پنھنجي سگهاري ٻولي ۽ جاندار ثقافت ذريعي پنھنجي اوسي پاسي جي علائقن جي ٻولي ۽ ثقافتن تي ماضي ۾ گھرا ۽ چٽا اثر مرتب ڪيا آھن، جن تي علمِ لسانيات ۽ علم الانسان جي شاگردن کي تحقيق لاء وڏو مواد ملي سگهي ٿو.
ماضي ۾ سنڌ ڏانھن سڀ کان وڏي لڏ پلاڻ بلوچ قبيلن جي ٿي آھي (ھتي آرين ۽ دراوڙن جي لڏ پلاڻ کي في الحال ھڪ پاسي رکون ٿا) بلوچن ۽ سنڌين جا سياسي ۽ سماجي لاڳاپا ھميشه خوشگوار رھيا آھن. سندن لڏ پلاڻ ٻطرفي رھي آھي. ڪيترا ئي نج سنڌي راڄ / قبيلا بلوچ علائقن ۾ پڻ وڃي آباد ٿيا ۽ اتي پنھنجون رياستون قائم ڪيائون. لس ٻيلو رياست انھي جو مثال آھي اڄ به بلوچستان جي وڏي تعداد ۾ سنڌي آبادي موجود آھي. سنڌي ٻولي سموري بلوچستان ۾ ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي.
لساني جاگرافي وانگر نسلي جاگرافي جي به ڪا حد بندي نه ٿي ڪري سگهجي، جيئن اسين شفق جي لالاڻ جي ڪا چٽي حدبندي نه ٿا ڪري سگهون ته ھتان کان ڏينھن يا ھتان کان رات شروع آھي.
ماضي ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ٻطرفي لڏپلاڻ تي سنڌين حساسيت جو مظاھرو نه ڪيو آھي، ته پوء ھن وقت صورت حال تبديل ٿيڻ جا سبب ڪھڙا آھن؟ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌي پنھنجي مزاج ۾ جارحانه روين بدران معتدل ۽ انسان دوست صوفيانه رويا رکندڙ پئي رھيا آھن. ڏنڊي يا بندوق جي زور تي قومن جا قومي مزاج تخليق نه ٿا ڪري سگهجن، پر ھي صدين جو عمل ھوندو آھي، جنھن مان ڇنڊجي ڇاڻجي ڪنھن قوم جو قومي مزاج جڙندو آھي. سنڌ ۾ ٻڌ مت جي اھنسا ۽ عدم تشدد واري فڪر سان گڏ تصوف ۽ ويدانيت جي اثر ھيٺ قومي مزاج جڙيل آھي، تنھنڪري سنڌ ۾ پاڪستان جي ٻين نسلي گروھن جي مقابلي ۾ تنگ نظر بنياد پرست سوچ کي گهٽ مڃتا ملي آھي. سنڌ ٻاھران ايندڙ نسلي گروھن کي پاڻ ۾ جذب ڪيو آھي مگر ھي محبت جو ڪاروبار يڪ طرفو نه پر ٻطرفو رھيو آھي.
ورھاڱي کان پوء مختلف وقتن تي جيڪا وڏي پيماني تي سنڌ ڏانھن لڏپلاڻ ٿي آھي يا اڃان ٿي رھي آھي، سا يڪ طرفي بلا جواز ۽ غير فطري آھي، جنھن سببان ڌرتي ڌڻين جي اڳيان سندن بقا جو سوال پيدا ٿي پيو آھي. معاشي وسيلن جي سوڙھو ٿيڻ ۽ سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿي ھزارين سالن جي شاندار تھذيب ۽ ثقافت جي ختم ٿي وڃڻ جي حقيقي خوف سنڌ جي سموري سماجي سرشتي کي ڊاوان ڊول ڪري ڇڏيو آھي. ھن ڏکوئيندڙ صورت حال کي محسوس ڪندي دنيا جي سنجيده حلقن طرفان وقت بوقت انھيءَ حقيقت جو اظھار ٿيندو رھيو آھي تہ سنڌ ۽ سنڌو جيڪي عالمي ورثو آھن، سي سڪڙجي ۽ مري رھيا آھن، انھن کي بچائڻ لاء ڪي سنجيده ڪوششون ٿيڻ گھرجن. انھيءَ سموري وايو منڊل سنڌين ۾ سياسي سماجي ۽ فڪري ويڳاڻپ پيدا ڪري ڇڏي آھي، انھيءَ ويڳاڻپ جي ذميوار اسان جي تاريخي شعور کان وانجهيل سياسي قيادت ۽ آمريت وارن دورن ۾ آمرن جي ڪيل غلط فيصلا آھن، جنھن جو نتيجو آخرڪار سنڌ کي ڀوڳڻو پوي ٿو. تنھن ڪري ضروري آھي ته سنڌين کي ھن بحراني حالتن مان ڪڍڻ لاء گهڻ طرفي جدوجھد جي ڪئي وڃي.
’پنھنجي اخبار‘ جي ٿورن سان