اميرن جي مسيت

تنوير عالم جوکيو

سوڍل خلاف ڪيس جي شنوائي ملير ڪورٽ ۾ ھلي رھي ھئي، بحريا ٽائون ۾ دنيا جي ٽئين نمبر تي وڏي مسيت بڻجي رھي آھي، جنھن تي سوڍل کي ۽ سندس سڄي ڳوٺ کي اعتراض آھي.

ڳوٺ وارا تہ ھڪ ھڪ ٿي ڳالھ کي وساري ويٺا پر سوڍل کي وڏو مٿي ۾ سور ھيو وڏي مسيت جو جنھن جي ڪري صبح شام مسيت خلاف لکڻ ۽ ڳالھائڻ لڳو.. مٿس ملير ڪورٽ ۾ ڪيس ھلي رھيو ھو تہ سوڍل مسيت خلاف باغي ٿي بيٺو آھي کيس اسلام مان خارج ڪيو وڃي ، ڪافر ٿي ويو آھي…

ڪورٽ ٻاھر مقامي صحافين سميت ڪاٺوڙ، گڏاپ، ڪونڪر ۽ پنھواري جبل وارا بيٺل هئا.. ھڪ بڪتربند گاڏي مان سوڍل کي ھٿڪڙيون لڳل منھن تي ڪاري ڪوٿري چڙھيل، ڄڻ ڪو اسامہ بن لادن جو ڀائيٽو ھجي، کيس پوليس وارا گھيليندا عدالت ۾ داخل ٿيا…

ڪجھ دير ۾ ڪورٽ جي ڪاروائي ھلڻ لڳي جج صاحب پوليس وارن کي اشارو ڪيو سوڍل جي منھن تان ڪوٿري لاٿي وڃي. سوڍل ھٿن جي ترين سان اکيون مھٽي ڪورٽ سڳوري ۾ نظرون گھمائي ڏسڻ لڳو، پنھنجي راڄ جا ماڻھو ڏسي سرھو ٿي ويو. جج وڪيلن کي حڪم ڏنو ته ڪاروائي شروع ڪئي وڃي.

بحريا جو وڪيل دليل ڏيڻ لڳو: جج صاحب ھي ڪٽھري ۾ بيٺل شخص ڪافر آھي.. ھي ملڪ رياض صاحب جي ٺاھيل مسيت خلاف گھٽ ڳالھائيندو آھي.. مذھبي رواداري لاءِ خطرو آھي بحريا جي رھائشين جي عبادت ۾ رڪاوٽ وجھندو آھي…..

جج: سوڍل پنھنجي بچاءُ ۾ ڪجھ چوڻ چاھين ٿو تہ چئو……

سوڍل: جج صاحب گستاخي معاف ڪجو! ڀلا مسيت واري زمين ملڪ رياض جي پيءُ جي جاگير آھي؟  جو اتي مسيت پيو اڏي؟ آئون مسيت جي خلاف ناھيان منھنجو پيءُ بہ مسيت جو امام ھو ۽ آئون بہ ڪلمي گو مسلمان آھيان. خدا ڪٿي فرمايو آھي تہ غريب جا حق غصب ڪري مسيت بنائي وڃي؟ حقوق ﷲ کان پوءِ حقوق العباد بہ اچي ٿو. اسين ھتي صدين کان ويٺل ابن ڏاڏن کان اسان جي قبرستان جي لتاڙ ڪري اسان جي گسن تي رڪاوٽ وجھي ھڪ غريب گبول جي سورنھن ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ھي مسيت اڏجي پئي. ان مسيت جي ايراضي تي غريبن جو رت ست وھائي قبضو ڪيو ويو آھي. ﷲ سائين تہ ڪٿي بہ اھو ناھي فرمايو تہ منھنجي بندن جا حق ڦٻائي عبادت گاھون جوڙايون وڃن؟  اسلام ۾ ڪٿي بہ اھو ذڪر ناھي تہ آبادي کي برباد ڪري مسيت اڏي وڃي. تاريخ ۾ ڀلي ھي دنيا جي ٽئين نمبر تي وڏي مسيت ھجي پر ان مسيت لاءِ حاصل ڪيل  زمين جو سئو فيصد جيڪڏھن ھڪ فيصد بہ مالڪن کي معاضو نہ مليو آھي تہ مطلب ھڪ انچ جو بہ مسيت جي زمين م ڪنھن. جو حق تلافي ٿي تہ اسلام ۾ ان ڳالھ جي رتي جيتري بہ گنجائش ناھي تہ اتي مسيت جوڙائي وڃي،  پر ھتي تہ انڌيرنگري لڳي پئي آھي. اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙي مسيت آھي ڀلا محراب جي سامھون بحريا جي ديوار اچي ٿي ڀلا ملڪ رياض پنھنجي ديوار جو قبضو ھٽائيندو؟

بحريا جو وڪيل ڇتي ڪتي وانگي ڪڪڙاٽ ڪندي: ڏسو جج صاحب سوڍل ملڪ رياض صاحب جي زمين تي قبضي جي ڳالھ ٿو ڪري، ڏسو ﷲ جي گھر لاءِ بحريا جي رھائشين جي چارديواري ٿو ڪيرائڻ جي ڳالھ ڪري…..

سوڍل وڪيل جي ڳالھ تي ڀلا تو واري ملڪ رياض جو خدا ٻيو آھي ڇا؟ اسان جو خدا وري ٻيو ڇا؟ اميرن جي مسيت ۽ غريبن جي مسيت ۾ فرق آھي ڇا! ؟؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close