ڪارونجهر جي ڪور تان مور اُڏاڻا!!!

محمدخان دائود

ھو سنڌ ۾ ایئن ئي داخل ٿيا ھُئا جيئن ”دلان تير بجان“ وارا داخل ٿيندا آھن، گھڻن واعدن سميت ،گھڻن دلاسن سميت.. پوءِ ڇا ٿيو!!!؟
پوءِ اھو ئي ٿيو جيڪو اسان کي تہ ڇا پر سموري سنڌ کي نظر اچي رھيو آھي .نہ ٿر ٿرين جو رھيو، نہ ملير مليرين جو، نہ سمنڊ ملاحن جو ۽ نہ ئي سنڌ سنڌين جي رهي… ٿر بہ ٿرين جي هٿن مان ٿر جي واريءَ وانگر نڪري ويو..

آئون هتي ھر گز ان ڳالھ کي جسٽي فاءِ نہ ڪندس تہ ”دلان تير بجان“ کان اھي سچا ۽ صحيح ثابت ٿيا جن جي ھٿن ۾ وڏا ٿلھا ڪتاب، جن جي شلوارن جي پانچا مٿي ۽ پٺن تي ڳرا ڳرا بسترا ھُئا اھي بہ سنڌ ۽ ٿر ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اُڃايل ٿرين کي مٺي پاڻيءَ جا کوھ کُڻائي ڏين ٿا، پر آئون انھن کي سٺو ڪيئن ٿو لکي سگھان جيڪي هڪڙي ديوان سان ھڪڙي کوھ جو سودو سندس ڌرم جي ملھ تي ڪن ٿا، پوءِ اھو ديوان نہ دين جو رھي ٿو نہ دنيا جو پوءِ سموري حياتي ان جي ھٿ ۾ اھو ڪاغذ رھي ٿو جنھن ڪاغذ ۾ اھو ڏيکاريل ھوندو آھي تہ ھڪڙو آسو رام ھاڻي عبدالله بڻجي ويو آھي پوءِ سموري حياتي ان آسو رام کي اھا ئي پڪ نہ رھندي آھي تہ اھو آسو رام آھي يا عبدالله!!؟
اھو نہ ڪرم جو رھندو آھي نہ ڌرم جو!

آئون هتي انھن مُلن جي وڪالت ھر گز ھرگز نٿو ڪرڻ چاھيان، جيڪي ٿر جي بک ۽ اُڃ کي ڪيش ڪرائيندا رھندا آھن پوءِ ڪيترن ئي مائرن کان انھن جا ٻچا جدا ٿي ويندا آھن..

پر ان ھوندي به اھي وڏين ڏاڙھين ، وڏن پٽڪن وارا انھن ”دلان تير بجان“ کان بھتر رھيا آھن جو ھو ريٽ واري ٿر ۾ مٺي پاڻيءَ جا کوھ تہ کوٽرائي ڏين ٿا..
پر انھن ”دلان تير بجان!“ وارن ڇا ڏنو آھي ٿر کي؟
نہ دلاسا، نہ يقين! سواءِ ڪوڙن واعدن جي!
۽ انھن سورن جي جيڪي ڪٿي بہ درج ناھن، جن سورن جو ڪٿي بہ اندارج ناھي، جيڪي سور ڪنھن بہ دفتر ۾ درج ناھن، جيڪي سور ڪٿي بہ لکيا نٿا وڃن، جن سورن جي سموري سنڌ کي خبر آھي پر جڏھن اھو ڏسجي ٿو ته اھي درد ڪھڙي دفتر ۾ درج آھن ته اھڙو دفتر ڪٿي به ناھي، جتي ٿر جي واريءَ جا درد درج ھجن!

ٿر جا درد ڪراچي ۾ موجود سنڌ سيڪريٽريٽ ته پري جي ڳالھ، پر ٿر جي صحرا جا سور ته ان مٺي جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ به درج ناھن، جتي ٿر جو ڊي سي ڏينھن چڙھئي اچي ٿو ۽ نما شام کان پھرين گھر ھليو ٿو وڃي.
ته پوءِ ان ٿر جا درد ڪير ٻڌندو، ڪير محسوس ڪندو، ڪير سڻندو، ڪير لکندو ۽ ڪٿي لکندو!؟

جنھن ٿر ۾ جڏھن معصوم ٻار مرندا ھُئا ته قائم علي شاھ فرمائيندو ھو ته ”ٿري مائرون گھڻا ٻار ڄڻن ٿيون ان لاءِ ٻار مري وڃن ٿا!“
جنھن ٿر ۾ ٿري مائرون پنھنجي بيمار ٻارن کي آڌي رات جو پنھنجي چيلھن تي سندرا ٻڌي مٺي لاءِ ان اُميد سان کڻي روانيون ٿينديون ھيون تہ من بچي پون!
جنھن ٿر ۾ ٿري مائرون ته محبت جي من سان ٻار پيدا ڪنديون رھيون پر سرڪار جي ناڪارا صحت پاليسي ۽ معصوم ٻارن لاءِ ناڪارا خوراڪ پاليسي جي ڪري اھي معصوم ٿري ٻار ھر روز اجل جو شڪار ٿيندا رھيا، اھي ڪي ھڪ ٻہ ٻار نه ھُئا، اھي بہ ايترا ٻار ھُئا جو انھن جي ايئن مري وڃڻ جو ريڪارڊ به ڪٿي درج ناھي، سواءِ انھن معصوم قبرن جي جيڪي قبرون  بار جيان ٿر جي واريءَ تي موجود آھن، اھي معصوم قبرون ناھن پر اھي انھن لاچار مائرن جا ڳوڙھا آھن، جن مائرن جي معصوم ٻارن کي ٿر جي ريت ڳڙڪائي وئي، اھي درد به ڪنھن دفتر ۾ درج ڪونھن ۽ اڄ تائين ڪنھن به انهن دردن جي زميواري قبول نه ڪئي آھي!

مونکي خبر ناھي ته اھي سور ٿر لاءِ معمولي آھن يا تمام گھڻا وڏا پر آھن ته درد!

اھو سور به ڪٿي درج ناھي جنھن سور ۾ ٿر واسين کي ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏئي انھن کان انھن جي ڌرتي کسي وئي جنھن ڌرتي تي اجگر نانگ جھڙو گوڙاڻو ڊيم تعمير ڪيو ويو آھي، جنھن جا ناقص نتيجا ظاھر ٿيڻ لڳا آھن، جنھن ڊيم جي هاڃيڪاري تي ٿر واسين پيرين پيادو ڪراچي تائين مارڇ ڪيو.. جنھن لاءِ ٿرين ڪراچي ۾ احتجاج ڪيا، جنھن لاءِ انھن ڪراچي ۾ ڌرڻو ھنيو پر انھن کي ڇا مليو سواءِ دلاسن جي؟

ھاڻي اھي ئي ھٿ، جن ھٿن ٿر جي سونھن لُٽي ٿر جي دامن کي داغ دار ڪري اتي زھريلي پاڻي سان ڀريل گوڙاڻو ڊيم ٺاھيو ھو، ھاڻي اھي ئي  ھٿ ڪارونجھر جي ڪور جي پويان پئجي ويا آھن…

جڏھن ٿر ۾ ٻار مري رھيا ھُئا، تڏھن ٿر جي مورن ڪچن ڪانن سان ٺھيل چوئنرن تي ويھڻ ڇڏيو ھو، جڏھن ٿر جي زمين تي زھريلو ڊيم اڏيو ويو ته مور اتان به اڏري ويا ھُئا… ھاڻي جڏھن ڪارونجھر جي ڪور ئي ڪٽجي رھي آھي، ته اھي مور ڪيڏانھن وڃن؟

"دلان تير بجان” جي آشيرواد سان قومي ڪارونجهر جي ڪور ڪٽجي رھي آھي ڪارونجهر جي پٿرن سان ٽرڪ ڀرجي شھرن طرف اچي رھيا آھن
اھي اسان ميڊيا جي معرفت ڏسي رھيا آھيون
پر اھي مور ڪنھن کي بہ نظر نہ ٿا اچن، جيڪي ڊائينامائيٽ جي ڌماڪن سان اڏرن ٿا…
ڪاش ڪوئي لکڻ وارو ڪو ھڪ اڌ آرٽيڪل ھن عنوان سان به لکي ته
” ڪارونجهر جي ڪور تان مور اُڏاڻا!!!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close