نوٽ: هي مضمون ڊاڪٽر عائشا جلال جي انگريزي مضمون Master of Mutilation جو ترجمو آهي. انگريزي مضمون 31 آگسٽ 2009ع ٿي انڊيا ٽُوڊي ۾ ڇپيو.
جناح، اپريل 1942ع ۾، الھہ آباد جي صحافين کي چيو هو: ”اوهان ڀلي هندو هجو، مسلمان هجو، پارسي هجو يا عيسائي هجو، مان جا ڳالھ اوهان کي چوڻ چاهيان ٿو، سا هيءَ آهي، ته مون تي گهڻي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، ۽ هڪ وار مون تي حملو به ڪيو ويو؛ اڄ تائين مون تي انتھائي اڻ سُهائيندڙ الزام به لڳايا وڃن ٿا؛ اُن جي باوجود، مان اوهان کي نھايت ايمانداريءَ سان اُهو يقين ڏياريان ٿو، ته ڪڏهن اهڙو ڏينھن به ايندو، جو نه رڳو مسلمان، پر هندن جي به وڏي اڪثريت منھنجي جيئري نه، ته منھنجي مرڻ بعد ضرور منهنجي نالي مٿان رحمت جا لفظ اُچاريندي.“
جناح لاءِ اڄ سوڌو اهڙو ڏينھن ته نه اچي سگهيو، پر هاڻ هندوستان جي هاڪاري ماڻهن هيءُ جيڪو جناح کي نئين سري سان ڏسڻ جو، سمجهڻ جو ۽ پرکڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي؛ اُن مان ڀاسجي ٿو، ته جناح تي، هندن پاران رحمت جا لفظ آڇڻ وارو ڏينھن گهڻو پري ناهي.
ان ڏس ۾، تازو هندوستان جي هڪ هاڪاري سياستدان جسونت سنگهہ جو جناح تي هِڪُ ڪتاب Jinnah: Indepedence, Partition and India آيو آهي. ڪتاب جي وڏي پذيرائي ٿي آهي، پر مُحققن لاءِ اُن ڪتاب ۾، جناح بابت، سندس سياسي ڪردار بابت ۽ سندس سياسي جدوجهد بابت ۽ پڻ سندس سياسي حڪمت علمي بابت ڪابه نئين ڳالهه ڏسڻ لاءِ ناهي. اُن ڪتاب ۾، جيڪڏهن ڪا ڳالھ نئين آهي، ته اُها هيءَ آهي، ته اهو ڪتاب هندوستان جي هڪ سياسي تنظيم بي جي پي جي هڪ هاڪاري سياستدان، جسونت سنگهہ، جناح تي ڪتاب لکيو آهي، ۽ اُن ۾، جناح جي حوالي سان اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جيڪي اُن کان اڳ مختلف مُحقق اڳواٽ ئي ڪري چڪا آهن.
ڳچ سال اڳ مون پنھنجي ڪتاب Spokesman The Sole (جيڪو نئين مواد ۽ دستاويزن جي بنياد تي لکيو ويو هو) ۾ اهو ڏيکاريو هو، ته جناح جو اصل سياسي مقصد هندوستان جو ورهاڱو نه هو. جناح صرف گڏيل هندوستان جي مرڪز ۾ مسلمانن واسطي برابري جي نمائندگي پئي چاهي. هُن کي هندن کان ڪا به مذهبي نفرت نه هئي. هُو صرف ڪانگريس ۽ اُن جي ليڊرشپ جي هندو بالادستيءَ واري سوچ جي خلاف هو، جنھن ۾ اختلاف راءِ ڪو به احترام نه هو.
بھرحال، ٻين اڪيچار اختلافن جي باوجود، پٽيل ۽ نھروءَ وارا انگريز سرڪار جي هٿان قائم ڪيل مرڪزيت پسند رياست ۾ اختيار حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هئا. جڏهن ته، جناح جو اُبتڙ خيال هو. هُن ڀانيو ٿي، ته انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ هندوستان جو مرڪزيت تي ٻڌل حڪومتي سياسي سرشتو ختم ٿي ويندو ۽ هندوستان لاءِ هڪ نئين يونين قائم ٿيندي، جا دراصل هندوستان جي مرڪز ۾ شامل وحدتن جي ڳالھ ٻولهہ جي نتيجي ۾ عمل هيٺ ايندي.1947ع جي تناظر ۾ اُهي مرڪز جوڙيندڙ وحدتون ۽ يونٽ، هندو گهڻائي وارن صوبن جي نمائندگي ڪندڙ هندوستان ۽ مسلم گهڻائي وارن صوبن جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستان تي مشتمل ٿي پئي سگهيا، جن مان هرهڪ کي پاڻ ۾ اقليتن جو به چڱو چوکو تعداد به رکڻو هو، ۽ اُن جو گهربل تحفظ به ڪرڻو هو.
دراصل، جڏهن هندوستان سطح تي ٿيندڙ ڳالھ ٻولهہ وارو عمل ڪاميابي واري نتيجي تي نه پھتو، ۽ هندو مهاسڀا وارن ٻن مسلم گهڻائي وارن صوبن پنجاب ۽ بنگال جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو، ته نھرو ۽ پٽيل وارن به 1947ع واري سال جي شروع ۾ ورهاڱي تي زور ڏنو. هندوستان جي سمورن مسلمانن جي اڪيلي نمائندي] Spokesman [Sole يعنى: جناح آخري دم تائين ان قسم جي ورهاڱي ۽ تباهي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هندوستان ورهاڱي کان بچي سگهجي پيو. جيڪڏهن ڪانگريس ۽ ان جي ليڊرشپ صوبن کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ سان گڏ مرڪز ۾ مسلم ليگ کي مناسب حصيداري ڏيڻ واري مطالبي کي قبول ڪري ها.
هوڏانھن صورتحال اها هئي، جو نھرو ۽ پٽيل وارا هندوستان جي ورهاڱي لاءِ ته تيار هئا، پر هُنن مرڪز ۾ مسلم ليگ کي اثرائتي نمائندگي ڏيڻ واري ڳالھ کي نه ٿي قبوليو، جنھن سببان ورهاڱو ٿي ويو، ۽ پاڪستان به ٺھي ويو.
جيڪڏهن جسونت سنگهه جي ان ڪتاب مان عوامي سطح تي ان بحث جي وڃڻ ۾ مدد ملي، جنھن کي مسلمان گهڻي عرصي کان ڄاڻڻ ٿا، ته پوءِ اُهو ڪتاب، ننڍي کنڊ جي ماضي جي علمي لحاظ کان وڌيڪ ايماندارانه مفاهمت ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
مان ڀانيان ٿي، ته هڪ ٺوس لبرل ۽ هندوستاني قومپرستي جي عظيم حامي اڳواڻ طور، جناح، جنھن نيٺ، ڌار مسلم رياست پاڪستان جو بنياد وڌو، کي مرڻ کانپوءِ گهڻي طوفاني زندگي ملي آهي. پاڪستانين کيس عظيم اڳواڻ قرار ڏنو، جنھن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هندو بالادستي کان بچايو. ڪيترن ئي هندستاني ماڻهن، هُن کي ذاتي مفادن واري سياست ۾ مگن، هندوستان جي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندڙ نفرت جوڳو اڳواڻ ڀانيو. انگريزن کي جناح جي صورت ۾ هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو هو، جنھن تي اهي ورهاڱي جو الزام رکي، سولائي سان پاڻ کي آجو ڪري پئي سگهيا. بھرحال، تاريخ ۾ ڪي بنهه ٿورا ماڻهو هوندا، جيڪي غلط نموني سان سمجهڻ کان بچي ويا هجن. اسان وٽ، جناح کي غلط نموني سان سمجهڻ جي روايت ته بنهہ پراڻي آهي. ڇو ته، ان جا بنياد سيڪيولر انڊيا ۽ اسلامي پاڪستان جي مقدس استعارن ۾ نھايت گھرائيءَ سان پيوست آهن. ان جو واضح مثال هندوستان جي ايل. ڪي. آڏواڻيءَ جو جناح جي باري ۾ ڪيل اُهو تبصرو به آهي، جنھن ۾ هُن، 2005ع جي اونھاري ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جناح کي هڪ سيڪيولر اڳواڻ قرار ڏنو هو. جڏهن ته، آڏواڻي، جناح پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي ۾ جا تقرير ڪئي، تنھن جي به تمام گهڻي واکاڻ ڪئي، ۽ ان کي سيڪيولر ڏکڻ ايشيا جو بنيادي آدرش قرار ڏنو هو. 11 آگسٽ 1947ع تي، جناح پنھنجي جڳ مشھور تقرير ۾ اسيمبلي کي ٻڌايو هو، ته جيڪڏهن پاڪستان دنيا جي قومن ۾ اعلٰى مقام حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ته پوءِ ان کي فرقي پرستي ۽ تنگ نظري مان ٻاهر نڪري اچڻو پوندو. ”اوهان آزاد آهيون. اوهان پنھنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيون. اوهان پنھنجي پاڪستان جي رياست اندر مسجدن يا ٻين عبادتن گاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيون.اوهان جو واسطو ڪھڙي به مذهب، ڪھڙي به نسل يا ڪھڙي به ذات سان ٿي سگهي ٿو، رياست جو ان ڳالھ سان ڪو به واسطو ناهي.“
پاڪستان جي دوري تي آيل بي. جي. پي. جي ان اڳواڻ ايل. ڪي. آڏواڻي، جناح جي انهي خاص تقرير ڏانھن پنھنجي مخصوص انداز ۾ اشارو ڪري، پاڪستان جي حڪمران طبقي کي اها هدايت ڪئي، ته هُنن پنھنجي عظيم اڳواڻ جي سيڪيولر ويچارن کي دهشت گردي ۽ انتھاپسندي سان ملائي ختم ڪري ڇڏيو آهي. آڏواڻي، جيڪو پاڻ هندوستان ۾ هڪ فرقي پرست اڳواڻ واري سُڃاڻپ رکي ٿو، ان پنھنجي پاڪستاني ميزبانن کي سيڪيولرازم وارو اهو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، جو سندس پنھنجي ملڪ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهيو.
بھرحال، ڪانگريس به، بي جي پي سان گڏجي، هُن جي انهي بيان جي سخت مذمت ڪئي، ۽ اها ڳالھ به وساري ٿي ڇڏيائون، ته جناح کي سيڪيولر قرار ڏيڻ خود پاڪستان جي اسلامي جمھوري حڪومت کي ساک جي بُحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏڻ آهي، جتي سيڪيولر لفظ جو مطلب ”لادينيت“ ورتو وڃي ٿو.
ياد اچي ٿو، ته هڪ ڀيرو سروجني نائيڊو چيو هو: ”اسان کي سڀاڻي وارن خطرن کان ڪير بچائي سگهي ٿو؟ يا انهن ڳجهن طاقتن کي ڪير ڏسي سگهي ٿو، جيڪي اسان جي خوابن کان به وڌيڪ اسان جي تقدير ٺاهين ٿيون؟ اهي ويچار سروجني جا ته هئا، پر هوءَ، انهن ويچارن ذريعي جناح جي ئي واکاڻ ڪري رهي هئي، جيڪو تن ڏينھن بمبئي سرگرم ۽ هاڪارو وڪيل هو، ۽ جنھن جي لبرل سوچ ۽ جمھوري ويچارن سببان هميشھ واکاڻ ٿيندي رهندي هئي.
جناح جي سياسي سرپرست گوپال ڪرشنا گوکلي هڪ ڀيرو جناح جي باري ۾ چيو هو، ته هُو نڊر آهي، هُو بھادر آهي، هُو دل جو سُچيت آهي، ۽ هُو هر قسم جي فرقيواراڻي سوچ کان آزاد آهي، ۽ اِها ڳالهه هُن کي هندو-مسلم اتحاد جو سفير بڻائي سگهي ٿي. اهي ريمارڪس سروجني جي بدولت تمام گهڻا مشھور ٿيا، جنھن جي خواهش هئي، ته مستقبل جي ڪتاب ۾ ليئو پائي اهو ڏسي سگهجي، ته اُتي اهو لکيل آهي: ”اهو جنھن جي جائز خواهش مسلم گوکلي بڻجڻ واري هئي،اسان جي شاندار قومي جدوجهد جي خطرناڪ بُحران مان گذري، هندوستان جي آزادي وانگر لازوال ٿي چڪو آهي.“
بھرحال، مستقبل جناح کي ڏٺو، ته هُو ناقابل وضاحتي انداز سان لافاني بڻجي چڪو هو. هندوستاني قومي جدوجهد جي اڳواڻ طور نه، پر مسلم پاڪستان جي معمار طور. هُن کي هندو-مسلم اتحاد جي سفير طور ياد رکڻ سان اهو ٿيو، جو کيس هندوستان ۾ هڪ ”ڪميونسٽ طور ڦٽڪار“ جو نشانو بڻايو ويو. اهو اصطلاح ڏاڍو نفرت هاڻي انداز ۾ 1920ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ انهن ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو، جن ڪانگريس جي قومپرستي واري پروگروام جي حمايت نه ٿي ڪئي. جناح، اڪيچار موقعن تي، اُهو واضح ڪيو، ته هُن جي جدوجھد هندو عوام جي خلاف نه، پر هندو بالادستيءَ جي خلاف آهي، هُن، ايستائين جو 1940ع واري ڏهاڪي ۾، هندوستاني مسلمانن کي هڪ قوم قرار ڏيڻ جي باوجود، اهو چيو هو، ته پاڪستان ۽ هندوستان پنھنجي جاگرافيائي ويجهڙائي جي سببان، پنھنجي گڏيل مُفادن جي ڪري وفاقي، ڪنفيڊرل يا ڪنھن ٻي قسم جو پاڻ م اتحاد ڪري سگهن ٿا. هُن امريڪا جو به مثال ڏنو، جتي لڳ ڀڳ ٽيھ خومختيار رياستون پنھنجي گڏيل مفادن جي ڪري اتحاد ڪري چڪيون آهن. يورپ جي رياستن به، پاڻ ۾، پنھنجي گڏيل وڻج واپار لاءِ اڪيچار واپاري اتحاد ۽ ٺاھ ڪري ورتا آهن.
جناح 1944ع جي آگسٽ ۾ پنجاب جي هندو ۽ مسلم شاگردن کي ٻڌايو: ”اسان، هندن جا دشمن ناهيون. کڻي جو اسان ڪجهہ نقطن تي اتفاق ناهي ڪيو، پر ان هوندي به، اسان کي گڏيل دشمن جي خلاف ائين گڏ ٿيڻ گهرجي، جئين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس، مرڪزي اسيمبلي ۾، نوآبادياتي حڪومت خلاف ووٽ ڏيڻ ۾ گڏ ٿي ويون هيون. جيڪڏهن اسان لاءِ هڪ ڌار رياست ضروري ٿي وئي، ته ان جو مطلب اهو نه هوندو، ته اسان جو هڪ ٻئي سان ڪوبه واسطو نه هوندو.“
1947ع ۾ جيڪي ورهاڱي سببان ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا، تن به هندوستان سان سُٺن لاڳاپن رکڻ واري جناح جي جا خواهش هئي، تنھن کي تبديل نه ڪيو. جناح، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو قائل هو، پر هُو جبري ويجهڙائي ۽ جبري قربت جو ڪنھن به طرح سان حامي نه هو، جئين اڄڪلهہ ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن. ”پاڪستان قائم رهڻ لاءِ ٺھيو آهي، ۽ اهو هندوستان سان آزاد ۽ خودمختيار رياستن وانگر ڪنھن به اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هُنن، ٻنهي ملڪن کي گهرجي، ته اُهي پنھنجي ماضي کي دفن ڪريو ڇڏين، ۽ جو ڪجهه گذري ويو آهي، ان جو باوجود، اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته اسان پاڻ ۾ دوستن وانگر رهنداسين.“ ”اسان کي، پاڙيسري طور، هڪٻئي کان گهڻو ڪجهه وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان هڪٻئي جي مادي، اخلاقي ۽ سياسي مدد ڪيترن ئي طريقن سان ڪري سگهون ٿا.ائين، ٻنهي ملڪن جي سمانتا ۽ آتم وشواس ۾ اضافو آڻي سگهون ٿا.“ جناح جو هڪ شرط امن امان جي قيام بابت به هو، ته جئين ٻنهي ملڪن ۾ رهندڙ اقليتون اهو محسوس ڪري سگهن، ته سندن جان، سندن مال، سندن عزت ۽ سندن مفاد مڪمل طور محفوظ آهن، ۽ ساڻن پنھنجي پنھنجي حڪومت جائز طرح سان ورتاءُ اختيار ڪري سگهي. مارچ 1948ع ۾، جڏهن جناح کان پُڇيو ويو، ته ڇا پاڪستان ۽ هندوستان پنھجا تڪرار حل ڪري سگهندا، ته ان تي، جناح نھايت مثبت جواب ڏنو. هُن چيو: جيستائين هندوستان پنھنجي برتري واري سوچ نه ٿو ڇڏي،۽ اسان سان برابري جي بنياد تي ورتاءُ نه ٿو ڪري، تيستائين تڪرار حل نه ٿي سگهندا. هن کي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه هو، ته بطور آزاد ملڪن جي، هندوستان ۽ پاڪستان لاءِ اهو انتھائي ضروري آهي، ته اُهي پاڻ ۾ گڏجي نھايت دوستاني انداز سان پنهنجي زميني توڙي سامونڊي سرحدن جي ٻاهرين جارحيت جو دفاع ڪن.ائين ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي پنھنجا اختلاف ختم ڪرڻاپوندا. دراصل، اسان جڏهن اندروني طور تي پنھنجو گهر جوڙي رکنداسون، ته تڏهن اسان ٻاهرين ٻين الاقوامي معاملن ۾ ڪو ڪارڳر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهنداسون. اهو سڀ ڪجهه جناح واضح ۽ کليو کلايو نموني سان چيو هو. دُک جي ڳالهه اها آهي، ته اڄ پاڪستان ۾ نه رڳو جناح جي بنيادي تصور ۽ ويچارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏ، هُن جا پاڪستان ۽ هندوستان جي دوستي بابت جيڪي ويچار هئا، ۽ جيڪي اميدون هيون، تن کي به وساريو ويو آهي. تاريخ جي ان وهڪري جناح جي تصور کي ناقابل عمل به قرار ناهي ڏنو. هُن پنهنجي هم وطن ماڻهن کي ٻڌايو هو:“امن امان جو انتھائي محتاط انداز سان قيام ئي ترقي لاءِ هڪ لازمي شي آهي. اسلام هر مسلمان کي ان ڳالهه جو پابند ڪري ٿو، ته اُهو پنھنجي پاڙيسري توڙي ٻي ذات ۽ عقيدي وارن اقليتن جي حقن جي بنا ڪنھن فرق جي حفاظت ڪري.“هُن اهو به خبردار ڪيو، ته پاڪستان صرف تماشائي بڻجي، هندوستاني مسلمانن جي تڪليفن کي ڏسي نه ٿو سگهي ٿو. جناح پنھنجي پاڪستان وارن ماڻهن کي به چيو:”اهي اقليتن جي تحفظ کي پنھنجي عزت ۽ وقار جو مسئلو بڻائين، ڇو ته اوهان انهن سمورن سالن ۾ جنھن عظيم عمارت ٺاهڻ جي خواهش ڪئي هئي، امن امان جي خلاف ورزي ۽ جوابي حملن سان ان جا بنياد ڪمزور ٿي ويندا.“ جناح جا اُهي لفظ هميشھ کان ان وقت وڏي سچائي سان گونجي رهيا هئا، جڏهن پاڪستان، جنھن جي قيام جي جناح هڪ طوفاني انقلاب طور واکاڻ ڪئي هئي، ڪنھن زماني ۾ هندوستان سان عسڪري توازن قائم ڪرڻ واري ڪوشش ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو.
جناح خود تاريخ ۾ پنھنجي حيثيت جو اندازو لڳائيندي، ان ڏينھن جي اميد ڪئي هئي، ته جڏهن هندو سندس ياد جو احترام ڪندا، تڏهن پنھنجو مثال هڪ اهڙي ماڻهن جي ڪھاڻي سان بيان ڪيو، جيڪو گهٽيءَ ۾ هڪ ڀيرو ڇٽي کڻي نڪري ٿو، ته سڀئي گهٽيءَ وارا ماڻهو مٿس ٽوڪ وچان ٽھڪ ڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته، هُنن مان ڪنھن به تن ڏينھن ۾ اڃا ڇٽي ڏٺي به نه هئي. تاريخ ۾ ٻين شخصيتن وانگر، جيڪي اڻ ڏٺل رستي تي هلي رهيا هئا، هو به دراصل، ڇٽي کڻي هلي رهيو هو. “اوهان، مون تي، ٽوڪ وچان ٽھڪ ڏئي سگهون ٿا.“ هن وڏي اعتماد سان چيو هو. ”پر اُهو وقت ضرور ايندو، جڏهن اوهان نه صرف اهو سمجهي ويندو، ته ڇٽي ڇا هوندي آهي، پر ان کي اوهان مان هر ڪوئي پنھنجي پنھنجي فائدي لاءِ ڌار ڌار استعمال به ڪندو.“
هاڻ، جڏهن اها رياست، جنھن جي تخليق جوسڄو اعزاز جناح ڏانھن وڃي ٿو، سا وڏي بُحران جو شڪار آهي، ۽ تباهي جي هڪ وڏي کڏ تي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جي ڀرپاسي وڏيون تبديليون اچي رهيو آهن، ۽ ان سان گڏ بين الاقوامي سياست ۾ پڻ نت نيون تبديليون اچي رهيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه نھايت تمام ضروري آهي، ته اُهي جناح جي ڇٽي واري علامتي ڪھاڻي جي پويان لڪل ڳالهه کي پروڙي وٺن، ۽ ان ڇٽيءَ کي پنھنجي گڏيل مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو بندوبست ڪن.
اياز علي شيخ جي فيسبڪ وال تان ورتل