هڪ ٻيو بہ سال… (نظم)

امر گل

زندگيءَ جو بار ڀي نہ سگهياسين کڻِي،
۽ مري وڃڻ جو حوصلو ڀي نہ مليو..

رهياسين يا عمر سفر ۾ هيڪلا،
راھ ۾ ماڳ ڏي ڪو قافلو ڀي نہ مليو..

نفرتن جي نگر ۾ محبتن جو مٺا،
تھمتن کان سوا ڪو صلو ڀي نہ مليو..

رهبرن، رهزنن جيان لُٽيو ۽ ڪُٽيو،
هن ڀونء کي واهرو، ڀرجهلو ڀي نہ مليو..

فرياد کي داد ڪو، نہ سڏ کي ڪا بہ ورندِي،
ڏاڍ جي ڏيھ ۾ حق جو فيصلو ڀي نہ مليو..

مليا تہ رڳو جواب جا سوالي سوال مليا،
پنهنجي عروج تي پھتل ڪي زوال مليا..

اکين کي فقط هٿين خالي  مفلس خواب مليا،
۽ اسان جي اڃ کي صحرائن جا سراب مليا..

هاڻ ويھِي ڪجي بہ ڪھڙو ملال، گذري ويو
ايئن  زندگيءَ جو هڪ ٻيو بہ سال گذري ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close