
چانڊوڪي رات ھئي، ڏکڻ جي ٿڌي ھوا گهلي رھي ھئي، کٽ تي ليٽي رٽيل بيت وڏي آواز ۾ پڙھي رھيو ھئس، ’جو ٿو ٿڌڙا مينھن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي..‘ ڏاڏي سائين حاجي الھ بخش پڇيو ھو، ’ابا ڇا پيو پڙھين؟‘ چيم، ’بابا سڀاڻي ساب (صاحب) امتحان وٺڻ پيو اچي. سائينءَ چيو آھي تہ صاحب سخت امتحان وٺندو سو تياري ڪري اچجو، انهيءَ ڪري سبق پيو ياد ڪيان.‘ ڏاڏا سائينءَ پنھنجي منھن آھستي ڀڻڪندي چيو ھو، ’ماستر بہ وڏا چالاڪ آھن، ڇورن کي اجايا ڊپ ڏين ٿا‘ ھلڪو ٽھڪ ڏيندي چيائين، ’ڇورا بہ تہ سڄو ڏينهن بال (ڪرڪيٽ) جي پٺيان ڀڄي ڀڄي ڪارا ٿي ويا آھن، ڊپ سٺو آھي، ھجڻ گهرجي.‘
ان رات ساب جي تجسس ۾ ننڊ نہ آئي ھئي، اسان سڀئي ننڍا ٻار جن اڳ ڪڏھن ساب نہ ڏٺو ھو، کيس ڏسڻ لاءِ اتاولا ھئاسين. خير، صبح ٿيو، اسڪول آياسين، ساب جو شدت سان انتظار ھو، اوچتو وڏي آواز واري سلنسر جي سوزوڪي ڪاري موٽرسائيڪل تي ساب بہ اچي ويو. اسان سڀ ڏاڍا حيران ٿياسين، ڇو تہ اسان جي ذھنن ۾ ساب جو تصور ڏاڍي خطرناڪ قسم جي ماڻھو طور ويھاريو ويو هو، پر ساب ڏاڍو شفيق ۽ مھربان ھو ۽ سندس چھري تي ھڪ شاندار مرڪ ھئي، اھو ساب سائين مشڪور ڦلڪارو ھو ۽ ھو اسان جي ڳوٺ امير بخش لغاري جي پرائمري اسڪول ۾ امتحان وٺڻ آيو ھو. ھي اسڪول پراڻي سرفراز واھ جي ڦٽل ڍوري جي ڪنڌي تي قائم ٿيل آھي. انهيءَ کان پوءِ سائين مشڪور ڦلڪارو ڪيترائي دفعا سپروائيزر ٿي ھتي امتحان وٺڻ ايندو رھيو ھو، مون کي ياد آھي، سائين منھنجي اکرن جي تعريف ڪئي ھئي ۽ پيار ڏنو ھو.
وقت پنھنجي رفتار سان گذري ويو ۽ گذري رھيو آھي. انٽر ڪري سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لڳس. ھڪ ڏينھن سائين آزاد قاضي تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو، ڳوٺ گلاب لغاري ٻڌايم تہ پڇيائين مشڪور ڦلڪاري کي سڃاڻين، چيم ھا ۽ پوءِ چيائين ڳوٺ وڃين تہ سائينءَ جو نمبر ھٿ ڪري اچجان. سائينءَ جو نمبر ھٿ ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪيم، تہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين سنڌ يونيورسٽي ۾ منھنجا ٻيا بہ ڪافي دوست آھن، ڪو بہ ڪم ڪار ھجي تہ ٻڌائجان.
سائين مشڪور ڦلڪاري جو والد صاحب ۽ منھنجي پڙڏاڏي حاجي عثمان جي پاڻ ۾ دوستي ھوندي ھئي. سائينءَ جي وري منھنجي سھري چاچي غلام ۽ چاچي عيسٰي فقير سان دوستي ھئي ۽ ايئن سائين جھڙوڪر اسان جي فيملي جو حصو آهي.
سائين مشڪور سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو بہ مليو آهي. ڪتاب ’نانگا ناٿ نچائي ويا‘ جي ڪمپوزنگ کان وٺي سھيڙ تائين سائينءَ کان تمام گهڻو سکڻ لاءِ مليو. سائينءَ منھنجي ترجمي ڪيل ڪتاب ’در در جا ڌڪا‘ جي مھورتي تقريب جي صدارت بہ ڪئي، جيڪا منھنجي لاءِ ھڪ اعزاز ۽ يادگار آهي.
سندس ذات لاء چيو وڃي ٿو تہ ميرن جي دور حڪومت ۾ ڦلڪارا قبيلي (ياد رهي تہ ڦلڪارا رند بلوچ قبيلي جي ھڪ شاخ آھي) کي سماواتي پرڳڻي (لڳ ٽنڊو محمد خان) ۾ ھڪ جاگير بہ مليل ھئي، جتي ھن قبيلي جو وڏو ڳوٺ ھو، جيڪو اڄ بہ ڦلڪارا جي نالي سان ننڍو شھر ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکندڙ آھي. حيرت جي ڳالھ تہ اتي ھن وقت ھڪ گهر بہ ڦلڪارن جو ناھي. ميرن جي دور ۾ ٻين بلوچ قبيلن جيان ڦلڪارا قبيلي کي بہ ميرن جي فوج ۾ شامل ڪيو ويو، انھي ڪري ڦلڪارا قبيلي ھالاڻي، مياڻي ۽ دُٻي جي جنگين ۾ مير حڪمرانن جو ساٿ ڏنو. ميرن جي ناڪامي ۽ انگريزن جي قبضي بعد ڦلڪارا قبيلو سنڌ جي انھن تمام ٿورن قبيلن ۾ شامل ھو، جيڪي راڻي وڪٽوريا جي سالگرھ ۾ انگريزن جي اطاعت ڪري پنهنجي جاگير حاصل ڪرڻ لاء شامل نہ ٿيا ھئا، نتيجي طور ڦلڪارا قبيلي کي انگريز مخالف باغي قرار ڏنو ويو ۽ ميرن جي طرفان مليل جاگير تان کين بي دخل ڪرڻ لاءِ مٿن ملٽري آپريشن ڪيو ويو. ڦلڪارا قبيلو پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ٽنڊي غلام علي جي ڀرسان ھڪ گهاٽي جهنگ ۾، جيڪو ’ڪنڊياري جي ڇن‘ جي نالي سان سڏبو ھو، لڏي ولي محمد فقير جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺا. جتي ھو انگريزن جي لڳاتار ملٽري آپريشنن سبب خانہ بدوشي جي حالت ۾ روزگار جا سمورا ذريعا بند ٿيڻ ڪري چورين ۽ ڦرلٽ تي پنھنجو گذران ڪرڻ لڳا، ايئن ھو سماج کان ڪٽجي بلڪل اوپرا بنجي ويا ھئا. منجهائن اھا اوپرائپ پاڪستان ٺھڻ بعد بہ صفا ختم نہ ٿي سگهي ھئي.
اھڙي قبيلي ۾ سرمست خان ڦلڪارو ھڪ صوفي منش ماڻھو ھو، جنھن جي پٽ شير محمد ڦلڪاري پنھور قبيلي جي عورت سان پيار جو پرڻو ڪيو تہ مٿس قبيلي وارا ناراض ٿي پيا ۽ سرمست خان پنھنجي پٽ شير محمد سان گڏجي لڏي اچي ڳوٺ صوفي آباد تعلقي ماتلي ۾ ويٺا، جتي تاجپور جي نواب حاجي محمد علي خان جون زمينون ھيون. سرمست خان پنھنجي پٽ شير محمد خان سان گڏ نواب صاحب جي ٻنين تي ھارپو ڪرڻ لڳو ـ شير محمد خان ڦلڪاري کي 3 اپريل 1955ع تي پٽ پيدا ٿيو، جنھن جو نالو محمد بخش رکيو ويو، جيڪو اڳتي ھلي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ مشڪور ڦلڪاري جي نالي سان مشھور ٿيو.
سائين مشڪور ڦلڪارو ڪجهہ وڏو ٿيو تہ سندس والد صاحب کيس گهوڙي تي ڳوٺ علي خان لغاري ۾ پڙھڻ لاءِ ڇڏي ويندو ھو، جتي ڪجهہ مھينا سائين حاجي احمد علي لغاريءَ کان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. نواب حاجي محمد علي لغاري صوفي آباد ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪيو تہ وري اتي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. سائين مشڪور ڦلڪاري 1972ع ۾ رپ ھاءِ اسڪول لڳ تلھار مان مئٽرڪ ڪئي، مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ خانداني منصوبہ بندي کاتي ۾ فيلڊ موٽيويٽر جي نوڪري ڪيائين. 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، سندس جوائننگ پنھنجي ڳوٺ صوفي آباد ۾ ئي ٿي.
سائين مشڪور ڦلڪارو، ڦلڪارا قبيلي جو پھريون ماڻھو ھو، جنھن مئٽرڪ پاس ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ھئي، جنھن کان پوءِ ڦلڪارا قبيلي جي ماڻھن ۾ پڙھائي جو رجحان پيدا ٿيو. سائين مشڪور ڦلڪاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پرائيويٽ طور ايم اي ماس ڪميونيڪيشن ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي بہ ڪيائين، قائد اعظم ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي مان طب ۽ اليڪٽرو ھوميو پيٿڪ ۾ ڊپلوما ڪورس ڪيائين.
سائين مشڪور ڦلڪارو 1977ع ۾ سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿيڻ کان پوءِ سن جي مڪتب عشق جو شاگرد بڻجي سنڌ جي عشق ۾ سرشار ٿيو. سائين مشڪور ڦلڪاري کي سندس بزرگ استاد يعقوب حاجاڻي نصيحت ڪئي ھئي تہ: ”زندگي ڪجهہ ڪري وڃڻ جو نالو آهي، گمنامي جي موت مرڻ کان بھتر آھي تہ ماڻھو ڄمي ئي نہ!“ ان نصيحت تي عمل ڪندي سائين مسلسل عشق جي سفر ۾ ثابت قدمي سان ھليو آھي ۽ ھميشہ نواڻ جي ڳولا ۾ ڏوريندي، نہ کرڪڻا لاٿا اٿس ۽ نہ ئي ورچي ويٺو آهي. سائين جي زندگي ۾ محنت، مشقت گهڻي رھي آھي، سنڌ جو ھي عاشق مسلسل پنڌ ۾ آھي.
سائين مشڪور ڦلڪاري لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي، 1977ع کان سنڌي ادبي سنگت جو باقاعدي ميمبر آھي، 1978ع ۾ سنڌي ٻولي جي ٻاونجاھ اکرن تي ’سنڌو حرفي‘ جي نالي سان بيت لکيائين، جيڪو سنڌي ادبي تاريخ ۾ پھريون تجربو ھو. ھن اھي بيت 1979ع ۾ سن شھر ۾ ٿيندڙ حيدر شاھ سنائي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙھيا، جنھن تي سائين جي ايم سيد کيس ڀرپور داد ڏنو ھو ۽ انھي ڪم کي وڌائڻ لاءِ ھمت افزائي بہ ڪئي ھئي.
سائين مشڪور ڦلڪاري ڪوھستان جي جبلن ۽ ٿر جي ڀٽن جا اڙانگا پنڌ ڪري سنڌي ماڻھن جي جهول ۾ ڄاڻ جا ھيرا ۽ لال وڌا آهن، اھو ئي سبب آهي جو جڏھن بہ ڪو پرڏيھي محقق سنڌ ۾ تحقيق لاءِ ايندو آهي تہ مشڪور ڦلڪاري سان ملڻ کان سواءِ سنڌ بابت پنھنجي تحقيق کي نامڪمل سمجهندو آھي، اھڙي ڳالھ جو اعتراف لنڊن جي تحقيقي ادارن سان لاڳاپيل الائيس البينيا پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ’امپائرس آف انڊس‘ ۾ پڻ ڪري چڪي آهي.
مشڪور ڦلڪاري جي ڪتاب سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھ جي مھاڳ ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور سائين عبدالواحد آريسر لکيو آهي:
”مشڪور جي سڄي حياتي عملي جدوجھد ۾ گذري آھي، ھو ٻاٽ اونداھين ۾ لاٽ ٻاريندڙ، سيد جي فڪر کي سنڌ جي واھڻ واھڻ وستي وستي ۾ پھچائڻ لاءِ پيرين پنڌ نڪتل عشق جي قافلي جي مھڙ وارن پانڌيئڙن ۾ اسان سان گڏ نہ صرف ھلندو رھيو، پر ھو سنڌ جي ماڻھن جي ذھنن ۾ عشق جي چڻنگ کي ڀڀڙ بڻائيندڙ شاعرن ۾ بہ شامل رھيو آھي. ھن نہ صرف شاعري ڪئي آهي، پر ھن صوفين جا سنگ ٺاھي، سنڌ جي ڳوٺن ۾ سمنگ چارڻ وارو ڪردار بہ ادا ڪيو آهي. بوقت ضرورت ھي سنڌ جي ڳوٺن ۾ صوفين جو سنگ وٺي ويندو ھو، جڏھن ماڻھو صوفي راڳ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا ھئا تہ ھي وري سنڌ جي تاريخ ٻڌائي، ماڻھن کي موجوده بيحسيءَ جو احساس ڏياريندو ھو. سنڌ جو شايد ئي ڪو ڳوٺ رھيل ھجي، جتي مشڪور سيد جي فڪر پھچائڻ لاءِ نہ پھتو ھجي، ھن ۾ ھر قسم جي ماحول ۾ ضم ٿيڻ جي بيپناھ صلاحيت موجود آهي، ھو سڄي زندگي عشق جي راھن تي بغير لالچ ۽ لوڀ جي ھلندو رھيو آھي ۽ ھن سنڌ جي ڪُک کي ڪڏھن بہ ڪاڻيارو نہ ڪيو آھي، اھا ئي سندس عشق جي سچائي آھي تہ ھو ڪالھ بہ سنڌ لاءِ زندہ ھو ۽ اڄ بہ فڪري طور سنڌ جي وڃايل وجود جي ڳولا جي سفر ۾، سک نہ سمھڻ واري کاھوڙيءَ جو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي ۽ ھو زنده آھي!“
سائين مشڪور ڦلڪاري جو ڪيل ڪم تاريخي حيثيت رکي ٿو. انٽرنيٽ تي ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن تان سندس تاريخي مضمون ۽ ليڪچر سڄي دنيا ۾ رھندڙ سنڌين طرفان ساراھيا ويا آهن. سائينءَ کي ھن وقت تائين سندس علمي، ادبي، سماجي سياسي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ منھنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽيول ۾ مڃتا ايوارڊ، سنڌ يوٿ نيٽ ورڪ پاران بيسٽ پوئيٽ اينڊ رائٽر ايوارڊ، روس جي ماسڪو ريڊيو جي ولتينا چستاڪوف پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ، ھندستان جي سنڌي اديبن پاران نھرو ايوارڊ، صفا سنڌ لئبريري پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ قابل ذڪر آهن.
سائينءَ جا ھن وقت تائين چار ڪتاب ٿر جي لوڪ ڏاھپ ۽ سائنس، سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھ (شاعري)، سنڌ جي ڪوھستان جو تاريخي جائزو ۽ سرسوتي تھذيب ۽ اڇڙو ٿر ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي سماج جو تاريخي پسمنظر، سوچون منھنجي ساھ جون، ۽ مون لکيو، جيڪو گهاريم جيئن، سنڌ جي تاريخ جي ڳولا جو سفر، ۽ سنڌو مرڪي ڏنو ۽ آخري شام شامل آھن. سائين ھن وقت پيپلز ڪالوني ٽنڊو محمد خان ۾ رھائش پذير آھي.
سائين مشڪور ڦلڪاري جي ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھ‘ مان ڪجھ شاعري ھيٺ ڏجي ٿي.
گيت:
سچائيءَ جو نئون سج اڀارڻ ٿا چاھيون،
اسان مَير من جي اجارڻ ٿا چاھيون.
گلن جي چپن تي ڪي مرڪون پکيڙي،
سچي ڪا سندرتا سنوارڻ ٿا چاھيون.
غلاميءَ سان ٺھبو ڪڏھن ڪين پيارا،
۽ ضمير پنھنجو، نہ مارڻ ٿا چاھيون.
کڻي جام مئخاني جو آءٌ ساقي،
جڏو جيءُ پنھنجو جيارڻ ٿا چاھيون.
اسان جون تہ راھون ڪو روڪي نہ سگهندو،
اجهاڳن مان ٻيڙا اڪارڻ ٿا چاھيون.
آ مشڪور! سنڌ جو سدا نانءُ اوچو،
عشاقي جي امرت پيارڻ ٿا چاھيون.
ڪافي:
جهلڪ ھڪڙي لئہ پرين، جذبن ٿي جھاتيون پاتيون،
پاڻ جھڙن ڪيترن، مستن ٿي جھاتيون پاتيون.
منھن تي موھيڙن ڪڻيون، ڄڻ ٿر مٿي ڪا سانوڻي،
ڪائناتي سونھن جي، رنگن ٿي جھاتيون پاتيون.
مرڪ ھڪڙي سان لکين مرد تو جيئاري تو ڇڏيا،
قبرن مٿان تن جي لڳل ڪتبن ٿي جھاتيون پاتيون.
ڏيھ اوندھ ۾ ٻڏي ويا، منھن تي چاڙھيئي جي نقاب
سج تارن ۽ ڪتين، چنڊن ٿي جھاتيون پاتيون.
واٽهڙو وچ واٽ ۾ ونگي ويچارا ڪئين ڇڏيئي،
ڀونءِ جي ڪچن پڪن، رستن تي جھاتيون پاتيون.
سونھن تنھنجي جا ديوانا، ديد سان دانا ٿيا،
سجدا حورن ٿي ڪيا، ملڪن ٿي جھاتيون پاتيون.
سونھن تي مشڪور تنھنجي، جو لکيو، ٿورو لکيو
شاعري جي سارين صنفن ٿي جھاتيون پاتيون.
ڪافي
ڏيئا ٻاٽ اوندھ ۾ ٻاري ڇڏيا تو،
جيئڻ جا گر ڪئين سيکاري ڇڏيا تو.
مايوسين کي ٽوڙي اميدن کي جوڙي،
ترھا بحر عشق مان تاري ڇڏيا تو.
وسي دل جي بنجر تي بادل بڻجي،
چمن چاھتن جا سينگاري ڇڏيا تو.
ضميرن کي چھنڊيون ھڻي تو اٿاريو،
وجودن کي احساس ڏياري ڇڏيا تو.
لڙڪن کي مرڪن جون مالھائون پائي،
زندگي جا غم سڀ ميساري ڇڏيا تو،
ڪري ڀال مشڪور وٽ آئين تون ساقي،
پيالا امرت جا پياري ڇڏيا تو.
ڀڄن
ڪي ڪي ماڻھو لالچ خاطر، قوم ڪھائي ويندا آھن،
جاڳڻ وارا ھڪڙا ماڻھو جڳ جاڳائي ويندا آھن.
ڪي ڪي ماڻهو اسٽيجن تي پاڻ پڏائي ويندا آهن،
پر ڪي قومن جي تقرير بڻائي ويندا آھن.
ڪي ڪي ماڻهو ڪانئر بڻجي ڪنڌ جھڪائي ويندا آهن،
گھاڻي گھڙندي ھڪڙا ماڻھو ڏاڍ ڏڪائي ويندا آھن.
ڪي ڪي ماڻهو دشمن سان گڏ داءُ لڳائي ويندا آهن،
دودا بڻجي ھڪڙا ماڻھو ڊوھ ڊڪائي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو لوڀين وانگي پاڻ لڪائي ويندا آهن،
مانجھي بڻجي ھڪڙا ماڻھو ماڳ مچائي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو درد وندن جو ڏيل ڏکائي ويندا آهن،
ريٽي رت سان ھڪڙا ماڻھو، رنگ رچائي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو بعد مرڻ جي، منھن لڪائي ويندا آهن،
تاريخن جي ھڪڙا ماڻھو، سونھن وڌائي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو ڊپ ۾ ڊڄندي وات سبائي ويندا آهن،
ھڪڙا ماڻھو مشڪور بڻجي سچ سڻائي ويندا آهن.
وائي
واڍا وڍڻ جي ريت ڇڏي ڏي پوکڻ جي تون ڪر پچار،
باقي مند ۾ ڏينھن ٻہ چار!
دنيا جاڳي تون ئي ستل ڇو، ننڍ تي ڪر نہ ايڏو آر،
باقي مند ۾ ڏينهن ٻہ چار!
کير ڇڏي ڇو ڦيڻ چکين پيو، ڇو نہ اکين تي ٿئي اعتبار،
باقي مند ۾ ڏينھن ٻہ چار!
شاھ سچل ۽ سامي پڙھ تون، سوچ تان لاھي ڇڏ سينوار،
باقي مند ۾ ڏينھن ٻہ چار!
ڌرتي سونھن اجاڙ ٿئي پئي، موٽائج تون بہ رت بھار،
باقي مند ۾ ڏينھن ٻہ چار!
مشڪور ٻيھر سنڌڙي مرڪي، لھن غلامي جا تہ غبار،
باقي مند ۾ ڏينھن ٻہ چار!