زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-19)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

21- ڀوٽان ۾ سائرا جو بيھوش ٿيڻ

سائرا کي منھنجي پسند ۽ ناپسند بابت خبر پئجي وئي ھئي، ھو ڄاڻي چڪي هئي تہ آئون گھمڻ ڦرڻ جو شوقين آھيان ۽ انھن جڳھن تي ويندو آھيان، جتي مشھور ماڻھن جو اچڻ وڃڻ گھٽ ھوندو آھي. شادي کان پھرين آئون ڊرائيور عمر ۽ ذاتي ملازم جمعي سان، ڪار جي ڊگي ۾ بيضا، بصر، پٽاٽا ۽ ٻيون ضروري شيون کڻي، تفريح لاءِ نڪري ويندو ھئس. قدرتي منظر پسڻ لاءِ پري پري تائين نڪري ويندو ھئس، ڪتاب بہ کڻندو ھئس، ٻي طرف سائرا ۽ ان جا والدين سيون اسٽار ھوٽلن جا عادي ھئا. سائرا ننڍپڻ ۾ پنھنجي والدين سان گڏ سڄي دنيا گھمي چڪي هئي. شادي جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ جڏھن اسان يورپ وياسين، ڪيترن ئي جڳھن تي گھمڻ دوران خبر پئي تہ ھو اڳ بہ ھتي اچي چڪي هئي. ھڪ ڏينھن سائرا پنھنجي فلم جي شوٽنگ تي وئي، آئون بہ پنھنجي لگزري ليموزين ڪار ۾ اتي ھليو ويس، ھو مونکي ڏسندي ئي خوشي مان جبل تان ھيٺ لھي آئي. شادي جون واڌايون ڏيندي ڀوٽان جي شاھي خاندان اسان کي موڪلون گذارڻ لاءِ دعوت ڏني ھئي، اسان ھني مون ملھائڻ ڀوٽان وياسين. سائرا جي خاص نوڪرياڻي نورجھان بہ گڏ ھئي، ڀوٽان جي جبلن جا منظر ۽ رستا انتھائي خوبصورت آھن. اتي جا ڪيترائي جھنگل ۽ بھڻ جي ڪاٺ سان ٺھيل گھر تمام وڻندڙ آھن، اسان ھڪ ھوٽل ۾ رھائش اختيار ڪئي. سردي تمام گهڻي ھئي، نورجھان پاسي واري ڪمري ۾ سمھي پئي، اسان زال مڙس ھڪ ڪمري ۾ ھئاسين. ڪمري ۾ ڪوئلا ٻري رھيا ھئا، سيءَ تمام گهڻو ھو، دريون ۽ روشندان بند ڪري اسان ڪمبل وجھي سمھي پياسين، اچانڪ مونکي محسوس ٿيو تہ سائرا بستري تي ناھي، ڪمري ۾ ڏسڻ کانپوءِ باٿروم ويس، ڏٺم تہ سائرا باٿروم ۾ بيھوش پئي آھي، مونکي تمام تڪليف ٿي،مالڪ کي ٻاڏايم يا الله سائرا کي پنھنجي امان ۾ رک. جلدي ڊاڪٽر کي گھرايم، ان ٻڌايو تہ ڪمري ۾ ڪوئلا ٻري رھيا ھئا، آڪسيجن گھٽجڻ ڪري ڪاربان مونو آڪسائيڊ ڪمري ۾ پکڙجي وئي، خدانخواسته موت بہ واقع ٿي پئي سگھيو، منھنجي ذھن ۾ ھڪ دفعو وري جوتشي جون ڳالھيون ڌيان ۾ اچي ويون. ڀوٽان ۾ اڳيان وڃڻ بدران اسان واپس بمبئي ھليا آياسين. اسان جي گھر ۾ وري جھيڙو شروع ٿي ويو، منھنجي ڀينرن ۽ ڀائرن سائرا کي خوش آمديد چوڻ تہ پري، برداشت ڪرڻ لاءِ بہ تيار نہ ھئا، ھو سائرا جي مقبوليت جي ڪري ان سان ساڙ ڪندا هئا. سائرا جي پرورش تہ راڻين وانگر ٿي ھئي، ھو پنھنجي خاندان جي اکين جو ٺار ھئي. منھنجو گھر جو نظام گڏيل خاندان تي ھو، جنھن جي سربراھ ادي سڪينہ ھئي ان سان گڏ رھڻ جان جوکي۾ وجهڻ برابر هو، ٻيو تہ منھنجي شادي شده ڀينرن جو گھر ۾ اچڻ وڃڻ ھو، اسان جي شادي کانپوءِ منھنجي ڀيڻ فوزيہ مستقل طور ھتي رھڻ لڳي ھئي. سائرا وٽ وقت جي وڏي اھميت ھئي، ھن کي تيار ٿي شوٽنگ تي پھچڻو ھوندو ھو، جڏھن سائرا واش روم ۾ ھوندي ھئي تہ ان وقت ئي فوزيہ کي بہ ضرورت محسوس ٿيندي هئي، اھا وڏي بدمزگي جي ڳالھ ھئي. پنھنجي خانداني پسمنظر ۽ وڏي فلمي شخصيت ھجڻ باوجود سائرا کي ھڪ الڳ واش روم جي سھولت بہ ميسر نہ ھئي. ان ھوندي بہ سائرا مونسان ڪا شڪايت نہ ڪئي، سائرا ان جو حل بہ ڳولي ورتو، ھو پنھنجي مائٽن جي گھر ھلي ويندي ھئي. اتان وھنجي سھنجي تيار ٿي ايندي هئي، پوءِ شوٽنگ تي ويندي ھئي. مون محسوس ڪيو تہ سائرا منھنجي ڀينرن سان محبت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي ۽ ھن تعلق بھتر بنائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. پر منھنجي ڀينرن جو رويو بھتر نہ ٿيو، ٻيو تہ ٺھيو پر اسان جو خانداني نوڪر انور ۽ نوڪرياڻي رابعه بہ سائرا سان بدتميزي ڪرڻ لڳا ھئا. اھي سائرا جي ملازمہ نورجھان کي ناشتو بہ تيار ڪرڻ نہ ڏيندا هئا. انھن جو اھو چوڻ ھوندو ھو تہ ناشتو سڀني لاءِ ھڪجھڙو تيار ٿيندو. جيڪو ھو تيار ڪندا. اھا تمام گهڻي ناقابلِ برداشت صورتحال ھئي، آئون سڀ ڪجھ خاموشي سان ڏسي رھيو ھئس، نہ چاھڻ باوجود بہ ڀينرن جي حمايت ڪري رھيو ھئس، ڇو تہ ھو اھو نہ سمجھن تہ آئون شادي کان پوءِ بدلجي ويو آھيان. سائرا جو ننڍي ڄمار ۾ اھو سڀ ڪجھ برداشت ڪرڻ منھنجي لاءِ وڏي حيراني ھئي. منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ھر وقت جي جھيڙي سائرا جي صحت تي منفي اثر پيا. ھن کي معدي جو السر ٿي ويو. ڊاڪٽرن ٻڌايو تہ گھرو معاملن جي ڪري سائرا کي معدي جي بيماري ٿي آھي. منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي برعڪس سائرا ۽ ان جي ماءُ جو رويو بھتر ھو. ھن اھو بھانو گھڙيو تہ خراب بيضا کائڻ جي ڪري سائرا کي معدي جي بيماري ٿي آھي، ڊاڪٽرن جڏھن پرھيز جو ٻڌايو تہ نسيم آپا ھن جي ۽ منھنجي ناشتي جو ذمو پاڻ تي کنيو. ناشتي سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن لنچ ۽ ڊنر جو انتظام بہ ھو ڪندي ھئي، کائڻ پيئڻ جي پرھيز ۽ مسلسل علاج ڪرائڻ باوجود معدي جي بيماري شدت اختيار ڪري ورتي. اسان بمبئي جي سينٽ ايلزبيٿ نرسنگ ھوم مان سائرا جو علاج ڪرايو، علاج ڪرائڻ کانپوءِ ڪجھ فائدو تہ ٿيو پر فزيشنن مشورو ڏنو تہ مڪمل صحتيابي لاءِ برطانيہ جي مشھور لنڊن ڪلينڪ مان علاج ڪرائڻو پوندو، جتي برطانيہ جي راڻي جو ڊاڪٽر گيسٽرو انٽرولاجسٽ سر فرانس ايوري جونز جي نگراني ۾ سائرا جو علاج ٿيندو. امان جي (سائرا جي ناني)، ھن جو ڀاءُ سلطان ۽ ھن جي ڀاڄائي راحت ڀڄي ڍڪي سائرا، ھن جي ماءُ ۽ مونکي لنڊن موڪلڻ جا انتظام ڪري ورتا. يش چوپڙا، ستيش ڀالا، ڀلراج ڪوھلي ۽ ٻيا دوست ان مشڪل گھڙي ۾ مونسان گڏ ھئا ۽ اھي اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ آيا. لنڊن ڪلينڪ جا قائدا ۽ قانون سخت ھئا، مريض سان ان جي وارثن کي گڏ رھڻ جي اجازت نہ ھئي. سر فرانس جي ڪوششن سان نسيم آپا کي سائرا سان گڏ رھڻ جي اجازت ملي وئي. نسيم آپا پاڻ بہ چيلھ جي تڪليف ۾ مبتلا ھئي. ان ڳالھ کان خود سر فرانس بہ واقف ھو، ھو ڌي جي ڪري سڄو ڏينهن ڪرسي تي ويٺي ھوندي ھئي، سر فرانس ان عمل تي خوش ٿيو، ھن چيو تہ مون اڄ تائين ڪنھن ماءُ ۽ مڙس کي ايئن تيمارداري ڪندي نہ ڏٺو آھي، ھن اھو بہ چيو تہ اھڙيون خوبيون صرف مشرقي ماڻھن ۾ ھونديون آھن، اسپتال ۾ جڏھن سائرا سان گڏ ھوندو ھئس تہ ھو تڪليف باوجود بہ مسڪرائيندي رھندي ھئي، مونکي ان ڳالھ جي وڌيڪ خوشي ھئي جو آئون سائرا سان گڏ آيو ھئس. مالڪ جي ڪرم ۽ اسان جي گڏيل ڪوششن سان سائرا صحتياب ٿي وئي، ھڪ مھيني تائين ھو اسپتال ۾ ھئي، اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ ھن فلم پورب ۽ پڇم ۾ ڪم ڪيو. ھي فلم 1970ع کان پوءِ ريليز ٿي. فلم پورب ۽ پڇم جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر منوج ڪمار سائرا جي صحتيابي تائين شوٽنگ جو ڪم روڪي ڇڏيو. ان جو ھي عمل تعريف لائق آهي. منوج جو اھو احسان مون ھيئن لاٿو، جڏھن ھن مونکي چيو تہ ڪرونتي فلم ۾ ڪم ڪر، تڏھن مون بغير اسڪرپٽ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري. ٻي طرف سوبدھ مکرجي ھو، ان کي سائرا جي خاندان جو حصو سمجھو ويندو هو، پر ان جي رويي تي اسان کي ڏاڍي مايوسي ٿي، ھن ئي سائرا کي پنھنجي فلم شرميلي ۾ متعارف ڪرايو ھو، ان سان گڏ سائرا ٽن فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي هئي. ھاڻي فلم شرميلي تي ڪم ٿي رهيو هو تہ سائرا بيمار ٿي پئي، ھن جي بيماري جي ڪري ٻي اداڪارہ کي فلم ۾ کنيو ويو، سائرا کي ٻڌايو بہ نہ ويو، جڏھن تہ ذڪر ڪيل فلم شرميلي جي ڪھاڻي سائرا پنھنجي ليکي گلشن نندا کان لکرائي ھئي. لنڊن ۾ اسان لانگ ڊرائيو تي نڪري ويندا ھئاسين، سائرا جو ننڍپڻ ۽ جواني لنڊن ۾ ئي گذري ھئي، ڏٺل جڳھن تي وري وڃڻ سائرا کي خوشي ٿيندي هئي، ان سان گڏوگڏ آئون بہ ڏاڍو انجواءِ ڪري رھيو ھئس، ھڪ دفعي اسان ويسٽ منسٽر مان گذري رھيا ھئاسين، سائرا چيو ڪاش گاڏي بڪنگهم پيلس جي اندر ھلي وڃي ۽ اسان ملڪہ عاليہ سان ملي سگھون! قدرت جو ڪرشمو اھو ٿيو جو انھي ئي ھفتي مونکي برطانيہ جي راڻي طرفان دعوت ڏني وئي، ھي ساليانہ تقريب ھئي، جنھن ۾ اھم برطانوي شھرين، سفارتڪارن، غير ملڪي اھم شخصيتن کي دعوت ڏني وئي ھئي. مون سائرا کي سرپرائيز ڏيڻ چاھيو ٿي، ملڪہ جي دعوت جو ان کي نہ ٻڌايم، صرف ايترو ٻڌايم تہ ڪنھن سٺي جڳھ تي چانھ پيئڻ ٿا ھلون، ھو خوش ٿي پر مونکي رسمي لباس ۾ ڏسي حيران ٿي پر پڇيائين ڪجھ بہ نہ، بيماري مان صحتيابي کانپوءِ ھو وڌيڪ خوبصورت لڳي رھي ھئي. ڊرائيور رولز رائيس ڪار کي بڪنگهم پيلس جي رستي تي آندو، محل جا گيٽ اڳ ۾ ئي کليل ھئا، گاڏي محل ۾ داخل ٿي سائرا حيران ٿي وئي، مون ان کي ٻڌايو تہ اسان ملڪہ عاليہ سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا آھيون، اسان کي شاھي محل جي باغ ۾ چانھ پياري ويندي، سائرا کي حيرت تہ پھريائين بہ ھئي پر ھن کي منھنجين ڳالھين تي يقين بہ نہ پئي آيو، مختلف ھالن ۽ رستن کان ٿيندا اسان گارڊن ۾ پھتاسين، جتي ملڪہ ايلزبيٿ، شھزادو فلپ، ڪوئين مدر، شھزادو چارلس، شھزادي ايني مھمانن سان ملي رھيا ھئا. اسان جڏھن ملڪہ جي ويجھو پھتاسين تہ ڪيترائي ڀارتي ۽ ايشيائي ملڪن جا سفارتڪار اسان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا، اھي اسان کان آٽوگراف وٺڻ لڳا، ان تي ملڪہ عاليہ کي حيرت ٿي. ملڪہ معظمہ اسان سان ھٿ ملايو ۽ چيائين تہ توھان تہ وڏا مشھور ماڻھو آھيو، تمام گهڻي خوشي جي ڳالھ آهي، توھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. سائرا جو علاج ڪرائي جڏھن اسان بمبئي واپس آياسين تہ مون سائرا جي بنگلي ۾ شفٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ھڪ تہ ان کي پرھيز جي سخت ضرورت هئي ۽ ان جي تيمارداري ڪرڻ بہ ضروري ھئي. ٻيو تہ گھرو مسئلن جي ڪري سائرا کي ٻيھر السر ٿي سگھي پيو. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون طبيعت جا تيز ھئا، ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڏا مسئلا کڙا ڪري ڇڏيندا هئا، اھو ئي سبب آهي جو آئون پنھنجي بنگلي جي ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ الڳ رھندو ھئس. پر ھاڻي معاملو ٻيو ھو، سائرا بہ منھنجي ذميداري ھئي. منھنجي ذاتي گھريلو زندگي بابت ماڻھن گھڻا سوال ڪيا آهن، آئون چاھيان ٿو تہ ان بابت بہ ڪجھ ڳالھايان. لنڊن مان واپسي تي ڪيترائي ناخوش گوار واقعا پيش آيا. ان جو اظھار ھتي تہ نٿو ڪري سگھان، پر آئون ڏاڍو مايوس ٿيس. ڪيترائي دوست ۽ ساٿي مونسان ملڻ لاءِ گھر ايندا هئا، منوج ڪمار پنھنجي زال شاشي سميت ملڻ آيو، عورتون اندر ھيون، ان دوران منھنجي ھڪ ڀيڻ شاشي سان بدتميزي ڪئي، ڀيڻ جي ان عمل تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، مون اھا ڳالھ پنھنجي سڀ کان محبوب ڀاءُ ناصر کي ٻڌائي. مون ان کي چيو تہ رھائش لاءِ آئون سن اينڊ سينڊ ھوٽل ۾ منتقل ٿيڻ چاھيان ٿو، يا تنھنجي فليٽ ۾ رھائش اختيار ٿو ڪيان، جيڪو ان وقت خالي پيل ھو. ڇو تہ ناصر ۽ ان جي زال پارہ جي رھائش ان وقت ناسيڪ فارم تي ھئي. سائرا لاڏ ڪوڏ ۾ نپني ۽ جوان ٿي ھئي، شادي کانپوءِ ھن جي اڳيان ڪيترائي مسئلا ھئا، ان باوجود سائرا مونکي مشورو ڏنو تہ ڪو مسئلو ناھي ھتي ئي تنھنجن ڀائرن ڀينرن سان گڏ رھنداسين. سائرا منھنجي زندگي ۾ اچڻ کانپوءِ ھڪدم پنهنجي پاڻ کي بدلائي ڇڏيو هو، ھو مڪمل طور تي مون وانگر زندگي گذارڻ لڳي ھئي، ھو شروع ۾ ماڻھن سان ملڻ وقت ٿورو پنھنجو اسٽينڊر رکندي هئي، ھن کي ھر ڪنھن سان ملڻ پسند نہ ھوندو ھو، ھو مون وانگر نہ ھئي تہ ڪير بہ وڏي شخصيت ھجي يا ڪو عام ماڻهو بغير ٽائيم وٺڻ جي اچي گھر ۾ ملندو ھو. منھنجي دوستن جي آمدورفت کي ڏسندي نسيم آپا ۽ امان جي ٽن ڊيپ فريزرن جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، اھي کائڻ پيئڻ جي شين سان ھر وقت ڀريل رھندا ھئا، اچڻ وارن مھمانن جي خاطر تواضع ٿيندي رھندي ھئي. منھنجي وڏن مونکي ٻڌايو ھو تہ منھنجي پيرن ۾ سفر جا ڦيٿا لڳل آھن، سائرا منھنجي انھي شوق کي وڌيڪ تقويت ڏني. لفظ سائرا جي معني سير ڪرڻ واري آھي. شادي ھڪ مشڪل جوڙ آھي، ڪنھن بہ جوڙي جو صرف واعدن جي بنياد تي سفر طئي نٿو ڪري سگهجي. ھن ۾ بيشمار لاھا چاڙھا ايندا آھن. ڪنھن بہ جوڙي کي ھڪٻئي لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. آئون شرارتون بہ ڏاڍيون ڪندو ھئس، ڪيترائي دفعا سائرا سان شرارتون ڪري لطف اندوز ٿيندو ھئس. 1967ع ۾ جڏھن اسان مھاراشٽر جي علائقي پنھالا ۾ ھوندا ھئاسين تہ آئون ڪيترائي دفعا ڊيڄارڻ واريون شرارتون ڪندو ھئس، جڏھن بجلي ھلي ويندي ھئي تہ چپ چپات ۾ ڪمري مان ٻاھر نڪري ويندو ھئس ۽ ننڍا پٿر کڻي درين کي ھڻندو ھئس، ٺڙڪي تي سائرا ۽ ان جو اسٽاف ڊڄي ويندو هو. 1968ع ۾ ھڪ دفعي اسان بينگلور جي ھڪ ھوٽل ۾ ترسيل ھئاسين، سائرا جي ملازمہ نورجھان بہ اسان سان گڏ ھئي، آئون ڪمري ۾ ھڪ الماڙي ۾ لڪي ويهي رھيس، سائرا ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو ۽ سمجھائين تہ آئون ٻاھر نڪري ويو آھيان. ٿوري دير ۾ نورجھان بيگ رکڻ لاءِ جيئن ئي الماڙي کولي تہ مون وڏي دانھن ڪئي، نورجھان خوف کان پري وڃي ڪري ۽ سائرا بہ خوف ۾ ڏڪي وئي ھئي. اسان بمبئي واپس آياسين تہ آپا نسيم مونکي سمجھايو تہ يوسف پٽ ھي سائرا ڏاڍي ڊڄڻي اٿئي، تنھنجن اھڙين حرڪتن جي ڪري ڪٿي دل جو دورو نہ پويس. پر منھنجين شرارتن جي ڪري نازڪ ۽ نفيس سائرا ٿورن ئي ڏينھن ۾ دلير ٿي وئي ھئي. ايتري تائين جو ھو ھاڻ مونکي بہ شرارتن سان ڊيڄاري رھي ھئي. شادي کان پوءِ بہ منھنجا دوست ستيش ڀالا، بلراج ڪوھلي رات جو ٻہ وڳي گھر جي ھيٺيان بيھي ھارن وڄائيندا هئا، انھن جي خيال ۾ آئون بہ انھن سان گھمڻ لاءِ ھلان. شادي کان پھرئين رات جو دير تائين گھمڻ اسان جو معمول ھوندو ھو، اسان گڏجي رات جو دير تائين رلندا ۽ ھوٽلنگ ڪندا هئاسين. پران ۽ ستيش کي اردو شاعري تي دسترس حاصل هئي. مير، غالب ۽ فيض جي شاعري ياد ھوندي ھئن. محفلن ۾ اسان کي ڪيترائي غزل ۽ گيت ٻڌائيندا هئا. گليمر سان ڀرپور نوجوان عورت جو چند منٽن ۾ تيار ٿيڻ ايترو آسان نہ آهي، ھڪ شام اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو ھو، سائرا تياري ۾ ھڪ ڪلاڪ لڳائي ڇڏيو، تيار ٿيڻ کانپوءِ زيورن ۾ ٺھي ٺڪي منھنجي اڳيان اچي بيٺي، ھو تمام خوبصورت لڳي رھي ھئي، مونکان پڇيائين ڪيئن ٿي لڳان؟ مون چيو تمام گهڻي خوبصورت پر تون ھاڻ ھيئن ڪر ھي سڀ زيور ڪنھن ٽوڪري ۾ وجھي کڻي ھل جيئن ماڻھن کي خبر پوي تہ تو وٽ ڪيترو سون آھي. ھو منھنجي لڪيل طنز کي سمجھي وئي، ان کانپوءِ ھن گھڻا زيور پائڻ ڇڏي ڏنا ۽ پوءِ ھن جو معمول بڻجي ويو جيڏانھن بہ ويندا ھئاسين، مختصر ھيرن جي مالا ۽ والين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نہ پائيندي هئي. ڪجھ عرصو پھرين مالڪ جي مھرباني سان اسان کي دائمي جوڙي جو لقب ڏنو ويو. ماڻھن کي وڏو تجسس ٿيندو آهي تہ اڌ صدي کان اھو تعلق ڪيئن برقرار رھيو آھي. اسان جي اعزاز ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي پر آئون ۽ سائرا اتي نہ وڃي سگھاسين. اميتاڀ بچن اسان کي گھر اچي شيلڊ ڏني، چوڻ جو مقصد تہ لازوال تعلق نڀائڻ خاطر جوڙي کي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. ھار سينگار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائيندڙ سائرا منھنجي خوشي خاطر پنھنجون عادتون بدلائي ڇڏيون. ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ شادي کانپوءِ مون ۾ بہ ڪافي تبديليون آيون هيون. پر سائرا جنھن طريقي سان پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪيو ھو مالڪ جي مھرباني سان اسان ھڪ طويل تعلق نڀائڻ ۾ ڪامياب وياسين. سچي ڳالھ اھا آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خود غرضي جي فريب ۾ نہ آياسين. شادي شده جوڙا معمولي ڳالھين تي وڙھندا آھن تہ ان تي تڪليف ٿيندي آهي. بيشڪ ھار سينگار ڪرڻ عورت جو حق آهي، پر پنھنجي حق جي حصول لاءِ ٻين جا حق غصب ڪرڻ، مسئلا کڙا ڪرڻ بہ سٺي ڳالھ نہ آھي. مون سائرا جي باري ۾ ٻڌايو آھي تہ ھو شروع ۾ ميڪ اپ تي وڏو ٽائيم لڳائيندي ھئي، پر جڏھن ان کي محسوس ٿيو تہ اھا ڳالھ مونکي خراب ٿي لڳي تہ ھن پنھنجي عادت مٽائي ڇڏي. ان حد تائين جو مٿي تي مينڌي لڳل ھوندي ھئس تہ ان حالت ۾ بہ مونسان گڏ ھلي ھلندي ھئي. ھڪ دفعي مونکي بمبئي کان ٻاھر ڪنھن شادي ۾ وڃڻو ھو، سائرا مونسان ايئرپورٽ تائين ھلي، اتي ايئرپورٽ تي ئي ان کي خبر پئي تہ سندس شوٽنگ منسوخ ٿي چڪي آهي، اھو معلوم ڪرڻ بنا تہ جھاز ۾ سيٽون خالي آھن يا نہ، سائرا وٽ ٽائم آھي يا نہ، مون ھن کي پاڻ سان گڏ ھلڻ جي صلاح ڪئي. ھن جي محبت ۽ سادگي ڏسو، انھي سادي لباس ۾ ھو مونسان ھلڻ لاءِ راضي ٿي وئي. سادي شلوار قميص ۾ ھن وڏي اطمينان ۽ خود اعتمادي سان شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سائرا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آھن، ھي تمام گهڻي نرم مزاج آھي، ڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي انا جو مسئلو ناھي ٺاھيندي، بردباري جو مظاهرو ڪندي معذرت ڪري ڇڏيندي آهي. ڪاوڙ کان ھن کي بيزاري ٿيندي آهي، جيستائين معاملي کي ختم نہ ڪندي، تيستائين بي چين رھندي آھي. منھنجي ڀيڻ اختر سڀني کان وڌيڪ ھوشيار ۽ چالاڪ ھئي، ھن گھر وارن جي اجازت کانسواءِ فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر آصف سان شادي ڪئي هئي، جنھن جي ڪري مون ھن سان ھميشہ جي لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏيو هو. ھڪ ڏينھن اسان جي گھر ۾ بمبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال مان فون آئي، فون سائرا کنئي هئي ٻڌايو ويو تہ اختر شديد بيمار آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪري رھي آھي. ان وقت تائين ھن جي مڙس آصف وفات ڪري چڪو هو. منھنجي ڀيڻ اختر پنھنجين ڌيئرن سان رھندي ھئي. اختر جي شادي مونکي سڄي دنيا ۾ خوار ڪيو ھو، مون چيو مرڻي مري وڃي پر ان جي شڪل نہ ڏسندس. ان سان ملڻ ڪڏھن بہ نہ ويندس. مون سائرا کي ٻڌايو ھو. پر سائرا ھمت نہ ھاري، مونکي منٿون ڪندي رھي ۽ آخرڪار مونکي مڃائي ورتائين. ھو مونکي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ وٺي وئي، جتي ڪيترن ئي سالن کان وڇڙيل ڀاءُ ڀيڻ مليا. منھنجي سائرا سان شادي تي اختر سخت اعتراض ڪيو ھو، ھن جڏھن سائرا کي سمجھو تہ ان جي مداح بڻجي وئي. ھاڻي بہ منھنجي ڀينرن ۾ سائرا کي سڀ کان ويجھي اختر آھي. سائرا جي طبيعت ۾ قناعت پسندي گھڻي آھي، مالڪ جي ڪرم سان مون ۾ بہ اھا خوبي آهي. عاجزي ۽ انڪساري اسان ٻنھي ۾ گھڻي آھي. ڪڏھن ايئن بہ ٿيندو ھو تہ سائرا کي چوندو ھئس تہ تيار ٿي تہ ڪٿي فنڪشن ۾ ھلڻو آھي، ھو تيار ٿي منھنجو انتظار ڪندي ھئي ۽ آئون ٻي ڪنھن ڪم ۾ مصروف ٿي ڳالھ وساري ڇڏيندو ھئس، تيستائين فنڪشن بہ ختم ٿي ويندو هو. گھر ايندو ھئس تہ سائرا طرفان ڪا بہ شڪايت نہ ھوندي ھئي صرف وسارو چئي ڳالھ اتي ختم ڪري ڇڏيندي هئي. سائرا جي وڏي خوبي اھا آھي تہ ھو ماضي جي تلخين کي وساري حال ۾ جيئڻ جي قائل آھي. سچي ڳالھ اھا آھي تہ ھن جون اھي خوبيون ڏسي مون ۾ اھي خوبيون پيدا ٿيون آهن. سڀني کي خبر آهي تہ مڌو بالا سان منھنجو تعلق تلخين تي ختم ٿيو ھو، ھن سان شادي کانپوءِ ملڻ جو سوچي بہ نہ سگھندو ھئس، پر سائرا ئي ھئي جنھن جي زور ڀرڻ تي مڌو سان ملڻ ويو هوس. ٿيو ھيئن جو اسان جي شادي جي چند ڏينھن کانپوءِ آئون ۽ سائرا مدراس ۾ ھئاسون، مڌو جو نياپو مليو تہ ھو مونسان ھنگامي طور تي جلدي ملڻ چاھي ٿي. مدراس ۾ مون اھا ڳالھ لڪائي، بمبئي واپسي تي سائرا کي مڌو جي نياپي بابت ٻڌايم، سائرا مونکي چيو توکي جلدي ھن سان ملڻ گھرجي، ٿي سگھي ٿو ھن کي ڪا پريشاني ھجي. آئون مڌو بالا جي گھر ويس، ھو سخت بيمار ھئي ۽ تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي، رنگ ھيڊو ٿي چڪو ھئس، مڌو جي اھا حالت ڏسي مونکي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ھو مونکي ڏسي خوش ٿي ۽ چيائين اسان جي شھزادي کي ان جي شھزادي ملي وئي آھي، آئون تمام گهڻي خوش آھيان. ھو پنھنجن ذاتي معاملن ۾ الجھيل ھئي ۽ مون کان صلاح وٺڻ چاھيندي ھئي، ڪافي معاملن متعلق گفتگو ڪرڻ کانپوءِ ھو مطئمن ٿي وئي، اھا مڌو بالا سان منھنجي آخري ملاقات ھئي. مڌو بالا 23 فيبروري 1969ع تي ھن دنيا مان ھميشہ لاءِ موڪلائي وئي.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)

  11. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11

  12. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-12)

  13. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-13

  14. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-14

  15. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-15)

  16. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-16

  17. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-17)

  18. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-18)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close