ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار – 10

گل حسن ڪلمتي

حصو ٻيون : شام، سلطنت عمان ۽ ترڪيءَ ۾ بہ گوندراڻي غارن جھڙا غار موجود آھن

انهن گهرن کي ’گُوندراڻي غار‘ ڇو چيو وڃي ٿو؟ اهو سوال بہ پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. اڪثر ليکڪ انهن کي ”مائي گُوندراڻي غار“ چون ٿا. اڳ ۾ لکي آيو آهيان، تہ هتي جيڪا زيارت آهي، ان کي ’مائي پير زيارت‘ چيو وڃي ٿو. هن جي قبر جي ڪتبي تي ”مرحومہ بي بي سومري عرف بي بي مائي ٻروچاڻي“ لکيل آهي. مزارتي تي مون کي ’مائي گوندراڻي‘ ڪٿي بہ لکيل نظر نہ آيو. گُوندر ذات جا ماڻهو سنڌ، ڪوهستان ۾ رهن ٿا، جيڪي هاڻي برفتن جي سرداريءَ ۾ آهن. اهو انتهائي ننڍو قبيلو آهي. اهي پنهنجي سرخ ۽ سفيد رنگ ۽ نيرين اکين جي ڪري ٻين برفت قبيلن جي ماڻهن کان مخلتف آهن. ممڪن آهي تہ ان ذات يا قبيلي جو انهن غارن سان ڪنهن دور ۾ ڪو تعلق رهيو هجي، تنهنڪري انهن کي ’گُوندراڻي‘ يا ’گُوندراڻا غار‘ چيو وڃي ٿو. بهرحال ان تي تحقيق جي ضرورت آهي.

جيستائين انهن گهرن يا غارن جو سيف الملوڪ ۽ شهزادي بديع الجمال سان تعلق جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اڳ ۾ لکي آيو آهيان، تہ اهو قصو سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ موجود آهي. اصل ۾ اهو قصو دمشق جي وڏي ڪتب خاني ”زيده الجواب“ جي نالي سان عربيءَ ۾ ملي ٿو. شاهد علي ”صوف“ ابڙو پنهنجي هڪ مضمون ”سيف الملوڪ وارو قصو ديو مالائي يا حقيقت؟“ ۾ لکي ٿو تہ ”جيڪو پوءِ بادشاھ جي اجازت سان سلطان محمود غزنويءَ جي وزير حسن ميهمنديءَ اتاريو، اهو فارسيءَ ۾ بہ هئو. ان کان پوءِ اهو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو رهيو. ’سيفل ناما‘ جي نالي سان پهريون ترجمو سرائڪي ٻولي ۾ لطف علي ڪيو هو. سرائڪيءَ مان اردوءَ ۾ محمد بشير نظامي ’مثنوي سيف الملوڪ‘ جي عنوان سان ترجمو ڪيو.“
پوءِ اهو عربي ۽ پنجابي ۾ ترجمو ڪيو ويو هو، جنهن ڪري اهو قصو برصغير جي مختلف علائقن ۾ لوڪ داستان طور ملي ٿو. هر علائقي ۽ ٻوليءَ وارن سگهڙن هن ۾ ڪيترائي رنگ ڀري پنهنجن علائقن جي ڪنهن نہ ڪنهن واقعي يا قديم آثار سان ان کي منسلڪ ڪيو آهي. بديع الجمال کي ڪٿي ’بديع البانو‘ بہ لکيو ويو آهي.

قصو گهڻو ڊگهو آهي، هتي سائين شاهد علي ”صوف“ ابڙو جي مضمون مان مختصر ڏيئي رهيو آهيان:
”حضرت سليمان جي وقت ۾ مصر جي حڪمران عاصم کي پوڙهائپ ۾ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”سيف الملوڪ“ رکيائين. هو اڃا ٻارنهن سالن جو هو، تہ هن پرستان جي شهزادي بديع البانو/ بديع الجمال جي تصوير ڏٺي ۽ دل ڏئي ويٺو. کيس حاصل ڪرڻ لاءِ هو بحري ٻيڙن جي هڪ قافلي جي صورت سمنڊ وسيلي روانا ٿيا. تيز طوفانن ڪري گهڻا ماڻهو انهن طوفانن جو شڪار ٿيا. فقط 20 ماڻهو بچيا، جن ۾ شهزادو ۽ سندس دوست وزير سعد بہ شامل هئا. اهڙو برو وقت آيو جو شهزادو اڪيلو ٿي ويو ۽ سرانديپ (سريلنڪا) پهتو، جتي هڪ علائقي ۾ سرانديپ جي شهزادي ’ملڪان‘ هڪ ديو جي قيد ۾ هئي. ان کي ديو کان ڇڏائڻ کان پوءِ خبر پئي تہ اها شهزادي ”بديع البانو“ (بديع الجمال) جي ساهيڙي آهي. ٻئي سرانديپ پهتا تہ اتي سعد سان سندس ملاقات ٿي. هتان ئي شهزادي بديع البانو تائين پهچن ٿا. هتي شهزادو سيف الملوڪ ديو جي قيد ۾ رهي ٿو. آخرڪار اهي ديو کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. سيف الملوڪ جي شادي بديع البانو (بديع الجمال) سان ٿئي ٿي ۽ سعد جي شادي ’ملڪان‘ سان ٿئي ٿي. ٻئي خوشيءَ خوشيءَ پنهنجي ملڪ مصر پهچن ٿا.“

اهو قصو هتي گُوندراڻي غارن ۾ بہ هن طرح موجود آهي تہ ’بادشاھ جي ڌيءَ ديو جي قيد ۾ رهي ٿي. سيف الملوڪ ان کي ديو ۽ ازدهائن جي چنبي مان آزاد ڪرائي، ان سان شادي ڪري ٿو.‘ اهو قصو سنڌ ۾ اروڙ جي بربادي ۽ راجا دلو راءِ جي دور ۾ بہ ملي ٿو. گجرات کان وٺي ڪاغان، ڪشمير، سنڌ ۽ لسٻيلي ۾ سيف الملوڪ جي نالي سان ڪا نہ ڪا نشاني موجود آهي، تنهنڪري انهن غارن/ گهرن بابت تحقيق نہ هئڻ ڪري انهن کي سيف الملوڪ جي قصي سان ملايو ويو آهي.

دنيا ۾ گهڻن ملڪن جي جبلن ۾ اهڙي قسم جون ڪٽيل انساني رهائشي جايون آهن. هتي ڪجهہ مشهور جاين جو ذڪر ڪندس، جيڪي هوبهو ”گُوندراڻي غارن“ وانگر آهن. بلڪل اهڙي نموني جا گهر مون شام جي دوري ۾ ٻن جاين تي ڏٺا، هڪ ”معلولا،“ جيڪو عيسائي آباديءَ وارو علائقو آهي، اهو دمشق کان 60 ڪلوميٽر پري آهي. هتي بہ جبلن ۾ اهڙا غارن جھڙا گهر آهن. انهن گهرن جا دروازا چوڪور نموني ڪَٽي ٺاهيا ويا آهن. اُنهن ۾ مذهبي نشان بہ چِٽيل آهن، جيڪي قديم انساني هٿن جا شاهڪار آهن. اهي گهر يا غار هاڻي بند آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي تہ ’هاڻي انهن ۾ نانگ ۽ بلائون رهن ٿيون.‘

شام عين الفجيح ۾ جبلن ۾ غار..تصوير .گل حسن ڪلمتي

”معلولا“ ۾ ڪيترائي پراڻا چرچ بہ آهن ۽ ٻہ خانقاھون آهن، جيڪي ٻئي جبلن ۾ ڪٽيل غارن ۾ موجود آهن. اهي چوٿين ۽ پنجين صديءَ جون ٺاهيل آهن.

شام جي علائقي معلولا ۾ غارن جھڙو گھر…تصوير گل حسن
شام جي علائقي معلولا ۾ جبلن ۾ غارن جھڙا گھر (تصوير.گل حسن)

’معلولا‘ پنهنجي گهرن وارن غارن، جبلن ۽ چرچن جي ڪري مشهور آهي. معلولا کان ٿورو اڳتي ’النبڪ‘ ڏانهن ويندي ”يبرود“ نالي هڪ وسيع غار آهي، جنهن ۾ مختلف رهائشي گهر بہ آهن. اهو غار جبل کي ڪٽي ٺاهيو ويو آهي.
اهڙي نموني دمشق کان 24 ڪلوميٽر اولھہ پاسي ”عين الفجيح“ ۾ روڊ جي ٻنهي ڪنارن کان جبلن ۾ اهڙا غارن جھڙا گهر موجود آهن، جيڪي بہ ويران آهن. سردين ۾ اُتان جا ماڻهو پنهنجو مال انهن ۾ واڙيندا آهن. ’عين الفجيح‘ قدرتي مٺي پاڻي واري جاءِ طور مشهور آهي. هتان لائين وسيلي دمشق شهر تائين پاڻي پهچايو ويندو آهي. سلطنت عمان ۾ مسقط کان 200 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ پاسي ”وادي بني خالد“ ۾ ”موڪل“ واري هنڌ بہ هوبهو گوندراڻي غارن سان شهابت رکندڙ غار، جبل ڪناري هيٺ کان مٿي آهن. سياح، نديءَ ڪناري کان جبل جي چوٽيءَ کان انهن جو نظارو ڪندا آهن.

سلطنت عمان ۾ وادي شهاب ۾ جبلن ۾ غار آهن. وادي شهاب ۾ (وادي، نديءَ کي چيو ويندو آهي) هر وقت پاڻي وهندو رهي ٿو، تنهنڪري انهن غارن تائين پهچڻ ڏکيو آهي.

سلطنت عمان ۾ دمشق کان 180 ڪلوميٽر نزوا کان جبل شمس ۾ ”هوتا غار“ آهي، اهو پنج ڪلوميٽر ڊگهو آهي. اندر شفاف پاڻيءَ جي ڍنڍ بہ آهي. غار اندر وڃڻ لاءِ ريل رستو ٺاهيو ويو آهي. ٽڪيٽ گهر ۽ ميوزيم بہ موجود آهي.

سلطنت عمان وادي بن خالد جي موڪل واري علائقي ۾ غار (تصوير گل حسن ڪلمتي)

’هوتا غار‘ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو غار آهي، جيڪو ”مجلس الجن“ طور مشهور آهي. هتي اهو مشهور آهي، تہ هن غار ۾ جن مجلس ڪندا هئا. هوتا جبل ۽ هوتا ڳوٺ جي ڪري هن کي ”هوتا“ چيو ويندو آهي. 2006ع ۾ اهو سياحن لاءِ کوليو ويو هئو.

ترڪي جي ”ڪپا ڊوڪيا واديءَ“ ۾ زيلوي (Zelvi) ۾ بہ اهڙائي غار آهن. انهن غارن جي ڪري زيلوي کي ’غارن جو شهر‘ چيو ويندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي، تہ اهي بازنطيني دور جا آهن. 9 کان 13هين عيسوي تائين هي هڪ مذهبي مرڪز رهيو آهي. اهڙائي غار باميان (افغانستان) ۾ به آهن، جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان.

ترڪي جي علائقي زيلوي ۾ غار…گوگل تان کنيل تصوير

مٿي ذڪر ڪيل غارن تي ٿيل تحقيق جي پسمنظر ۾ لسٻيلي جي گُوندراڻي غارن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين انهن غارن جي حفاظت ضروري آهي. گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو انهن غارن مان ملندڙ شيون کڻي ويندا آهن، جنهن عمل کي روڪڻ جو بندوبست هئڻ گهرجي. حڪومت کي تحقيق ڪندڙن لاءِ جبل جي مٿي وڃڻ ۽ انهن جي اندر وڃي تحقيق ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن انهن غارن/گهرن ۽ انهن جي ٺهڻ بابت ڪنهن نتيجي تي پهچجي.

هيءَ پراسرار دنيا ڪنهن دور ۾ سياسي اڳواڻن جي پناھ گاھ بہ رهي آهي. پاڪستاني فلمن ۽ ڊرامن جي شوٽنگ بہ هتي ٿيندي رهي آهي. هي پراسرار دنيا ڏسڻ جھڙي آهي.

شھر روغان لسٻيلو


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close