تاريخ جو وساريل واقعو ـ ڪارو جبل مالماڙي مٿان ٿيل پاڪستان جي تاريخ جو ٻيو جھاز حادثو

تحقيق: جوکيو جسارت الياس سنڌي

دنيا جي تاريخ جھاز حادثن سان ڀري پيئي آھي. ان ڏس ۾ ڪوھستان ضلعي ٺثي جي مشھور ڪارو جبل لڳ مالماڙي وايہ جنگشاھي جو نالو پڻ عالمي تاريخ جي زينت انڪري بہ بڻيل آھي جو ھتي 29 جولائي 2010ع جي ڊان اخبار جي ھڪ رپورٽ مؤجب پاڪستان جي تاريخ جي پھرين جھاز حادثي جي جڳھ آھي جڏھن تہ ساڳي اخبار ۾ 16 آگسٽ 2010ع ڏينھن ان جھاز حادثي کي پاڪستاني تاريخ جي ٻئي جھاز حادثي طور لکيو ويو آھي جيڪو وڌيڪ درست ۽ حقيقت آھي.
جنگشاھي ڪوھستان جو جھونو استاد ۽ محقق محمدالياس ھمغم جوکيو پنھنجي مضمون ”ڪارو جبل“ ۾ ان جبل جي بيھڪ بابت لکيو آھي جنھن مطابق ڪارو جبل کيرٿر ۽ پٻ جبل جي جابلو زنجيرن جو ھڪ سلسلو آھي جنھن جي اولھ ۾ ڳوٺ مالماڙي، ڳوٺ جلالجي، ڳوٺ رئيس وليداد خان جوکيو، اوڀر ۾ ڪارو اُرھ ۽ اتيت مڪان، ڏکڻ ۾ ڪارو اُرھ ۽ ڄٻڙ جڏھن تہ اتر ۾ ٽڪ مڪان ۽ ڪلو کوھر واقع آھن. ڪارو جبل جنگشاھي شھر، تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي کان اتر طرف چاليھ ڪلوميٽر پري آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ ھڪ خوبصورت، سحر انگيز ۽ مھا جبل آھي جيڪو نہ صرف ھتي جي مالوند ماڻھن لاءِ صدين کان وٺي ڏڪار توڙي سڪار ۾ مال جي چاري لاءِ سٺي جُوء رھيو آھي پر گڏوگڏ ھتي جي موسم، آبھوا ۽ جھنگلي جيوت جي ايڪوسسٽم کي متوازن رکڻ لاءِ مددگار جڳھ، سير ۽ تفريح سميت چؤگرد واقع ڪوھستاني ماروئڙن لاءِ اناج، ڪوھستاني ڏٿ (The Seasonal Fruit of Kohistan) ۽ وسڪاري دؤران تلائن ۽ ڍورن کي مياڻي پاڻي (Rainwater) مان پلٽي ڀرڻ جو نھايت سٺو ۽ اھم ذريعو رھيو آھي. ھن جبل جون ھونئن تہ ڪافي ماحولياتي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ حياتياتي خصوصيتون آھن (جن تي راقم الحروف پاران الڳ تحقيق جاري آھي) پر ھن جي اُفق سان لڳندڙ چوٽين سان 1949ع ۾ ھڪ جھاز ٽڪريو ۽ تباھ ٿي ويو. ان بدنصيب جھاز جي تاريخ ۽ ان سان ڳانڍاپو رکندڙ مختلف واقعات ھتي خصوصي طور ذڪر ڪنداسين.
جھاز ۽ انسان: جھاز انسانن جي تخليق آھي تہ انسان ئي انجا ھلائيندڙ آھن. جھاز جو نظريو شايد انسان جي ارتقا سان گڏ آھستہ آھستہ شعوري طور پروان وٺندو ويو. ويچارو انسان شايد پکين وانگر پنھنجي پرن ۽ پکن جي نہ ھجڻ تي دل ئي دل ۾ ساڙ رکي حيران ۽ نادم ھو ۽ کنڀن ۽ پرن لاءِ سوچيندو ھو پر اھو سڀ ڪجھ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر انجي وس ۾ ڪونہ ھو تہ پکين کان پر ۽ کنڀ کسي پاڻ کي لڳائي ۽ انھن وانگر ھوا ۾ اڏامي سو انسان ھٿرادو طريقي سان اڏامڻ جا جَتَن ڪرڻ شروع ڪيا. جيئن اڄ جي دؤر ۾ ھوا ۾ اڏامڻ عام طور سڀني جي خواھش ھوندي آھي پر اھو ھڪ خواب جو منظر بہ ھوندو آھي يا اڄ بہ سنڌيءَ ۾ اھا چوڻي مشھور آھي تہ اسان ڪنھن ماڻھو کي ترقي يا فخر ڪندي ڏسي چوندا آھيون تہ ھي تہ صفا ھوا ۾ پيو اڏامي. الغرض انسان شروع کان اڏامڻ جا جتن ڪندو رھيو پر کيس ڪا خاطر خواھ ڪاميابي ڪونہ ملي. ارڙھين صديءَ ۾ جڏھن صنعتڪاري جي انقلاب (Industrial Revolution) دؤران گاڏين جي ايجاد ٿي تہ ڪجھ ترقي جا رستا کليا پر مھاڀاري ويڙھن (World Wars) ھميشہ تباھي آندي تنھن ھوندي بہ ترقي جا جتن جاري رھيا نيٺ ٻہ مشھور آمريڪي رائٽ ڀائرن Wright Brothers ھر ھڪ نالي Orville اورويلي (1871ع ـ1948ع) ۽ Wilbur ويلبر (1867ع ـ 1912ع) جڏھن 17 ڊسمبر 1903ع ڏينھن پنھنجي پھرين ڪامياب جھاز کي ھوا ۾ اڏايو تہ اھو دنيا جي تاريخ ۾ ھڪ عظيم سنگ ميل ھو جيڪو عبور ٿيو ۽ اھڙي ريت ترقي جي رفتار تيز ٿي ۽ دنيا ويجھي ٿيڻ شروع ڪيو. گاڏين کانپوءِ جھاز جي ايجاد سان اھو سڀ ممڪن ٿيو ۽ انسان ھوائن جا سفر ڪندي دنيا گھمڻ شروع ڪئي ۽ دنيا کان مٿي خلا (Space) جا مھا سفر بہ ڪرڻ شروع ڪيا جيڪو سلسلو اڄ بہ وڏي زور شور ۽ ترقي سان اڃا بہ اڳتي جاري آھي.

ڪارو جبل تي ڪھڙي قسم جو جھاز تباھ ٿيو؟
جھازن جو ھڪ قسم جنھنکي ڊوگلس Douglas چوندا آھن اھو رائٽ برادرز جي جھاز ٺاھڻ کانپوءِ جيڪي شروعاتي قسمن جا جھاز ٺھيا انھن ۾ شامل ھو. سمٿ سونيئين نيشنل ايئر اينڊ اسپيس ميوزم (Smithsonian National Air and Space Museum) جي ويب سائيٽ مطابق سپر پاور ٿيڻ لاءِ نھن چوٽيءَ جا زور ڏيندڙ آمريڪا (تڏھن سپر پاور جرمني يورپ جي پروشيا رياست Kingdom of Prussia ۽ انگريزن جي سلطنت The Great Britain ھئا). 1935 ۾ ڪُل 13 ھزارن کان بہ وڌيڪ عدد ۾ ھي ڊوگلس ڊي سي 3 جھاز ”ڊوگلس ايئرڪرافٽ ڪمپني، سانٽامونيڪا ڪئليفورنيا“ آمريڪا ٺاھيا ۽ دنيا ۾ ڳري قيمتن تي وڪرو ڪيا. انھن کي اسڪائي ٽروپر Skytrooper يا ڊڪوٽا Dakota بہ چون ٿا. ڊوگلس ڊي.سي DC (ڊي.سي جو مطلب ڊوگلس ڪمرشل Douglas Commercial) کي انجنيئر ڊوگلس جي نالي سان منسوب ڪيو ويو جيڪو ھڪ مشھور آمريڪي ايوارڊ يافتہ جھاز ساز انجنيئر ھو. شروع ۾ ھي جھاز صرف فوجي مقصدن لاءِ ٺاھيا ويا ھئا پر بعد ۾ ڪمرشل جھاز طور سول ماڻھن لاءِ پڻ اھڙن جھازن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي. واضح رھي تہ ان دؤر ۾ ھي جھاز سڀني کان مھنگي ۾ مھنگا ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان سلھاڙيل ھوندا ھئا جيڪي دنيا ۾ اڪثر وڏا ماڻھو پنھنجي سفر دؤران استعمال ڪندا ھئا. اڄ بہ انھن جھازن مان ڪجھ جھاز دنيا ۾ موجود آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن کين آزمائش ۽ نمائش طور آمريڪا ۾ ھوا ۾ اڏاري پراڻيون يادون تازيون ڪيون وينديون آھن. ان ميوزم جي ويب سائيٽ مطابق نج ڌاتو Pure Metal ۽ اوچي قسم جي نبار المونيم Aluminium Grade 7075 سان ٺاھيل ھن جھاز جو سراسري وزن (خالي ھجڻ مھل) 7650 ڪلوگرام جڏھن تہ 21 کان 26 ماڻھو ۽ انھن جي سامان سميت سراسري وزن 11430 ڪلوگرام، ڊيگھ 19.7 ميٽر، اونچائي 5 ميٽر، وڌ ۾ وڌ رفتار 370 ڪلوميٽر في ڪلاڪ، ٻن انجڻن سان ليس ۽ پکن جي ماپ 29 ميٽر ھوندي ھئي. اھي انگ اکر جھاز جي معيار Standard کي سٺي نموني بيان ڪن ٿا جنھن مان جھاز جي مٿان مسافرن ۽ جھاز ڪمپنين جي ڀروسي جي بہ ڀلي پروڙ پوي ٿي ڇاڪاڻ تہ ان زماني ۾ انکان وڌيڪ جديد ٻيو ڪو جھاز نہ ھو.

پاڪستان ۾ ھوائي جھازن جي شروعات:
جڏھن پاڪستان 1947ع ۾ دنيا جي نقشي تي ھڪ نئون ملڪ ٿي نروار ٿيو تہ نئين ملڪ ۾ معاشي مسئلن جا انبار ھئا پر دنيا سان ھوائي رستي ذريعي ڳنڍجڻ لاءِ ھوائي جھاز ۽ انجي سروس جي ضرورت جڏھن پئي تہ فورن انڊيا جي تڏھوڪي ايئر لائن بنام اورينٽ ايئرويز Orient Airways (جنھنجو مالڪ مسٽر ايم. اي اصفھاني ھو جنھن ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ 23 آڪٽوبر 1946ع جي ڏينھن ھن جھاز جي سروس کي ھندستان ۾ شروع ڪيو ھو) پاڪستان ۾ بہ خدمتون ڏيڻ شروع ڪيون جڏھن تہ اڄوڪي PIA جو وجود ان زماني ۾ ڪونہ ھو جيڪو بعد ۾ 1954ع ۾ پيو. اھڙي ريت ڪجھ پرائيويٽ جھاز ڪمپنين پڻ نئين جنم ورتل ملڪ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنھن مان ”پاڪ ايئر“ نالي ھڪ نجي ڪمپني پڻ شامل ھئي جنھن جي مالڪ حسين ملڪ 1948ع ۾ منسٽري آف ڊفينس حڪومت پاڪستان کان N.O.C وٺي پاڪستان ۾ پنھنجي سروس شروع ڪئي جنھن جو ھڪ جھاز بنام ڊوگلس سي-53 اسڪائي ٽروپر (DC-3) جڏھن ڪارو جبل مٿان تباھ ٿيو تہ حڪومت فورن ان ڪمپني جي سروس تي پابندي ھڻي انکي بند ڪري ڇڏيو ڇوتہ ڪارو جبل مٿان جڏھن جھاز ڪري تباھ ٿيو اھو نہ صرف ھتي جي تاريخ جو نھايت المناڪ واقعو ھو پر پاڪستاني ۽ عالمي تاريخ جو پڻ ھڪ وڏو ڏکوئيندڙ واقعو ھو. اھڙيءَ ريت جنگشاھي ڪوھستان جو ھي ڇَپَرُ (شاھ عبداللطيف ان جبل کي سر سسئي ۾ "ڇپر” چئي امر ڪري ڇڏيو) يعني ڪارو جبل ان واقعي جي ڪري ملڪن مشھور ٿي ويو.
ڇپر ڇمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو
پٻ وجھنديس پٺ تي صبح سوارو
وڃڻ مون وارو، ڪين وھنديس وچ ۾. شاھ عبداللطيف ڀٽائي

ڊوگلس سي-53 اسڪائي ٽروپر ( DC-3 ) پاڪستان ۾: ڊوگلس جھاز ھلائيندڙ نجي ڪمپني پاڪ ايئر ھئي جنھن ان جھاز کي AP-ADI نالي سان رجسٽر ڪرائي ھلايو جڏھن تہ مذڪورہ جھاز کي 1941ع ۾ پھريون ڀيرو ٺاھي آمريڪا ۾ NC30022 جي نمبر سان رجسٽر ڪري پيسفڪ ايئرويز، لاس اينجلز ايئرويز ۽ ٽرانزاوشين ايئرلائينز ۾ اڏايو ويو ھو (حوالو؛ www.aparm.net ). پھرين ڀيرو اڏامڻ دؤران ھن جھاز عام جھازن وانگر ان دؤر جي حساب سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري تہ کيس آمريڪا کان ٻاھر ويڪرو ٿيندڙ جھازن ۾ شامل ڪيو ويو جڏھن تہ عام طور تي ڪوبہ جھاز پنھنجي پھرين اڏام Test Flight دؤران جيڪڏھن ڪا فني خرابي يا ڪنھن اڻ وڻندڙ صورتحال جو شڪ ڏيکاريندو ھو تہ ان دؤر ۾ موجود ٽيڪنالاجي سان انکي وري مرمت ڪري انجنيئر مشقي ڪم لاءِ ڪجھ وقت ھيٺين اڏام طور ھلائي چڪاس ڪندا ھئا پر ھن جھاز جي ڪارڪردگي سٺي ھئي انڪري جلد ويڪرو ڪري آمريڪا کان ٻاھر موڪليو ويو جيڪو پھرين انڊيا پھتو ۽ ورھاڱي کان فورن پوءِ انکي پاڪ ايئر خريد ڪيو. (حوالو: آل پاڪستان ايئرڪرافٽ رجسٽريشن مارڪس)

جھاز حادثي جا منظر:
لاھور (جيڪو ھاڻي علامہ اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏجي ٿو) کان فرائيڊي ٽائمز اخبار موجب ٺيڪ 6 وڳي شام جو ھي بدنصيب جھاز 4 عملي Crew جا ماڻھو ۽ 22 مسافر کڻي ڪراچي اچڻ لاءِ سومر ڏينھن بتاريخ 12 ڊسمبر 1949ع موجودہ سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي (جيڪا ان دؤر ۾ پاڪستان جي گاديءَ جو ھنڌ ھئي) ڏانھن اڏامڻ لڳو تہ ان وقت ان اندر ويٺل مسافرن اھو ھرگز ڪونہ سوچيو ھوندو تہ اھي 4 ڪلاڪ سفر ڪري ڪراچي نہ پر ڪراچي کان پھرين ايندڙ تاريخي ڪوھستان جي مشھور ڪارو جبل مٿان اجل جو شڪار ٿيڻ وڃي رھيا آھن. نہ جھاز جي ڪيپٽن اھو ڄاتو نہ وري ڪنھن ٻئي عملدار…! نيٺ جھاز پنھنجي پرواز ٻڌي ۽ لاھور شھر جي سرد فضائن کي ڇڏي سنڌ طرف تيزي سان وڌڻ لڳو. پاڪ پتن ۽ ملتان جي مٿان اڏامندو جڏھن رحيم يار خان ۽ صادق آباد ٽپيو تہ ستت سنڌ جي حدن اندر پھچڻ سان جھاز ۾ موجود ماڻھن ضرور اھو اندازو لڳايو ھوندو تہ ھاڻي سنڌ سونھاري مٿان اڏامون پيا. انھن مان ڪن اخبار پئي پڙھي ھوندي تہ ڪن وري ريڊيو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي جيڪي ڪٿي نہ ڪٿي ريڊيو جا ڪررررررر…..ڪررررررر جا آواز ٻڌي سرھا بہ ٿيا ھوندا تہ شايد ھاڻي ريڊيو جا سگنل اچن پيا تہ مطلب ڪراچي ويجھو پھچي ھاڻ لھڻ وارا آھيون.

جھاز جا ڪاري جبل سان ٽڪرائجڻ جا منظر:
ڊسمبر جي سرد رات ۾ گورک ھل جي ٿڌن جبلن جي اوٽ وٺي ڀرپاسي کان مُڙي جڏھن ھي جھاز مشھور سگھڙ شاعر ڪوھستان باغ محمد بيشڪ جوکيو (1910ع ـ 1984ع مدفن؛ جنگشاھي قبرستان) جي مرشد قلندر لعل شھباز جي نگري سيوھڻ جي ماٺيڻي کيرٿر رينج جي جبلن مٿان سرد رات ۾ پنھنجي اڏار ڪاميابي سان مڪمل ڪندي اڳتي وڌي رھيو ھو تہ اوچتو ڪجھ خرابي ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال کي پائليٽ نوٽ ڪيو ۽ فورن ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جھاز ۾ جيڪي مسافر سوار ھئا انھن ۾ فوج جا اعليٰ ۽ سينيئر آفيسر پڻ شامل ھئا تن کي جھاز جي ڪيپٽن جي پريشاني فورن سمجھ ۾ اچي ويئي پر اھي بہ ويچارا ڇا ڪن کين ڪجھ خبر نہ ٿي پئي تہ آخر ڪجي تہ ڇا ڪجي؟ اوچتو ٺيڪ رات جي 10 وڳي (بقول منھنجي والد صاحب جنھنجو جنم 1939ع ۾ ٿيو ۽ ان وقت 10 سالن جي عمر جو سمجھدار پرائمري ڪلاس پڙھندڙ ٻار ھو ۽ مالماڙي ڳوٺ ۾ پنھنجي ڪچي گھر ۾ والدين سان گڏ موجود ھو؛ کيس اڄ بہ سڀ ڪجھ ياد آھي) ڪوھستان جي ٿڌي رات جي اونداھ راڪاس ۾ ڪاري جبل مٿان ھڪ بلند چوٽيءَ نالي ”ٺُل“ ويجھو ”ڦوڙ جو لَڪ“ (بحوالہ: ولڙين واس، ليکڪ محمد الياس "ھمغم” جوکيو) سان جڏھن ھي جھاز ٽڪرائجڻ Collision وارو ھو تہ پائليٽ کي بہ پڪ ٿي چڪي ھئي تہ جھاز ٽڪرائجڻ وارو آھي پر گيئر تي ضابطو نہ ھجڻ ڪري فورن رڙ ڪري جڏھن مسافرن کي ٻڌايائين تہ ھڪ اڌوڙٽ عمر جي عورت جھاز جي دري کي ٽوڙي ٻاھر ٽپو ڏنو، گڏوگڏ اک ڇنڀ ۾ جھاز بہ جبل سان ٽڪرائجي ويو ۽ ائين ھڪ وڏي ڌماڪي سان ڪوھستان ۽ انجو ھي مھا جبل لُڏي ۽ لرزي اٿيو!! اھڙيءَ ريت پڙاڏن ۾ پري پري تائين سڙندڙ مسافرن جون ڪيھون، دانھون ۽ اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ٻڌيون ويون! جھاز مان ٻاھر ٽپو ڏيندڙ عورت بہ جبل جي پٿرن سان ٽڪرائجي موقعي تي ئي وفات ڪري ويئي جنھن جو رئو فورن پھتل ڳوٺاڻن پڻ ڏٺو پر تيستائين ويچاري فوت ٿي چڪي ھئي… جڏھن تہ ٻيا مسافر جيڪي جھاز مان ٻاھر ڪونہ نڪري (Exit نہ ڪري) سگھيا ھئا اھي سڀ تباھ ٿيل جھاز جي ٻرندڙ باھ جي شعلن جو کاڄ بڻجي اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ھميشہ لاءِ ڪارو جبل جي تاريخ سان گڏ ھتي امر ٿي ويا! اھڙي ريت ھن جھاز ۾ جيڪي بہ 26 ماڻھو ھئا اھي سڀ جا سڀ اجل جو لقمو بڻجي ويا.

ڪاري جبل جي اوچائي:
جھازن جي بچاءُ واري اداري ايويئيشن سيفٽي نيٽورڪ Aviation Safety Network ASN مؤجب ھي جھاز جنھن مھل ڪاري جبل سان ٽڪرائيو ان مھل سطح سمنڊ کان 1185 فُٽن جي بلندي تي ھو جنھن مان ان ڳالھ جي پڪ ٿئي ٿي تہ ڪاري جبل جي اونچائي ان کان مٿي تہ ٿي سگھي ٿي پر گھٽ ھرگز ناھي. ساڳئي اداري جي ڏنل ويبسائيٽ جي انگن اکرن مطابق ھي بدنصيب جھاز لاھور کان ڪراچي رستي وچم تباھ ٿيو جنھن کي ڪل 1015 ڪلوميٽر لاھور کان ڪراچي تائين سفر ڪرڻا ھئا پر رستي ۾ ئي ڪراچي ماڙيپور ايئرپورٽ کان 80 ڪلوميٽر اوڀر طرف ھي بدنصيب جھاز ڪارو جبل جي ھڪ لھندڙ چڙھائي (Slope) جي ڪنارن سان ٽڪر کائي تباھ ٿيو. ماڙيپور ايئرپورٽ بابت ڏنل معلومات بيورو آف ايئرڪرافٽ ايڪسيڊنٽز آرڪائيوز جي ويبسائيٽ تي موجود آھي جتي ان ڳالھ جي بہ وضاحت ٿيل آھي تہ جھاز جي جبل سان ٽڪرائجڻ جو سبب اونداھي آھي جڏھن تہ ايويئيشن سيفٽي نيٽورڪ جي ويبسائيٽ تي اونداھي جو ذڪر ناھي ٿيل پر ٻيا انگ اکر موجود آھن جن مطابق جھاز جو پائليٽ پنھنجي موجودہ جڳھ، طرف ۽ سِمت جو اندازو لڳائڻ ۾ ڀلجي ويو ھو جنھن سبب جبل جي وروڪڙن ۾ منجھي ويو ۽ آخري ڀيرو جيڪا پائليٽ رپورٽ ڏني ان مطابق ٺيڪ رات جي 9 لڳي 47 منٽن تي جھاز سطح سمنڊ کان جڏھن 2500 فٽ مٿي ھو تہ پائليٽ غلطي سان ڀلجي جھاز کي ھيٺ لاھڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ ھن سمجھيو ھو تہ ڪراچي ايئرپورٽ ويجھو آھيان انڪري ھيٺ لھندو اچان. جڏھن آھستي آھستي ھيٺ لھندو ويو تہ نيٺ حادثو ٿيو. ھتي ٻہ اھم سوال اٿن ٿا تہ ڪارو جبل جي صحيح اونچائي ڪيتري آھي؟ جنھن متعلق ڪارو جبل تي پھرين تحقيق ڪندڙ مشھور تاريخدان محمدالياس "ھمغم” جوکيو پنھنجي مقالي ”ڪارو جبل“ ۾ ڪارو جبل جي سڀني کان بلند چوٽيءَ (Peak) ”ٺُل“ جي اوچائي لڳ ڀڳ 2000 فٽ لکي آھي. جنھن مھل جھاز 2500 فٽن جي بلندي تي ھو تہ ان وقت جبل جي ڪھڙي پاسي ھو؟ منھنجي والد جي ٻڌايل وقت مؤجب پوري رات جي ٺيڪ 10 وڳي جھاز ڪارو جبل سان ٽڪرايو جڏھن تہ 9 لڳي 47 منٽن تي جھاز جي آخري رپورٽ مؤجب جڏھن 2500 فٽ سطح سمنڊ کان مٿي ھو تہ اسان اھو اندازو لڳائي سگھون ٿا تہ ان رپورٽ ڏيڻ مھل جھاز ڪارو جبل کان ڪافي پري دادو (ھاڻي ڄامشورو) جي جبلن پاسي ھوندو جيڪو 13 منٽن ۾ ڪارو جبل تائين لھندو اچي جبل سان ٽڪر کائي، ”ڦوڙ واري لڪ“ ۾ ڪري تباھ ٿيو. ھتي ھڪ تاريخي ڳالھ لکڻ بہ ضروري آھي تہ انگريزن واري دؤر ۾ جڏھن گڏيل ھندستان ۾ برٽس راڄ ھو تڏھن ڪارو جبل مٿان ان بلند ترين چوٽي ٺل تي سرڪار پاران ھڪ وڏي روشني وارو فانوس ۽ انکي ٻارڻ لاءِ ھڪ ٻہ ماڻھو رکيل ھئا جيڪي روز رات پوڻ وقت ان فانوس کي ٻاري ڇڏيندا ھئا. اڄ بہ ان جڳھ تي ان فانوس کي ٻارڻ لاءِ ٺھيل آثار موجود آھن جتي انگريزن پاران ھڪ ماڊل بندوق کي جبل جي ڀت ۾ چنبڙائي رکيو ويو آھي. ھي روايت ڪندڙ محمد الياس ھمغم جوکيو(جنم 1939ع) جنھن پنھنجن وڏن کان ٻڌي مطلب جڏھن کان جھاز 1903ع ۾ ٺھيا تہ ھي نظام بعد ۾ شروع ڪيو ويو. سوال اھو ٿو پئدا ٿئي تہ جڏھن 12 ڊسمبر 1949ع تي ھي جھاز اتان لنگھيو تڏھن فانوس ھو يا نہ؟ انجي خبر نہ پئجي سگھي ڇوتہ پاڪ ھند ورھاڱي کانپوءِ ھن ڪارو جبل جي ويجھو ٿاڻو بولا خان وغيرہ مان لڏپلاڻ بہ ٿي تہ گڏوگڏ افراتفري ٿي جنھن سبب معلومات ڪونہ ملي.

جھاز حادثي بابت ھليل تڏھوڪيون خبرون:
جيئن تہ انھن ڏينھن ۾ مواصلاتي ذريعا ۽ ميڊيا جا طرقا ايترو تيز ڪونہ ھئا. آسٽريلين ايسوسي ايٽيڊ پريس Australian Associated Press A.A.P (شروعات: 1935ع، باني: ڪيٿ مرڊوڪ Keith Murdoch؛ ھيڊ ڪوارٽر: سڊني آسٽريليا) جيڪا ان زماني ۾ خبرن جي عالمي ايجنسي طور ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ ادارو ھو، ان واقعي جون خبرون انگريزي ۾ ڇاپيون. ان نيوز ايجنسي طرفان ھڪ ڏينھن بعد 14 ڊسمبر 1949ع جي اخبارن ۾ ھن ڏکوئيندڙ واقعي متعلق ھيڊنگ ۾ خبرون ڇپيون. ان زماني جي مشھور انگريزي اخبار ’دي ميموري The Memory‘ (جيڪا آسٽريليا جي شھر ھوبارٽ کان نڪرندي ھئي) پنھنجي مئن پيج تي ”پنجويھ ڄڻا جھاز تباھ ٿيڻ جي ڪري قتل“ جي سرخي Headline سان خبر ڇاپي جيڪا آسٽريليا جي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي. ان خبر 25 ماڻھن جي فوت ٿيڻ جو لکيو آھي جنھن مان اھو معلوم ٿئي ٿو تہ شايد رپورٽ ڪرڻ مھل ڪو مسافر زندہ ھو جيڪو بعد ۾ وفات ڪري ويو ھجي. ان اخبار جھاز حادثي واري جڳھ، ڪراچي کان صرف 36 ميل پري لکي جيڪا ڳالھ درست نہ آھي. جنگشاھي کي ھن اخبار "جمگشاھي” ڪري لکندي ٻن جنرلن جو ذڪر ڪيو آھي؛ افتخار ۽ شير خان پر ھن اخبار مؤجب شير خان گھرواري سميت جھاز ۾ ھو جيڪو نيويارڪ ڪشمير بابت سيڪيورٽي ڪائونسل اجلاس ۾ وڃي رھيو ھو. اخبار وڌيڪ لکي ٿي تہ جھاز ھڪ جبل جي اونھي کاھي ۾ ٽڪرجي ڪريو ۽ سندس ملبو سڙي ويو انڪري ڪوبہ ماڻھو زندہ ڪونہ بچي سگھيو. ھن اخبار ٻن يورپي ماڻھن جي تصديق ڪئي تہ انم ھئا. انگريز مچل فروٽ فارم جو مالڪ ۽ مسز برگ جيڪا انگريز بئنڪ مئنيجر جي گھرواري ھئي. ھڪ ٻي اخبار The West Australian دي ويسٽ آسٽريلين جيڪا آسٽريليا جي شھر پرٿ Perth مان نڪرندي ھئي ان بہ ساڳئي ڏينھن ساڳي خبر ”پاڪستاني ڊڪوٽا رات جي وقت ڪري تباھ“ جي عنوان سان ڇاپي. ان اخبار جنگشاھي کي وري “جنجشاھي” ڪري لکيو. ٻنھي اخبارن جھاز جا ڪل ماڻھو 25 لکيا جڏھن تہ سرڪاري انگن اکرن مؤجب ڪل ماڻھو 26 ھئا. انھن ٻنھي اخبارن مطابق پاڪستاني فوج جا ٻہ جنرل ان جھاز ۾ سوار ھئا جڏھن تہ ٻہ يورپي پڻ ان ۾ ھئا جن مان ھڪڙو لين مچل نالي انگريز بہ ھو جيڪو پاڪستان ۾ ھڪ فروٽ فارم جو مالڪ ھو. ساڳي ئي اخبار لکي ٿي تہ جھاز سوارن ۾ مسز برگ نالي عورت پڻ شامل ھئي جنھنجو انگريز مڙس ڪراچي ۾ ھڪ بئنڪ مينيجر ھو. ان جو مطلب تہ شايد اھا ئي مسز برگ ھئي جنھن جھاز جي دري ٽوڙي ان مان ٻاھر ٽپو ڏنو ھو ۽ فوت ٿي ويئي يا بي ڪا عورت بہ ٿي سگھي ٿي ڇاڪاڻ جھاز ۾ ٻيون عورتون بہ ھيون. اھڙي ريت ان دؤر ۾ 119 سال پراڻي مشھور آسٽريلين اخبار "The Sydney Herald” بہ ان خبر کي ڇاپيو جنھن ۾ بہ ساڳيو مواد ساڳئي وقت ھڪ جھاز جيڪو واشنگٽن آمريڪا ۾ انھن ڏينھن ۾ ڪريو ان جي خبر سان گڏ ھن جھاز جي خبر گڏي ڪري "KILLED IN AIR CRASHES Pilots Trapped in River…” جي اھم سرخي سان ڇاپي. ان کان علاوہ ٻيون بہ ڪافي آسٽريليا جون اخبارون ھيون جن ان واقعي جي سٺي ڪوريج ڪئي پر تاريخ جي غلطي گھڻي ڀاڱي سڀني ۾ ڏسجي ٿي. سڀني حادثي جي تاريخ 13 ڊسمبر 1949ع لکي آھي جڏھن تہ اصل تاريخ 12 ڊسمبر 1949ع آھي. ٿي سگھي ٿو رات جو اھو جھاز تباھ ٿيو تہ عام طور رات جي 12 وڳي تاريخ تبديل ٿي ويندي آھي انڪري سڀني 13 تاريخ لکي پر جيئن تہ حادثي جو وقت رات جا تقريبن 10وڳي ھو سو ان وقت 12 تاريخ ھئي.

جھاز بابت اکين ڏٺا واقعا:
ان وقت اکين ڏٺي عيني شاھدن موجب جھاز جڏھن جبل سان ٽڪر کاڌي تہ فورن باھ جا شعلا ٻري اٿيا… جڏھن تہ ڪجھ ڳوٺاڻن مطابق جھاز کي جبل کان پھرين ئي باھ وڪوڙي ويئي جڏھن جھاز ڪلو پھتو ھو…! ان ڳالھ لاڳاپيل ادارن لاءِ وڌيڪ تفتيش ۾ مددگار ثابت ٿي ھوندي. ان دؤر ۾ باھ کي جھنگ ۾ ٻارڻ ھونئن بہ ھڪ رابطي يا سڏ يا ڪا خبر ٻڌائڻ جو ذريعو (Communication Method) ھوندو ھو پر ھيءَ باھ ڪجھ نرالي ھئي جنھن کي ڏسي آس پاس جا ڳوٺاڻا ويتر پريشان انڪري بہ ٿي ويا جو انھن وڏو ڌماڪو پڻ ٻڌو ھو جنھن سان انھن کي شڪ ٿيو تہ شايد انگريز سرڪار مٿن حملو ڪيو آھي ڇوتہ انگريزن کان آزادي ماڻيندي اڃا مس ٻہ سال ئي گذريا ھئا. ڪجھ ماڻھو جن وٽ ريڊيو جھڙي وڏي سھولت ھوندي ھئي (ان زماني ۾ ريڊيو ائين ھو جيئن اڄ 4G انٽرنيٽ جي سھولت)، اھي ھند سنڌ جي ورھاڱي جا ھاڃا بہ ٻڌندڙ ھئا تہ اھي مھاڀاري ويڙھ کان بہ باخبر ھئا سو انھن سمجھيو تہ ڪا اھڙي مھاڀاري جنگ شروع ٿي چڪي آھي. سڄي صورتحال کي جانچي ڪجھ دلير ماڻھو جيڪي جھاز حادثي واري جڳھ تي آس پاس جي ڳوٺن کان پھتا انھن بقول لاش سڙي رھيا ھئا. ھڪ عورت جو لاش سڙيل تہ ڪونہ ھو پر زخمن بعد وفات ڪيل جنھن جبل جي زمين تي روح پرواز ٿيڻ مھل تڪليف وچان جيڪا حرڪت ڪئي انجي ھٿن جا نشان پڻ زمين جي مٽي تي واضح ڇپجي ويا ھئا. جڏھن تہ جھاز جا اوزار وغيرہ جيڪي جبل سان ٽڪر کائڻ وقت ٽڪرا ٽڪرا ٿي جھاز کان الڳ ٿي ويا ۽ باھ جي لپيٽ ۾ ڪونہ آئيا سي پري پري تائين ڦھليل ھئا. ڪوھستاني ماروئڙا انساني ھمدردي جي جذبي سان سرشار ھوندا آھن، اھي مدد ڪرڻ چاھين پيا پر انھن جڏھن موتمار باھ ۾ انسانن جي لاشن کي سڙندي ڏٺو تہ ويچارا ڪجھ ڪونہ ڪري سگھيا.. اھڙي ريت ڪجھ ڳوٺاڻا اتي سڄي رات سانڀائي (پرھ ڦٽيءَ) تائين ويٺل ھئا بعد ۾ واپس گھروگھر موٽي آئيا. جھاز تباھ ٿيڻ بعد جيڪا باھ ڀڙڪي اٿي اھا سڄي رات ٻرندي رھي جيڪا پري تائين نظر ٿي آئي. رات جي وقت ئي ڪجھ مالماڙي جا ڳوٺاڻا جھاز واري جڳھ کي ڏسي واپس گھر آيا انھن جبل سان جھاز ٽڪرجڻ جي تصديق ڪري ڳوٺ ۾ جڏھن ڄاڻ ڏني تہ اھا خبر ڳوٺ ۾ باھ وانگر پکڙجي ويئي ڇوتہ سڀ شڪ ۾ ھئا تہ ڪجھ نہ ڪجھ تہ ضرور آھي سو کين جڏھن جھاز حادثي جي پڪ ٿي تہ پوءِ ھرڪو جاءِ حادثہ تي پھچڻ لاءِ ڪوشش ۾ ھو ۽ صبح جي انتطار ۾ ھو تہ صبح ٿئي تہ مال وجھ وٺي وڃي چاريون ۽ گڏوگڏ جھاز بہ ڏسون. صبح ٿيڻ تي جنگشاھي لڳ مشھور سياستدان ۽ دانشور رسول بخش پليجو جي ڳوٺ لڳ ھڪ سرڪاري ننڍڙو ايئرپورٽ جو ٿلھو (گرائونڊ) ھو، جيڪو اڄ بہ موجود آھي، انکي حڪومت طرفان جھاز حادثي جي امدادي توڙي مختلف سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو ويو. اتان کان ئي مختلف گاڏيون لاش کڻڻ لاءِ جنگشاھي کان مالماڙي ڪارو جبل روانيون ٿيون جيڪي لاش کڻي واپس جنگشاھي ۾ اتي بيٺل جھازن ۾ رکرايا جتان وري اھي جھاز لاشن کي ڪراچي کڻي ويا ۽ فوتين جي پونئيرن حوالي ڪيا. ڪافي لاشن جي سڃاڻپ ٿي ويئي سواءِ چند ماڻھن جي جن کي اتي جھاز واري جڳھ تي ئي دفن ڪيو ويو جھڙوڪ؛دين محمد فاروقي ۽ منصور نياز وغيرہ.
جھاز واقعي کان ٻئي ڏينھن صبح ٿيڻ تي فورن منھنجو والد صاحب بہ پنھنجي ڪم سان پنھنجي کيٽ جي رکوالي ڪرڻ ۽ ٻڪريون چارڻ ويو جيڪو ڪارو جبل جي دامن ۾ (اڄ بہ بابا جي نالي سان) واقع آھي تہ اتي ڪافي چھل پھل ۽ رونق ڏٺائين. بابا جي بقول ڪاري جبل پاسي ڳوٺ الھرکيو جوکيو (ليھار ٻنڌ) جتي ڄام بجار خان اول (1878ع ـ 1933ع؛ مدفن: چوڪنڊي ملير) جي فرزند ڄام مراد علي خان (1923ع ـ2008ع؛ مدفن؛چوڪنڊي ملير) جي ويجھي عزيزن جو اباڻو ۽ پراڻو قديم ڳوٺ واقع آھي (ڄام مراد علي خان جو پوٽو ڄام اويس بجار جوکيو جيڪو ھن وقت ميرپورساڪرو تڪ ٺٽو جو پ.پ.پ طرفان چونڊيل ايم.پي.اي آھي انجو گھر ۽ اوطاق اڄ بہ اتي موجود آھي) ان پاسي ٻير جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويھي کيٽ جي رکوالي ڪري ۽ ٻڪريون چاري رھيو ھئس تہ اوچتو ھڪ ٻہ جھاز جڏھن جنگشاھي واري پاسي کان ايندي ڏٺم (جيڪو عام طور جھازن جو رستو اڄ بہ ناھي ۽ تڏھن بہ ڪونہ ھو پر جھازن جو رستو ھميشہ اوڀر کان اولھ طرف آھي) تہ حيران ٿي غور سان ڏسندو رھيس تہ ھتان کان شايد جھاز ڀل ۾ پيو اچي.. اوچتو ڏٺم تہ ھيٺان ڪجھ گاڏيون پئي آيون جن کي رستو ڏيکاري جھاز واپس مڙي ويو ۽ اھڙي ريت پنج کان ست گاڏين کي ان ساڳئي جھاز رستو ڏيکاري ڪارو جبل واري پاسي جھاز حادثي واري ھنڌ تي پھچائيو جنھن کانپوءِ اھو جھاز وري دادو (جتي بعد ۾ وري ڄامشورو شھر جو بنياد پيو) واري پاسي ھليو ويو. بابا ٻڌايو تہ ڪافي دير تائين ٻڪرين سميت اتي ويھي اھو منظر ڏسندو رھيو جڏھن تہ ھر ھر گاڏين ۽ جھازن جي شور و ھُل جي ڪري ٻڪرين ۾ ڀاڄ ٿي پئي تہ بابا کين مخصوص آواز سان آرام سان بيھي چرڻ جا اشعارا ڏيئي آٿت ڏيندو رھيو ڇوتہ ايتريون گاڏيون يا وري انھن جو ھُل Noise ھتي ڪڏھن ڪونہ ھو جو مال وجھ انجو عادي ھجي.

ڪوھستاني لوڪ ادب Folklore ۾ ان جھاز بابت ذڪر:
سنڌ ۾ اھم تاريخي واقعن کي محفوظ ڪرڻ ۾ لوڪ ادب ھميشہ مددگار ثابت ٿيو آھي. لوڪ ادب ڪوھستاني ثقافت جو بہ نھايت اھم حصو رھيو آھي. ان جھاز واقعي کانپوءِ ھتي جي سگھڙن بہ ان واقعي کي ڳائيو. سگھڙ عيسو فقير جوکيو جو ھڪ بيت جيڪو ان واقعي جي ڀرپور عڪاسي ٿو ڪري، اھو ھتي ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آھي:
جھاز ھو جراھ ۽ چڪريون ھيس چار!
تيز ھلي تليو، ڦرنديون ٿي ڦيريدار!
لمي نڪتو لاھور کان، ڪراچي ٻڌئين ڪار!
ڪوٽڙيءَ تائين ڪلون ھيس قابو پر اجل ٿيس آڌار!
ڪاھي آئيو ڪَلي تائين، عيسيٰ چئي لاوس ٿي لاچار!
مجاھد مرد ويٺل ھئا ڪي جنگي جرنيل جرار!
ھاڻي ڌو ڌو ڪري ڌُڌڪار!! اچي لڳو ڪاري جي ڪُن ۾. (عيسو فقير)

ڪارو جبل بابت ٿيل اڳم تحقيق:
ڪارو جبل لڳ مالماڙي بابت سنڌ کي سڀ کان اڳ بنيادي تحقيق ڪري معياري مقالو لکي ڄاڻ ڏيندڙ ۽ تحقيق ڇپرائيندڙ حاجي محمد الياس ’ھمغم‘ جوکيو آھي. پاڻ ڪوھستان جو پھريون صاحب ڪتاب اديب ۽ شاعر بہ آھي. 1953ع ۾ پاڻ سنڌي علم و ادب کي ڪارو جبل بابت روشناس ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي سنڌي ٻولي جي مشھور تحقيقي جرنل ”اخبار تعليم“ (ان وقت سنڌي ٻوليءَ جو معياري رسرچ جرنل) ۽ ماھوار رسالي ”نئين زندگي“ کان علاوہ ٻين ڪافي اخبارن ۽ رسالن ۾ پنھنجي مقالن کي شايع ڪيو ۽ گڏوگڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت مايہ ناز اسڪالرن سان علمي ادبي ويھڪن دؤران ڪوھستان بابت احوال بہ ڏنا. ان زماني ۾ گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج گحيدرآباد ۾ پاڻ پڙھندو ھو جتي ان وقت پاڪستان جا ماھر تعليمدان استاد مقرر ھئا جڏھن تہ علامہ دائودپوٽو ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي سميت حيدرآباد ۾ مقيم برک دانشورن کان محمد الياس "ھمغم” جوکيو سڌيءَ ريت علم و ادب جو فيض ورتو. اھو سڀ ھتي لکڻ جو مقصد تہ انھن دانشورن کي ڪارو جبل بابت جڏھن ڄاڻ بہ ملي ان ھوندي بہ انھن ان جبل يا مذڪورہ جھاز واقعي بابت پنھنجي ڪا تحقيق نہ ڪئي. البتہ محمد الياس "ھمغم” جوکيو جي تحقيق جو حوالو ڏيئي، سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي جي تاريخ تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ 6 کان 8 نومبر 2015ع تي منعقد ٿيل ”ٽين سالياني عالمي ڪراچي ڪانفرنس“ ۾ ھڪ رسرچ پيپر ”ڪراچي کي سمنڊ ۽ ھوا ذريعي ڳنڍڻ Linking Karachi via Sea and Air“ جي عنوان سان بتاريخ 8 نومبر 2015ع (ڪانفرنس جي ٽئين ڏينھن) 12 وڳي ھڪ اسڪالر رابعہ ظفر پڙھيو. ان نشست جي صدارت شعيب زيدي ڪئي جڏھن تہ ڪمانڊر اصغر ۽ ايڊولف سورئسز ان نشست جا مددگار ھئا. ھونئن تہ مختلف ماڻھو اڄ تائين ان حادثي واري جڳھ تي پھچي چڪا آھن پر پراڻي زماني ۾ محمد الياس "ھمغم” جوکيو ۽ جديد طريقي سان مذڪورہ اسڪالر رابعہ ظفر کان علاوہ ڪنھن بہ ان تي مڪمل سائنسي تحقيق ناھي ڪئي پر تنھن ھوندي بہ ڪوھستان سان واسطو رکندڙ نوجوان ليکڪ بشارت الياس جوکيو صاحب 10 جنوري 2002ع جي روزاني ھلال پاڪستان اخبار ۾ ھڪ مضمون ”مالماڙي جي جھلڪ“ جي عنوان سان لکيو جنھن ھڪ وڏي تاريخي بحث جي شروعات ڪئي. بشارت الياس جوکيو ان جھاز ۾ فوت ٿيل ماڻھن جي قبرن کي وڃي ڏٺو انھن ۾ ھڪ قبر جنھن تي علامہ اقبال جو شعر لکيل آھي، بابت اندازو لڳائيو تہ اھا ڪنھن اڙدو جي شاعر جي قبر آھي. سندس ابتدائي اندازي مطابق تابش دھلوي ھن جھاز ۾ ھو جيڪو وفات ڪري ويو پر جڏھن ھي مضمون لکيو ويو تہ پتو پيو تہ حقيقت ۾ اھو تابش دھلوي نہ پر يڪتا دھلوي ھو جيڪو ڪارو جبل جھاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو ڇاڪاڻ تہ تابش دھلوي تہ 2004ع ۾ وفات ڪئي آھي. يڪتا دھلوي جو اصل نالو عبدالواحد ولد حافظ عبدالحق ھو جيڪو 1887ع ۾ دھلي ۾ ڄائو ۽ پاڪستان لڏي آيو جتي ھو ساڳئي بدنصيب جھاز ۾ لاھور کان ڪراچي سفر ڪندي فوت ٿي ويو. 2012ع ۾ انجنيئر شھرت الياس جوکيو تاريخ ۾ سڀ کان اڳ ھن جبل کي پنھنجي ٺاھيل يوٽيوب چينل تي وڏي محنت سان تحقيق ڪري وڊيو ڊاڪيومينٽري ۾ بيان ڪيو.
مشھور ليکڪ ۽ سائوٿينڊ يونيورسٽي اسپتال ايسڪز انگلينڊ ۾ ماھر ڊاڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر سھيل انصاري مذڪورہ جھاز حادثي جي خبر جيڪا آسٽريلين ايسوسي ايٽيڊ پريس طرفان مختلف انگريزي اخبارن ۾ بتاريخ 14 ڊسمبر 1949ع ڇپي انجو ذڪر Good Old Karachi جي ويبسائيٽ تي 5 اگسٽ 2020ع ڏينھن ڪيو آھي انم ڊاڪٽر صاحب ھن جھاز حادثي جي واقعي جي تاريخ 12 ڊسمبر 1949 بدران 13 ڊسمبر 1949ع لکيو آھي. ٿي سگھي ٿو ڪنھن اخبار ۾ ھي خبر 13 ڊسمبر تي بہ ڇپي ھجي پر ڊاڪٽر صاحب ان اخبار جو نالو ضرور لکي ھا.
ان کان علاوہ ھونئن عام طور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد کان علاوہ ڪراچي يونيورسٽي جي مختلف اسڪالرن جي ٿيسزن ۾ ڪارو جبل جا ذڪر ملن ٿا پر ڪنھن بہ ان تي ٿيل جھاز حادثي تي ناھي لکيو.

جھاز ۾ ڪھڙا ڪھڙا ماڻھو مسافر ھئا؟
بدنصيب جھاز ۾ جھاز عملي Crew سميت ڪُل 26 ڄڻا سوار ھئا جن ۾ دي فرائيڊي ٽائمز اخبار مطابق قاضي موسيٰ، برگيڊيئر شيرخان يوسفزئي اصل مردان جو (ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز; گھرواري سميت جنھنجو نالو ڪٿي نہ ٿو ملي) ۽ چڪوال جي منھاس راجپوت خاندان سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل محمد افتخار خان ۽ ٻيا شامل ھئا. ميجر جنرل افتخار خان (1907ع ـ 1949ع) جنرل ايوب کان وڌيڪ سينيئر ھو ۽ ھڪ ”خاص“ فوجي ٽريننگ ڪورس تي امپريل ڊفينس ڪاليج لنڊن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ ئي اجل کڻي ويس!! محمد الياس "ھمغم” جوکيو جيڪي نالا ”ڪي. بي. اينڊ مسز دين محمد فاروقي“ ۽ ”منصور نياز فاروقي ڪيپٽن جھاز“ لکيا آھن انھن جون قبرون جھاز حادثي واري جڳھ تي اڄ بہ موجود آھن. جڏھن تہ لڳ ٻيو ڪتبو پڻ موجود آھي جنھن تي حبيب تيمابيرو تيونس جي آزادي جو ڪو ويڙھاڪ ھو انجو نالو لکيل آھي. اھي قبرن جا ڪتبا سڀ انگريزي ۾ لکيل آھن البتہ قرآني آيتون عربي ۾ آھن. ھڪ قبر جي ڪتبي تي اکر لکيل نظر نہ ٿا اچن جڏھن تہ ماضيءَ ۾ تہ ڪافي قبرون ٽڙيل پکڙيل بہ ڏسبيون ھيون جيڪي ھاڻي زماني جي گردش سان ڊھي ويون آھن. مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تہ جيڪي بہ ماڻھو جھاز ۾ ھئا انھن مان صرف چند کي ڇڏي باقي ٻين سڀني جا لاش ھتي ھڪ غار ۾ ڍڪي بعد م ان غار جو منھن بند ڪيو ويو پر اھا ڳالھ درست ناھي ڇاڪاڻ تہ سواءِ چند لاشن جي باقي ٻين سڀني لاشن کي مائٽن حوالي ڪيو ويو. ھا اھا ڳالھ پڪ ٿي تہ جھاز جو ملبو جيڪو سڙي ويو انکي ڦلھيار سميت غار ۾ ڍڪي بند ڪيو ويو جيڪو اڄ ڏينھن تائين بند آھي. جڏھن تہ ڪتبا صرف چند ماڻھن جا لڳايا ويا پر جن جا لاش ڪونہ مليا انھن سڀني ماڻھن جا ڪتبا نہ لڳايا ويا ڇاڪاڻ جن جا لاش نہ مليا تہ انجو مطلب اھي سڙي رک ٿي ملبي ۾ گڏ وچڙ ٿي ويا انڪري سندن يادگيري حڪومت کي لڳائڻ کپي. جن جا ڪتبا لڳل آھن اھي انھن جي پونئيرن لڳايا.

مسافرن جي لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن جا تاثرات:
ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪي بہ جھاز حادثا ٿيا آھن ھر حادثي تي فوت ٿيلن جي پونئيرن جا ڪجھ شڪ شبھات ھوندا آھن. بلڪل ان زماني ۾ بہ اھو ئي ٿيو. مٿي ذڪر ڪيل جنرل افتخار بابت اھا ڳالھ مشھور لکيل آھي تہ ھن جي طبعيت اعليٰ قسم جي ھئي ۽ بردبار ھو. جيڪر اھو بچي وڃي ھا تہ انجي عزيزن بقول تہ پاڪستان اڄ اھڙا ڏکيا ڏينھن نہ ڏسي ھا ڇوتہ ھو فوج جو پھريون مقامي ليڊر ٿي وڃي ھا تہ پوءِ جنرل ايوب خان ڪونہ اچي ھا جنھن ڊڪٽيٽر ٿي ون يونٽ جي حمايت سميت ملڪ ۽ سنڌ سان گھڻا ئي ڪلور ڪيا. ساڳيو ماڻھو ھو جنھن ان وقت سنڌ ڄائي فاطمہ جناح سان شديد اختلاف رکي ساڻس 1965ع ۾ صدارتي اليڪشن بہ ڪري ڌانڌلي سان کٽي. فاطمہ جناح ڀلي اليڪشن ھارائي پر ھن سنڌ سميت ملڪ ۾ عورتن لاءِ ھڪ مثال بڻجي اعليٰ ايوانن تائين پھچڻ لاءِ رستا کولي ھڪ انقلابي ڪم ڪيو جيڪو تسلسل بعد ۾ وري بہ سنڌ ڄائي شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جاري رکيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي پاران 2010ع ۾ انگريزي ۾ ڇپايل ڪتاب بنام ”فيلڊ مارشل محمد ايوب خان“ ۾ مرتب شجاع نواز (مترجم ناديہ غني) لکيو آھي تہ ميجر جرنل افتخار پاڪستان آرمي جو پھريون لوڪل ڪمانڊر ان چيف ٿي رھيو ھو جيڪو جھاز حادثي ۾ شھيد ٿي ويو پر قسمت وري ايوب خان جو ساٿ ڏنو ۽ ھو ڪمانڊر ان چيف ٿي ويو. ھن ڪتاب ۾ حادثي جو مھينو نومبر 1949ع غلط لکيل آھي. ساڳئي ڪتاب بابت 11 جولائي 2010ع جي ڊان اخبار ۾ بہ ساڳيو ذڪر ملي ٿو.
"دي فرائيڊي ٽائمز” نالي پاڪستان جي پھرين ھفتيوار انگريزي اخبار ۾ ميجر جرنل (ر) سيد علي حامد جي نالي سان ھڪ فيچر 27 ڊسمبر 2019 تي شايع ٿيو جنھن ۾ انتھائي وڏا انڪشاف ڪندي اھو لکيو ويو آھي تہ جيڪڏھن 1949ع وارو جھاز ڪاري جبل تي تباھ نہ ٿئي ھا تہ ھوند پاڪستان جي تاريخ ئي بدلجي وڃي ھا..! ڇوتہ انم موجود آرمي آفيسر ملڪ جا ايندڙ آرمي چيف بہ ٿي سگھيا ٿي پر سندن خوابن جي ساڀيان نہ ٿي سگھي ۽ اھي سڀ ڪارو جبل مٿان دنيا جي 919 ھين مھلڪ، ھن وقت تائين ٿيل سڀني جھاز حادثن مان 90 ھين بدترين حادثي جو شڪار ٿي ويا. پاڪستان جي تاريخ ۾ ان ڏينھن ھي حادثو ملڪ جو سڀني کان وڏو، سنگين ۽ جان ليوا جھاز حادثو ثابت ٿيو جڏھن تہ اڄ بہ ھي سٽون لکجڻ تائين ڪارو جبل وارو جھاز حادثو ملڪ جو 10ھون بدترين جھاز حادثو آھي. (بحوالہ: ASN؛ ايويئيشن سيفٽي نيٽورڪ) ھن ليک موجب ميجر جنرل افتخار خان بہ پنھنجي گھرواري سان گڏ جھاز ۾ سفر ڪري اعليٰ تربيت لاءِ پھرين ڪراچي پوءِ انگلينڊ وڃي رھيو ھو. سندس گھرواريءَ جي نالي جو ڪٿي بہ ذڪر نہ ٿو ملي سواءِ ان آرٽيڪل جنھن ۾ ميجر جرنل افتخار خان ۽ انجي زال جي لاشن کي سندس ڀاءُ ميجر جنرل اڪبر طرفان سڃاڻڻ جو ذڪر ڪيل آھي (کين فيصل آباد ۾ دفن ڪيو ويو). ھڪ نھايت ڀروسي جوڳي ذريعي کان اھو معلوم ٿيو تہ ميجر جنرل افتخار خان سان نہ صرف سندس گھرواري پر ھڪ فرزند بہ گڏ ھئس جنھنجو ھتي ذڪر ڪرڻ نھايت ضروري آھي ڇوتہ ڪجھ دستاويزن مان پڻ اھا پڪ ٿئي ٿي تہ سندس پٽ بہ گڏ ھو جيڪو پڻ ڪارو جبل جھاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن تہ برگيڊيئر شير خان جي لاش بابت اھو لکيل آھي تہ انکي سندس چاندي جي سگريٽ جي ڪيس سان سڃاتو ويو جيڪو سندس کيسي ۾ پيل ھو ۽ ان مٿان سندس صحيح S.K جو نشان بہ واضح ھو. ٻنھي آرمي آفيسرز جي آخري رسمن جي شروعات ڪراچي ۾ فريئر ھال ۾ ٿي جتان کان کين سرڪاري اعزاز ۽ فوجي سلامي پيش ڪرڻ لاءِ ٻنھي شھيدن جي فوجي آفيسر ڀائرن جي قيادت ۾ صدر بازار وچان آرمي قبرستان نيو ويو ويو جتي کين سرڪاري طور بندوقن جي سلامي ڏني ويئي. لڳ ڀڳ ٽيھ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو انھن جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا. ھڪ نھايت اھم ذريعي جيڪو ميجر جنرل(رٽائرڊ) سيد علي حامد پاران 17 ڊسمبر 2016ع تي نظرثاني ڪيل تاريخي مقالو آھي (جيڪو ”برگيڊيئر شير خان ملٽري ڪراس“ جي نالي سان Slideshare. net تي موجود آھي) جنھن ۾ برگيڊيئر شير خان بابت خصوصي نوٽ لکيل آھن ان تان اھو معلوم ٿيو تہ شير خان جي عزيزن سندس لاش کي پشاور موڪليو جتي ان لاش کي سندس والد، ميجر جنرل ايوب خان ۽ برگيڊيئر حبيب اللہ خان خٽڪ وصول ڪيو. انجي عزيزن کي بہ جھاز حادثي تي وڏو غصو ھو جن انجي سڀني رپورٽن کي رد ڪيو. جنھن بابت سندن چوڻ آھي تہ جھاز پراڻو ۽ ختم ٿيل ھو جنھنکي استعمال ڪري ھروڀرو سڀني کي موت جي منھن ۾ وڌو ويو. ھتي ھڪڙي اھم ڳالھ لکيل آھي تہ برگيڊيئر شير خان کي شھادت کانپوءِ حڪومت طرفان ميجر جنرل جو عھدو مليو تہ سندس بيواھ اھي سڀ مراعاتون ۽ پينشن حاصل ڪيون جڏھن تہ ٻين رپورٽن (دي فرائيڊي ٽائمز وغيرہ) ۾ شيرخان سان گڏ سفر ۾ سندس گھرواري جو موجود ھجڻ بہ لکيل آھي جيڪو ھڪ مونجھارو پئدا ٿو ڪري. برگيڊيئر شير خان جي ڌيءَ جي شادي وري ليفٽينيٽ جنرل علي قلي سان ٿي جيڪو بعد ۾ جنرل پرويز مشرف واري وقت سينيارٽي ڊوڙ ۾ شامل ھو. مشرف کي نواز شريف پاڪ آرمي جو چيف چونڊيو بعد ۾ ھن بہ آمر ٿي حڪومت ڪئي. شير خان جو پٽ آفتاب خان وري ماضي ۾ فيڊرل سيڪريٽري رھي چڪو آھي.
آسٽريلين اخبارن جنھن فروٽ فارم جي مالڪ مچل جو ذڪر ڪيو جيڪو بہ جھاز ۾ ھو ۽ مسافرن سان گڏ فوت ٿيو انجي ڀاءُ ھڪ مسودو ڇپرايو جنھن کي بھاءُالدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان سان گڏ ورچوئل يونيورسٽي جي رسرچ پراجيڪٽس جي رپورٽن ۾ بہ حوالن سان ذڪر (Citation) ڪيو ويو آھي. ان مسودي ۾ فوتي ليئونارڊ مچل جي ڀاءُ رڇرڊ مچل (1900ع ـ 1987ع) پنھنجا جائز تحفظات لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن (آصف علي جوکيو جلالجي کان پڻ ساڳي ڳالھ ڳولھي لکي). ليئونارڊ مچل (1933ع ـ 1949ع) نالي انگريز نوجوان ڪاروباري ڇوڪرو مچل فروٽ فارمز لميٽيڊ (Mitchell’s) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ھو جنھن جو فروٽ فارم اڄ بہ رينالہ خرد، ضلعي اوڪاڙہ پنجاب پاڪستان ۾ مختلف ميون جھڙوڪ؛ انب، نارنگي، ليمون، صوف، انناس، ٿوم ۽ ٽماٽن جا رس، ڪيچپ، جوس ۽ جيلي (مٺي چٽڻي) سان گڏ ملائيون ٺاھيندڙ ڪمپني آھي جيڪا ھڪ عالمي ڪاروباري معياري ڪم ڪندڙ اداري جي حيثيت رکي ٿي. رچرڊ مچل جي لکيل مسودي ”Story of Mitchell’s“ جي صفحي نمبر 45 تي نوجوان ليئونارڊ مچل جي اوچتي وڇوڙي تي ٿيل واقعن جو احوال لکيل آھن جن مان ان واقعي بعد انتظامات کي سنڌ ۾ ڪھڙيءَ ريت سنڀاليو ويو انجو مڪمل تفصيل بہ ملي ٿو جيڪو سنڌ جي موجودہ راڄڌاڻي ڪراچي ۾ پاڪ ھند ورھاڱي کانپوءِ جي صورتحال جي ھڪ منظر ڪشي ڪندڙ تاريخي رڪارڊ جي حيثيت پڻ رکي ٿو. 1949ع جي ڪرسمس کان اڳ يعني 12 يا 13 ڊسمبر 1949ع ڏينھن اوڪاڙہ ۾ موجود رچرڊ مچل کي ڪنھن فون تي اطلاع ڏنو تہ رات نڪتل جھاز جنھن ۾ ليئونارڊ مچل ڪراچي سنڌ پئي ويو، جنگشاھي مالماڙي ويجھو جبل سان ٽڪرائجڻ ڪري تباھ ٿي پيو ۽ ڪو بہ مسافر زندہ ڪونہ بچيو! ھن کي ليئونارڊ جي ڪراچي سفر جي خبر بہ نہ ھئي سو جڏھن ھن اچانڪ ھي خبر ٻڌي تہ کيس صدمو پھتو ۽ فورن سندس فوت ٿيل ڀاءُ (ليئونارڊ مچل) جي زال جيڪا فروٽ فارم ۾ سندن گھر ۾ ھئي انکي اھو اطلاع ڏيئي اوڪاڙا پنجاب مان ئي ريل ۾ ٽڪيٽ وٺي نڪري پيو سڌو ڪراچي ۽ سندس چواڻي تہ مونکي عام مسافرن واري سيٽ بہ ڪونہ ملي پر ريل ۾ سمھڻ واري جڳھ يعني برٿ Berth جي تڪيٽ ملي سو مٽي مان ڀڀوت ٿي ٻئي ڏينھن صبح ڪراچي پھتس. ھو لکي ٿو تہ:
”ڪراچي ۾ ناشتو ڪري ڪنھن دوست وٽ تڙ ڪري ايئرويز جي آفيس پھتس تہ خبر پئي تہ سڄو اسٽاف تہ ساڳئي جھاز ۾ فوت ٿيل ٽي جرنلن (نوٽ: ھڪ جرنل افتخار، ٻيو شير خان پر ٽيون ڪير ھو؟ ـراقم) جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ ويو آھي. اسان بعد ۾ سوچيو اسپتال وڃي ڏسون ڪو شايد زخمي بہ ھجي پر رستو سڄو ھڪ ميل کن جنازن جي ڪري بند ڪيو ويو ھو سو اسان ٽيڪسي اتي ڇڏي ۽ ھڪ پوليس وارو اتي مليو جنھن ٻڌايو تہ سڀ مسافر فوت ٿي ويا پر توھانکي ڪا بہ ڄاڻ کپي تہ ھليا وڃو برٽش ملٽري اسپتال جٿان پنھنجي عزيزن جا تفصيل وٺو سو اسان ھجوم جي پٺين پاسي ڪراچي سنڌ جي رستن تان ھلي اسپتال ڳولھي پھتاسين پر ڀاءُ جو لاش اتي بہ ڪونہ ھو البتہ اتي ڏسون تہ ڪافي لاش مٿن لکيل نشان ۽ نالن سميت پيل آھن پر ھائي ڪمشنر سان رجوع ڪرڻ جو چيو ويو سو اھو بہ ڪونہ مليو ڇوتہ سڄي ڪراچي جا آفيسر شھيد فوجي جنرلن جي جنازي ۾ ھئا. اتان ھڪ نڙي چيريندڙ عورت ملي جنھن اسانکي چيو تہ توھان ھليا وڃو ٺٽہ پوليس پوسٽ جيڪو حادثي جي جڳھ کان ڪجھ ميل پري آھي ۽ اتي توھانکي مسافرن جي مليل سامانن مان توھانجي عزيز جا سامان يا پئسہ ملي سگھن ٿا سو آئون ساڳئي ڏينھن ٺٽو بہ ويس پر اتي بہ منھنجي ڀاءُ جي ڪا بہ شي ڪونہ ملي جيڪا رينالہ اوڪاڙہ ۾ ويٺل سندس زال کي وڃي ڏيان… پر اتي عورتن جون ڍڳ ٿيل چمپلون ڏٺم… سڙيل ۽ ٺوس چڪن جي سڪل ۾ ڳريل ڪارا ٿيل ڳپل سڪا بہ ڏٺم جڏھن تہ گھڙيال بہ ڏٺم جيڪي پوري 9 بجي جا حادثي جي وقت جا بيٺل ھئا. اتي ڪجھ مسافرن جا ڦاٽل، سڙيل، مڙيل ڪاغذن جا ٿيلھا وغيرہ بہ ھئا. انکان پوءِ آئون نڪري ويس رينالہ اوڪاڙہ جتي منھنجي ڀاڄائي انتظار ۾ ھئي جنھن کي وڃي سڄي ماجرا ٻڌايم تہ ڪراچي کان 60 ميل پري 300 فٽ اوچي جبل سان جھاز ٽڪر کاڌو تہ حادثو ٿيو جڏھن تہ ٺٽي مان بہ ليئونارڊ جو ڪجھ بہ سامان ڪونہ مليو. جھاز تباھ ٿيڻ جي رپورٽ جيڪا بعد ۾ آئي ان مطابق پائليٽ رات جي وقت ھلڻ جو تربيت يافتہ ڪونہ ھو سو جبل سامھون ھوندي بہ ھيٺ اچي رھيو ھو. اھو بہ رپورٽ ۾ لکيل ھو تہ جھاز ۾ وزن بہ اجايو کنيو ويو ھو ۽ پوري سال کان وٺي ان جھاز جي سروس بہ ڪونہ ٿي ھئي. مون لاھور وڃي ٽن ماڻھن جي آخري رسمن (ليئونارڊ جو لاش ڪونہ مليو تہ انجي صرف يادگيري لاءِ دعا جڏھن تہ ٻن جي تدفين) جو بندوبست چرڇ ۾ ڪيو. جيڪي ٻہ تدفين ٿيا ٿي انھن ۾ جوائي برگل عورت جو لاش ھو جيڪا ساڳئي جھاز ۾ فوت ٿي ھئي سندس مڙس لنڊن ۾ ھو انڪري مون ان جي چوڻ تي خدمت ڪئي جڏھن تہ ھڪ ٻيو عام فوتي ھو. برگل جيڪا ڪيٿولڪ عيسائي ھئي انجون رسمون ڪيٿولڪ عقيدن مطابق جڏھن تہ ليئونارڊ مچل جنھن جو لاش ڪونہ مليو انجون آخري رسمون لاھور ڪيٿڊرل ۾ وڏي ھجوم سان ٿيون جنھن ۾ گورنر پنجاب جي نمائندگي فوجين ڪئي. جڏھن تہ ان سڄي واقعي جو اسانجي انگلينڊ جي عزيزن کي بہ اطلاع ڏنو ويو.“
رچرڊ مچل جي لکيل ان تاريخي ڪتاب ۾ جتي ڪارو جبل جھاز حادثي جي رپورٽ جو ذڪر ملي ٿو تہ اتي ان وقت جي انتظامي منظر جي بہ خبر پوي ٿي ڇاڪاڻ تہ پاڪستان ٺھڻ 1947ع کان وٺي 1967 تائين (پورا ويھ سال ون يونٽ کان علاوہ) ڪراچي، پاڪستان جو گاديءَ جو ھنڌ ھو ۽ تڏھن حيدرآباد سنڌ جو گادي جو ھنڌ ھو پر ان دؤر ۾ حيدرآباد ڀلي سنڌ جو راڄڌاڻي جي حيثيت رکندڙ شھر ھو پر صوبائي انتظامات يعني صوبائي اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ وغيرہ سڀ وري بہ ڪراچي ۾ ھئا ان مان اھو ثابت ٿيو تہ ڪراچي کي ڪير ڪيڏو بہ سنڌ کان انتظامي يا جاگرافي طور ڌار ڪري پر اھو ناممڪن آھي جو سنڌي ڪراچي جي بغير سنڌ کي تسليم ڪن ڇاڪاڻ ڪراچي ھميشہ سنڌ جو اڻٽوٽ حصو رھي آھي ۽ رھندي. ٻيو ان ڪتاب مان ڪراچي جي روڊن ۽ رستن جي خبر پوي ٿي تہ ان دؤر ۾ رستا ڪيڏا نہ صاف ۽ شفاف ھئا پر ان دؤر ۾ بہ ملڪ جو ھي وڏو شھر ھو جنھن کي انگريزن ھڪ عالمي شھر ڪرڻ لاءِ سنڌين جي مدد سان ڪوششون ورتيون ۽ ڀرپور ڪاميابيون حاصل ڪيون. ان ڪري اڄ جا ”ڀائي لوگ“ ڪراچي جي ترقي جو ڪريڊٽ کڻن تہ کين ھر ماڻھو سمجھائي سگھي ٿو تہ جڏھن توھانجا اڪابر سنڌ لڏي آئيا ھئا تہ ڪراچي ان کان بہ اڳ ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي جو مرڪز ۽ عالمي شھر ھو جنھن تي صدين کان سڄي دنيا جي قابضن ۽ حملي آورن جي نظر صرف انڪري رھي آھي جو ھي سنڌو ماٿري جي عظيم سڀيتا جو اھم حصو آھي! سمنڊ اڪري جڏھن ڏکڻ ايشيا ۾ اچبو تہ ھي پھريون بندرگاہ آھي. ھتي ھن ماٿري ۾ دنيا جون سڀ موسمون، آبھوا جا فرق، کارو، مٺو، ٿڌو يا ڪوسو ھر قسم جو پاڻي توڙي ھر قسم جي زمين ۽ ان ۾ اعليٰ قسم جي معدنيات (جنھن ۾ ڪاري سون کان وٺي آئل، پٿر، وغيرہ کان علاوہ ھر معدنيات) ملندي!!
مٿين بحث مان خبر پئي تہ ھيٺيان ماڻھو ان بدنصيب جھاز ۾ سفر ڪري رھيا ھئا؛
1.منصور نياز فاروقي جھاز ڪئپٽن، 2.ڪي. بي ۽ 3.مسز دين محمد فاروقي، 4.حبيب تيمابرو تيونس، 5.ميجر جنرل افتخار احمد 6.سندس گھرواري ۽ 7.سندس فرزند، 8.برگيڊيئر شير خان يوسفزئي ۽ 9.سندس گھرواري، 10.يڪتا دھلوي، 11.قاضي موسيٰ، 12. لئيونارڊ مچل، 13.مسز برگل، 14.ھڪ جنرل( ٿي سگھي ٿو)، 15 کان 17.جھاز جو عملو جنھن جي نالن جو تفصيل نہ ملي سگھيو. اھڙي ريت اڃا بہ 09 يا 10 ڄڻن جو تفصيل ڪٿان بہ نہ ٿو ملي. برگيڊيئر شير خان يوسفزئي جي اھليہ ۽ ميجر جنرل افتخار جي اھليہ سان گڏ پٽ جي نالن ۽ وڌيڪ معلومات بہ ڪٿي لکيل ناھي. رچرڊ مچل ٽي فوجي جنرلن جي شھادت جو لکيو آھي پر منھنجي اندازي مطابق ھن ٽيون جنازو برگيڊيئر شير خان جي اھليہ يا وري ميجر جنرل افتخار جي اھليہ يا فرزند جو ڏٺو ھوندو، ڇاڪاڻ تہ دي فرائيڊي ٽائيمز اخبار (27ڊسمبر 2019ع) ۾ ميجر جنرل سيد علي حامد لکيو آھي تہ افتخار ۽ سندس گھرواري جي لاشن کي سندن ڀاءُ ميجر جنرل اڪبر سڃاتو، جنھن مان اھا پڪ ٿي تہ رچرڊ مچل انھن ٽنھي مان ڪنھن ھڪ يا ٻن جو لاش ڏٺو ھجي جڏھن تہ اھو بہ ممڪن آھي تہ ٿي سگھي ٿو ميجر جنرل افتخار جي پٽ ۽ برگيڊيئر شير خان ٻنھي مان ڪنھن ھڪ جو لاش مليو ئي نہ ھجي ڇاڪاڻ تہ انھن ٻنھي جي لاشن بابت ڪٿي بہ تفصيل ناھي ملي سگھيو. اميد تہ ھاڻي ٻيا رھيل نالا پڻ ملڻ شروع ٿي ويندا. بھرحال اھا ڳالھ تحقيق طلب آھي تہ ڪيترن جا لاش مليا ڇوتہ دستاويزن مطابق ٻئي آفيسر پنھنجي زالن ۽ ھڪ وري پنھنجي فرزند سميت جھاز ۾ ھئا.

تازو 19 سيپٽمبر 2020ع تي ڪاوش ۽ ڪي.ٽي.اين جي رپورٽر دوستن ٺٽي جي نامياري صحافي محبوب بروھي ۽ جنگشاھي جي صحافي عبدالرحيم جوکيو سان گڏ اسان سڀ ان جھاز حادثي واري جڳھ سان گڏوگڏ سمورو ڪارو جبل بہ گھميو جيڪا ڊاڪيومينٽري بہ جلد منطر تي ايندي جنھن کانپوء سنڌ کي ”ڪاوش“ طرفان ھڪ نئين گھمڻ جي جڳھ جو ڏس ملندو ۽ ماڻھن جا ھجوم اتي پھچندا پر رستو تمام ڏکيو آھي جنھن ڪري حڪومت کي مالماڙي کان ڪارو جبل روڊ بہ ٺھرائڻ کپي.

پڙھندڙ دوست يا مسافرن جا پونئير جيڪڏھن ڪجھ ڏسڻ چاھين ٿا تہ اھي جنگشاھي اسٽيشن تعلقو ۽ ضلعو ٺٽو پھچي مالماڙي روڊ وٺي اچن جتان کان ڳوٺ الھرکيو جوکيو ڄام ھاؤس پھچي ڪنھن ڳوٺاڻي سان گڏ جھاز حادثي واري جڳھ تي ڪارو جبل ڏسي سگھن ٿا يا وري مالماڙي جي نوجوان انجنيئر شھرت الياس جوکيو پنھنجي يوٽيوب چينل تي بنام Sindh Kohistan & Malmari Village نالي ھن جھاز حادثي بابت ھڪ اتساھيندڙ وڊيو رکي آھي جنھن کي بہ پڙھندڙ ڏسي سگھن ٿا. جديد رسرچ جي حساب سان ھيءَ لکڻي شايد سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جي ذخيري ۾ ڪو نئون اضافو ڪري سگھي پر تنھن ھوندي بہ نون محققن ۽ ليکڪن کي ان واقعي بابت وڌيڪ لکڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي کلي نينڌ ڏجي ٿي. حڪومت کي ھن جبل تي ٿيل جھاز حادثي واري جڳھ تي ھڪ سٺي يادگار ٺاھي ھتي لکيل انگن اکرن ۽ معلومات کي وڏن بورڊن تي نمايان ڪري ڏيکارڻ کپي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ھن تاريخي ڪاري جبل مٿان گھٽ ۾ گھٽ ھڪڙو سير و تفريح لاءِ ايندڙ سياحن جي مختصر آرام لاءِ ڪو ريسٽ ھائوس يا پوائنٽ ٺاھڻ کپي. ھن جبل تي ھلندڙ وڌيڪ تحقيق بہ جلد توھان آڏو رکبي. اڄ بہ ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل جھازن جو رستو ڪارو جبل مٿان آھي جيڪو ھن وقت ڪاري جبل جي اتر کان ٿيندو مالماڙي ڳوٺ جي (ھڪ ٽڪري جنھنجو نالو لڪي آھي) مٿان گذري اولھ طرف ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرف آھي. ھن بين الاقوامي رستي مٿان آمريڪا جا صدر بہ ماضيءَ ۾ لنگھيا آھن تہ سعودي بادشاھ شاھ فيصل بہ جڏھن پاڪستان آيو ھو تہ ساڳئي انٽرنيشنل رستي تان سندن جھاز سفر ڪندا پيا اچن. ملڪ رياض جي بحريا ٽاؤن سميت ٻيا بہ ڪافي قبضا مافيا وارا ھن وقت ڪاري جبل جي چؤڌاري تاڙيو ويٺا آھن. مستقبل قريب ۾ ڪارو جبل سڄي دنيا جي نظرن جو مرڪز بہ بڻجي سگھجي ٿو ڇو تہ ھي جبل ڪنھن بہ صورت ۾ ڪارونجھر ۽ گورک ھل اسٽيشن کان گھٽ ناھي.

(نوٽ: ھن تحقيق ۾ مختلف ذريعن تان سڌي يا اڻ سڌي ريت، بنيادي، ثانوي يا ثالثي مدد ورتي ويئي جنھن جو ذڪر مقالي ۾ بہ ڪيو ويو آھي. انڪري ريفرنسنگ طور سڀ حوالا مواد سان گڏ بيان ٿيل آھن. ليکڪ انھن سڀني ذريعن جو شڪرگذار آھي جن جي مواد پڙھڻ سان ھن تحرير لکڻ ۾ مدد ملي.)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close