سنڌ جون نئيون (حصو: چوٿون)

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

ڪورنگي نئن: ڪراچيءَ جي ديهه شرافيءَ جي پراڻي نقشي ۾ هڪ ونگي ڏنل آهي، جيڪا ملير نئن مان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي هئي، اها ونگ شرافي ديهه کانپوءِ ڦهائيءَ مان ٿي ابراهيم حيدري ۽ علي اڪبر شاهه ڳوٺ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن جو هڪ حصو چکري کانپوءِ ديهه ڊهه مان گذري، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جنهن تي ’ڪور ونگي‘ جو نالو پيو. ’ڪور‘ بلوچي ۾ ’نئن‘ کي چوندا آهن ۽ ’ونگي‘، ڪسيءَ کي چئبو آهي. يعني: ’نئن مان ڪڍيل/ ونگي/ ڪسي‘. هيءَ نئن بعد ۾ ’ڪورونگي‘ مان بگڙي ’ڪورنگي‘ ٿي وئي.

ڪونڪر نئن: هي نئن ديهه ٻولهاڙيءَ مان ’نئن ٿڌيءَ‘ کان جدا ٿي، عثمان شاهه جي درگاهه ۽ ڪونڪر بس اسٽاپ تائين اچي ٿي. هن نئن جي ڪري ئي انهيءَ ڇوڙ واري علائقي جو نالو ڪونڪر پيو. هيءَ ٻولهاڙيءَ مان ٿيندي اٽڪل 10 ڪلوميٽر وهي، وري نئن ٿڌيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ ٿڌي نئن جي پراڻي ڇاڙهه آهي. بلوچيءَ ۾ ’ڪوتِ ڪور‘ چيو ئي پراڻي نئن کي ويندو آهي. ڪونڪر نئن 185.42 م. م سراسري برسات جو پاڻي پوڻ تي 17،861،508 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 96.33 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي.

کار نئن (ڪراچي): هن نئن جي ويڪري پيٽ جي ڪنڌيءَ تي امام بخش ڳوٺ ٻڌل آهي. نئن جي اتر پاسي ڇڊا پاڊا وڻ ۽ ٻوٽا، حب جي ڪنڌيءَ تائين ڦهليل آهن. اوڀر کان جبلن جو هڪ سلسلو آهي، جنهن کي اوڀر ڏکڻ کان ايندڙ کار نئن ٻه اڌ ڪري، انهن جي وچان لنگهي حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جبلن جي انهيءَ اڌ ٿيل سلسلي ۾ کار نئن جي هڪ پاسي هڪ اوچو جبل ۽ ٻئي پاسي هڪ ٻيو موڪرو جبل ڳاٽ اوچو ڪري هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيٺل نظر ايندا آهن. جن مان هڪ کي ’مري‘، ٻئي کي ’مڱ ٿر‘ چيو وڃي ٿو. جنهن جبل کان کار نئن گذري امام بخش ڳوٺ لڳ ڪنڊ ويندڙ رستي سان ملي ٿي، اتان مختلف ٽڪرين مان وهندڙ ڍورا نڪرن ٿا، جيڪي مراد بروهي ۽ عثمان ٽڪري ڳوٺ کان پوءِ لياري نئن ۾ تبديل ٿين ٿا، جيئن اڳتي ڪنڊ ڏانهن وڃبو ته هڪ پاسي جابلو سلسلو ۽ ٻئي پاسي ڪجهه فاصلي تي حب ندي آهي ۽ رستي ۾ ايندڙ کار ۽ ٻيا ڍورا ۽ ڍوريون آهن. کار ۾ زمين ڪٿي ڪٿي ڪلراٺي آهي. هن نئن جي ڪيچمنٽ ايريا 215 م. م برسات پوڻ تي 361.00 چورس ڪلوميٽر آهي.

کاروڙي جي نئن: هيءَ نئن ڪارونجهر جبل جي اولهه مان نڪري ٿي. جبل جي هنج مان ٿيندي اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري مونڌري ۽ کاروڙي جي وچ مان اتر اولهه جي رُخ ۾ وهندي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

کرغائي نئن: شهدادڪوٽ تعلقي جي حدن ۾ هيءَ نئن مڙدان نئن جي ڏکڻ طرف واقع آهي. اها اولهه کان شروع ٿي اوڀر طرف ۽ وري اتر طرف ۽ آخر ۾ اوڀر ڏانهن رخ ڪري ٿي. ڊيگهه توڙي ويڪر ۾ نڙاني نئن کان ننڍي آهي. وسڪاري جي وقت ڀرجي وهڻ لڳندي آهي.

کڙپي نئن 1: هيءَ نئن، نئن گاج جي اتر ۾ جوهي تعلقي ۾ آهي. کڙپي نئن اوڀر طرف وهي ڪاڇي واري بند وٽ ختم ٿئي ٿي. چڱو حصو زمين جو آباد ڪرائيندي آهي. کڙپي جي پيٽ ۾ ننڍا ننڍا درجن کن ڪنب آهن، جن جو پاڻي پيئڻ جهڙو آهي. کڙپي نئن ۾ مڇي جام مرندي آهي. هيءَ نئن پراڻي نئن آهي، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته کڙپي نئن کي اڳئين زماني ۾ ’راڌڪ نئن‘ به چوندا هئا.

کڙٻي نئن 2: هن نئن ۾ ننڍيون ڍوريون، کڏون ۽ کوٻا عام جام آهن. تنهنڪري هن کي ’کڙٻي نئن‘ چيو وڃي ٿو. ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي هن نئن تي سٺي آبادي ٿيندي آهي. ’نئن مخي‘ ۽ هيءَ ’نئن کڙٻي‘ چانڊين جي جاگير ايريا ۾ هيون. جيڪي پوءِ چانڊين جي سردار غيبي خان چانڊئي، ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي نذراني طور ڏنيون ۽ هنن ٻنهي نئين جي ڀر ۾ تقريباً هڪ لک ايڪڙ تي مشتمل زرعي زمين آهي.

کنڌاڻي نئن: ڪڪڙاني واري علائقي (تعلقو جوهي) ڀرسان کنڌاڻي نالي ڳوٺ ۽ علائقو آهي. هيءَ نئن کير ٿر جي جابلو سلسلي مان وهي، هن علائقي ۾ اچي ٿي. هيءَ نئن به منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.

کينجي وهندڙي نئن: هيءَ نئن، لاکاني جابلو سلسلي کان نڪري ٿي، جيڪا غيبي ديري جي اترئين علائقي کي سيراب ڪندي ساروهه ڍنڍ ۾ پوي ٿي. هن تي به تمام سٺي آبادي ٿئي ٿي. هن نئن تي چانڊين، ٻرڙن ۽ گانئچن جون زمينون آباد ٿين ٿيون. هيءَ نئن برسات جي موسم ۾ گهڻي مقدار ۾ پاڻي کڻي اچي هتان جي وڏي علائقي کي سيراب ڪري ٿي. مٿين جابلو ۽ قدرتي پاڻيءَ جي وهڪرن کي جيڪڏهن هٿرادو طريقن سان ننڍن ننڍن ڊئمن ۾ گڏ ڪيو وڃي ته هڪ طرف جابلو علائقن ۾ رهندڙ لکين انساني آباديءَ کي زرعي مقصد لاءِ پاڻي با آساني ملي سگهي ٿو. هيءَ نئن کير ٿر جي اوڀر کان نڪرندڙ پهرين وڏي نئن آهي. جيڪا ڏکڻ ۾ مچل يا تشانگي وٽان شروع ٿئي ٿي. هيءَ نئن 5250 فوٽن جو اوچائيءَ کان لهي ٿي، نامور انگريز محقق ايڇ. ٽي لئمبرڪ هن نئن کان متاثر ٿي مٿس ”دي گريٽ ڪينيان آف سنڌ“ (The Great Canyon of Sindh) نالو رکيو. هيءَ نئن اٽڪل 50 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري غيبي ديري ڀرسان سارو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. کينجي نئن 114.3 م. م سراسري برسات پوڻ تي 59،863،482 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنهن سبب 523.74 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آباد ڪندي آهي. هن نئن جي کاٻي ڪپ تي دارا جو ڪوٽ ۽ دارا جو لڪ مشهور آهن. دارا جي ڪوٽ جا صرف نشان ۽ ڪجهه ٺڪراٽو ملي ٿو.
گاج نئن: خضدار کان مٿي، اتر اولهه ۾ سليمان جبل جون ڪي شاخون، ناگي جبل، بروهي جبل ۽ هربوئي جبل جي نالي سان وچ بلوچستان ۾ واقع آهن. انهن قطارن وارو خطو مجموعي طرح سمنڊ جي سطح کان ڇهه هزار فوٽ مٿي آهي. انهن جبلن جي قطارن مان هيٺيون مکيه نئيون يا نديون ڦٽي نڪرن ٿيون.

نئن مولا، نئن ڪولاچي ۽ نئن نال: نئن ڪولاچي، هربوئي جبل مان نڪري، ور وڪڙ ۽ وٽ سٽ کائيندي، کيرٿر جبل مان لنگهي جوهي تعلقي جو ڪاڇو لتاڙي، هن وقت منڇر ڍنڍ ۾ ڪِري ٿي. سنڌ کان ٻاهر هن کي ’ڪولاچي نئن‘، جڏهن ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هن کي ’گاج نئن‘ سڏيو وڃي ٿو.

نئن گاج/ ڪولاچي اٽڪل هڪ سئو سٺ ميلن جو سفر پورو ڪري ٿي. سنڌ ۾ ان جو سفر فقط 50 ميل ٿيندو. ڊرگهه بالا کان هيٺ هيءَ نئن ٻن ٽن ڦاڪن يا ڇانگن ۾ ڇڄي وهي ٿي. انهن مان مکيه وهڪري کي ’نئن شول‘ سڏين ٿا. ڪنهن سمي، نئن گاج جو هڪ وهڪرو کير ٿر جبل جي اولهه ۾ وهندو هو. حب نديءَ جي اوڀر ۾ هيٺ ڏکڻ طرف هن نئن جي ان پراڻي وهڪري جا نشان ڪٿي ڪٿي ملن ٿا. اهو وهڪرو سنڌ ساگر يعني ’ايريٿين سي‘ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جتي هڪ وڏو ڪن ٺاهيندو هو، جنهن کي ’ڪلاچيءَ جو ڪن‘ سڏيندا هئا. اڄ ڪلاچيءَ جي ڪُن واري ماڳ جو نالو ڪراچي آهي ۽ سنڌ ساگر/ ’ايريٿين سي‘، ’عربي سمنڊ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. ’نئن ڪولاچي‘، سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ بلوچستان صوبي جي پٽ داڙ ۽ جمورو ماٿرين مان لنگهي ٿي. اهي ٻئي ماٿريون تمام سرسبز شاداب آهن. سنڌ ۾ داخل ٿيڻ سان ’نئن ڪولاچيءَ‘ جو نالو مٽجي ’نئن گاج‘ ٿئي ٿو. نئن گاج، تعلقي جوهي ۽ ڪَڪَڙ جي ميلاپ واري هنڌ وٽ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. اتي کيرٿر جبل ٻن ڀاڱن، اتر کيرٿر ۽ ڏکڻ کيرٿر ۾ ورهائجي وڃي ٿو.
گاج جي پاڻيءَ ورڇ جو عاليشان ۽ وسيع نظام (Fan) آهي، اهڙو نظام سنڌ ۾ ڪنهن ٻيءَ نئن جو نه آهي. گاج جنهن هنڌ وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي، ان کي ’تنڪ‘ (تنگ= پاڻيءَ جي سوڙهي گذرگاهه) چون ٿا. نئن اتي ڪجهه آبشار ٺاهي ٿي. گاج جي لنگهه وٽ کيرٿر جي چُن پٿر ۾ ڏرڙ آهي، جنهن جا پاسا اُڀا آهن ۽ اهو وڏين ڇپن سان رنڊيل هئڻ ڪري لنگهه لائق نه رهيو آهي. ان ڏرڙ جي ٻنهي پاسن کان جبل تي لَڪ آهن.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي ’گاج نئن‘ جي اهميت کي محسوس ڪندي، راڄي ليکيءَ کي نئن جو پاڻي زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. راڄي ليکيءَ، گاج بنگلن کان اتر طرف پنهنجي نالي سان هڪ ڳوٺ ٻڌو، جيڪو اڄ به ’راڄي ديري‘ جي نالي سان مشهور آهي. نئن گاج جيئن ئي کير ٿر پهاڙي سلسلي مان لهي ٿي، ان جو آواز راڄي ديري ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، گاج بنگلن تائين پاڻيءَ کي پهچڻ لاءِ ٽن کان چار ڪلاڪ وقت لڳي ٿو. گاج نئن جي پاڻيءَ تي ننڍا ننڍا واهه چاڪر ڪوٽ، جادو واهه، جمالي واهه، صوبدار واهه پاڻي کڻندا آهن، جيڪو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان کان پوءِ نئن جو هڪ وڏو وهڪرو پٽ گل محمد ۽ شادڻ ڳوٺ جي وچ مان گذرندو هو، جيڪو اڄڪلهه ’سُڪي نئن‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. هي وهڪرو ٿرڙي جادو شهيد کان ٿيندو مٿين ڦلجي ۽ هيٺين ڦلجيءَ جي ڀرسان گذرندو، پاٽ وٽان سنڌو درياهه ۾ پوندو هو. هن وهڪري تي پاڻيءَ کي زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ڪبو هو. مختلف هنڌن تي ڳنڍا ٻڌي پاڻيءَ کي واهن رستي آباديءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هن وهڪري تي ولي محمد جو ڳنڍو اڄ به مشهور آهي، جتان ٽي چار واهه نڪرن ٿا. هن وهڪري تي جوهي تعلقي جي سترهن ديهن جي زمين آباد ٿيندي آهي. نئن جو هڪ ٻيو وهڪرو راڄي ديري جي اوڀر کان وهندو هو، جيڪو وهڪرو بُگ ٻرڙا تائين زمين آباد ڪندو هو. هن وهڪري سان برسات جو پاڻي ايندو هو، جنهن تي لڳ ڀڳ ستن ديهن جي زمين آباد ٿيندي آهي. ان طرح ڪلهوڙن جي دور ۾ برساتن وسيلي سڄو ڪاڇو آباد ٿيندو هو.
ان دور ۾ ميان نصير محمد جي سربراهيءَ ۾ سندس فقير برسات جي پاڻيءَ کي 60 سيڪڙو زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. انگريزن جڏهن سکر بئراج تعمير ڪرايو ۽ ڪئنال ڪڍيا ته نئن گاج جو تيز پاڻي، جوهي ڪئنال ۾ لوڙهيو ويندو هو. جنهن جي بچاءَ لاءِ جوهي ڪئنال جي اولهه ۾ ’فلڊ پروٽيڪشن بند‘ (FPB) تعمير ڪرايو ويو، مگر اهو بند گاج نئن جي سٽ سهي نه سگهيو. ان ڪري گاج بنگلن وٽ گاج ڊائوَرشن (Diversion) بند ٺهرايو ويو. گاج جي پاڻيءَ کي سول واهه جي وهڪرن مان منڇر ڏانهن اماڻيو ويو، جيڪو واهه اڄڪلهه سول نئن جي نالي سان سڏجي ٿو. گاج بنگلن وٽ ان بند کي آباديءَ لاءِ موريون ڏنيون ويون، جيڪي اڄ به موجود آهن. هن نظام ذريعي نئن گاج جي پاڻيءَ جو 30 سيڪڙو زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهبو هو. اڄڪلهه مشڪل سان نئن گاج جو ٻه سيڪڙو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نئن گاج جي پيٽ ۾ ’تِکَ ڪُنب‘ ۽ ’زهرڳڻي‘ سميت ٻيا ڪيترائي ڪنب آهن، جن ۾ مڇي جام مرندي آهي.
انگريزن، گاج نئن ۽ ان جي پاڻيءَ تي خاص ڌيان ڏنو. هنن گاج نئن تي بنگلا ٺهرايا، جيڪي گاج جي نظرداري ڪرڻ کان سواءِ تفريح جو مرڪز هئا. انگريزن بنگلا ٺهرائڻ بعد گاج نئن جي اوڀر واري ڪپ تي بند ٻڌرايو. کين هڪ ٻن سالن ۾ تجربو ٿيو ته ڳوٺ راڄي ديري سامهون بند گهڻيءَ برسات پوڻ ڪري ٽٽي پوي ٿو، ان ڪري ان جاءِ تي پٿر ۽ شيهي جي ڀت ڏني وئي. گاج نئن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي دائمي رهي ٿو. هن نئن ۾ مڇي به مرندي آهي، جنهن ۾ ڪرڙي جهڙي مڇيءَ کي ’ڪرو‘ چوندا آهن. ٻي اهم مڇي مهاشير آهي. وڏي کڳي کان سواءِ به ڪي مڇيون نئن گاج جي پاڻيءَ مان ماريون وينديون آهن.

انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close