ڪارونجهر تي بانسري ڪير پيو وڄائي؟

استاد نظاماڻي

نم جي گهاٽي وڻ هيٺان ٽہ چار کٽون پيون هيون، اهو اڱڻ هو انهيءَ عمارت جو، جيڪا اڃان، ننگر جي پراڻي روايتي نقش نگارن سان موجود هئي. نم جي ڇانو ۾ نرين واري لهنواري ڇت ، هيٺان گول مُنارا، خوبصورت پئي لڳا. هن جو مالڪ يقينن ڪو باذوق هو، جنهن جي من ۾ لالچ اڃان کاٽ نہ هنيو هو.

منهنجا دوست شفيع محمد لغاري، منير لغاري بہ اچي کٽن تي ويٺا. هوٽل وارو پاڻي جو جڳ کڻي آيو، منير هوٽل واري کي سمجهائڻ ويو تہ سُٺي چانھ ٺاهي ڏي، پئسا ڀلي ڪجهہ وڌيڪ وٺ، مان ٽوال سراندي ڪري، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺ ليٽي پيس، مون محسوس ڪيو تہ ڪي اکيون منهنجو تعاقب ڪري رهيون آهن، هڪ  اجنبي شخص جيڪو منهنجي سامهون کٽ تي اهليو پيو هو، مسلسل مون کي غور سان ڏسي رهيو هو، ڄڻ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
مون کيس پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو، هن دير ڪونہ ڪئي، سڌو مون ڏانهن هليو آيو، نيري رنگ جي پراڻن ميرن ڪپڙن مٿان پگهر جا نشان ٻڌائي رهيا هئا، تہ کيس وهنجڻ لاءِ وقت نہ هو.. سانوري رنگ جو هي جوان؛ بظاهر چاليهن جي لڳ ڀڳ هوندو، پر بي ترتيب  ڪارن وارن ۾ ڪجهہ اڇا وار؛ پارڪر جي غدارن، سيٺ مهاوجي لهاڻي، هنس پوري ٻاوي جيئان ليڪيل هئا، سندس چهري تي رڻ جهڙي سڃ واڪا ڪري رهي هئي، پڇيومانس، بار بار مون ڏانهن ڇو پيو ڏسين؟
هن مُنهنجي چهري ڏانهن سواليہ نظرن سان ڏٺو، ڪمزوري ڪري سندس اکين جو رنگ پيلو بڻجي ويو هو. هلندڙ ڦرندڙ لاش پئي لڳو،
"توهان اخبارن ۾ لکندا آهيو نہ؟”
مان ٿورو حيران ٿيس ”منهنجي لکڻ سان ڪو تعلق؟“
”مان جيڪڏهن ڀلجان نہ ٿو، تہ جيڪي مون سمجهيو آهي، اوهان اُهي آهيو جنهن گهڻا سال اڳي ڪارونجهر تي لکيو هو ۽ سنڌو رسالي جي ٽائٽل تي اوهان سان گڏ منهنجي تصوير بہ ڇپي هئي، شهر جي ماڻهن سڏي مون کي اخبار ڏيکاريندي چيو هو، اخبار ۾ تنهنجي تصوير ڇپي آهي، مان ڏاڍو خوش ٿيو هيس“
“اهو ڪالهوڪو ٻارڙو….“ مان هن جو منهن تڪيندو رهجي ويس
”جي سائين اُهوئي مان پرڀو ڪولهي آهيان…!“
پرڀوءَ جو نالو ٻڌي مان ٿورو حيران ٿيس، ياد آيو اهو پرڀو جيڪو اسان کي گائيڊ طور تروٽ جي چوٽي تي وٺي ويو هو،  ٻئي سال گوڙدڙو ندي مان اسان سان ساڙدڙو مندر تائين گڏ هليو هو، اخبار ۾ ساڙدڙي ڏانهن سفر نالي سان منهنجو سفرنامو عبرت اخبار جي مئگزين سنڌو رسالي ۾ ڇپيو هو. هن جون تصويرن ٽائٽل تي ڇپيون هيون.
”شاباس آهي اوهان کي جو ستاويهن اٺاويهن سالن کانپوءِ بہ سڃاڻي ويا آهيو، پر مان اوهان کي سڃاڻي نہ سگهيس“
” اوهان سائين اڃا بدليا ناهيو“ پرڀوءَ مرڪندي چيو
منهنجي ذهن ۾ ڀُوڻ جو ڀڻڪو وڌي ويو، خيالن سان ڀريل ڪوس پاتال مان نڪري سوچن جي آواڙي ۾ ڦهلجي ويو.
مان ستاويھ سال پوئتي موٽي ويس،
اُها رات برسات جي رات هئي، ڪارونجهر مٿان کنوڻن جا تجلا هئا، اسان ٽي مسافر ان وقت ٽي کٽون وٺي هڪڙي ڪوٺي نما هوٽل ۾ ترسيل هئاسين، مان ڀلجان نہ ٿو تہ هي ساڳي جاءِ هئي، جيڪو ان وقت ننگر جو شاندار هوٽل هو.
صبح جو اسان ناشتو ڪري وهنجڻ لاءِ گوڙدڙو ندي تي هليا وياسين، پٿرن مٿان وهندڙ پاڻي جو هلڪو شور،  آسمان ۾ آوارا بادلن جا ٽڪرا ڊوڙي رهيا هئا، جنهن جي وٿين مان سج جهاتي پئي ڪارونجهر جو درشن ٿي ڪيو، ندي جي ٿڌي پاڻي جو بدن تي لڳڻ، محبوبہ جي لبن جي ڇُهاءُ کان گهٽ ڪون هو، آس پاس ٻڪرين هو آزاد ولر چري رهيو هو، جن جي ڳلي ۾ ٻڌل ٽلين جي موسيقي ۾ سُرسارنگ جو سواد هو.  مٿي ڪارونجهر جي وڏي پٿر تي هڪڙو سانورو ڇوڪرو ٽلين جي موسيقي جي بيڪ گرائونڊ ۾  سريلي ڌُن سان بانسري وڄائي رهيو هو، مان ڪپڙا پائي تيار ٿي انهي مڌر آواز تي ڇڪجي ويس، مون کي متوجہ ڏسي ڇوڪري بانسري چپن تان هٽائي ڇڏي، ايتري ۾ مون وارا دوست بہ اچي ويا. مون کيس چيو، وڄائيندا رهو،  هن وري ڪجهہ لمحا بانسري جو مٺو سر ڇيڙيو، پوءِ وري خاموش ٿي ويو، مون ان وقت ڏهين جو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو.
هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، چيائين”اما چوندي آهي، پرڀو ڏيندو آهي وٺندو ناهي“
”نالو ڇا اٿئي؟“
”پـــرڀـــــو”
هن بانسري هٽائي هڪ طرف ڪئي، اوهان جبل گهمڻ چاهيو تہ مان اوهان کي گهمائي سگهان ٿو، ان عيوض مان اوهان جو نوٽ وٺي سگهان ٿو”
مون تروٽ جي چوٽي ڏانهن ڏٺو،  جتي بادلن جا ٽڪرا پٿرن سان گسڪي گذري رهيا هئا،
مون چوٽي ڏانهن اشارو ڪندو چيو ”مٿي تروٽ جي ٿلهي تائين هلڻو آهي”
پرڀو اڳيان، اسان پُٺيان، ڪارونجهر جي اوچن ولين، ٻوٽن، ۽ گاھ سان ڍڪيل پيچرن تي مٿي چڙهندا ٿي وياسين.
چڙهائي دوران سوا ڪلاڪ جي پنڌ بعد احساس ٿيو، اسان کي پاڻي ۽ ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون کڻي اچڻ گهرجن ها. چڙهائي چڙهڻ تڪڙا ساھ کڻڻ ڪري چپن تي ڪجهہ خشڪي محسوس ٿي. تازين برساتن جهڙالي موسم ۾ لڳندڙ ٿڌي هوا باوجود چهري تي پگهر جي آلاڻ محسوس ٿي  پرڀو، اسان کان اڳيان تڪڙو هلندي ٿي ويو، پهاڙي ماڻهن لاءِ چڙهائي ڪو مسئلو ڪونهي. اسان کي بہ جواني جو جوش، گهمڻ جي شوق ڪا تڪليف محسوس ڪون ٿي.
اسان جڏهن هڪ وڏي پٿر کي ڦري مٿي چڙهياسين تہ اُتي ٻن ميٽرن جيترو پيالي نما تلاءُ  نظر آيو، جنهن ۾ صاف شفاف پاڻي جرڪيو پئي.
پرڀو چيو،
”سائين هي پلر پيئڻ جهڙو اٿئو، اسان لاءِ  تہ ڄڻ  شربت آهي“
جبل جي مٿانهين تي، پاڻي جو هي ناياب ننڍڙو تلاءُ اسان لاءِ رحمت بڻجي ظاهر ٿيو،  پاڻي  پيتوسين تہ ٿڌي منرل واٽر کان بہ سوادي لڳو. صبح جو وقت هئڻ ڪري پاڻي اڃان گرم ڪون ٿيو هو، اسان بہ هٿ منهن ڌوئڻ بعد ڪونڀٽ جي ڇانو ۾ هيٺ ساهي پٽڻ لڳاسين، صاف لسا پٿر ڪنهن سنگمرمر کان گهٽ ڪون هئا، ڪجهہ پل ليٽي پياسين تہ سڪون ملي ويو، پگهريل چهري تي لڳندڙ ٿڌي هوا پنڌ جو احساس ئي ختم ڪري ڇڏيو.
هاڻي اسان تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ بعد تروٽ جي چوٽي تي پُهتاسين، جتي ڪو بہ ٿلهو ڪون ٺهيل  هو، تروٽ جنهن جي نالي سان”صاحب جو ٿلهو” مشهور هو.
جبل جي چوڌاري حسين منظر هو. مان ڄڻ  ڪنهن فاتح سپهہ سالار جيئان تروٽ جي قلعي تي  موجود هيس،  ٿڌي هوا منهنجي بدن، وارن کي ڇهندي ٿي وئي.
هيٺ ننگرپارڪر جو شهر جبل جي پيرن ۾ پيو هو، ڏکڻ اولھ اوڀر طرف رڻ جو حسين منظر ائين ٿي لڳو، ڄڻ اڇي کير جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هجي، ان رڻ جا بہ ڏينهن ۾ مختلف رنگ هوندا آهن، منجهند جي وقت سفيد رنگ اکيون پيو ڪڍندو، شام جو هلڪو سنهري ڪلر، رات جو ستارن جي روشني ۾  آرسي جي ٽڪين وانگي چمڪندڙ، جڏهن تہ چانڊوڪي رات ۾  دلڪش سفيد کير جهڙو ٿڌو رنگ.
مان جبل جي چوٽي تي بيهي ڏکڻ طرف ڦهليل رڻ کي ڏسندو رهيس. جڏهن کان رڻ ۾ هاڪڙو، سرسوتي، وهڻ ڇڏي ڏنو، مٿيان وري غلام شاھ ڪلهوڙي 1763ع ۾ پراڻ دريا تي الابند ڏياريو، تہ هي سڄو سرسبز خطو رڻ بڻجي ويو، ڪيئي پريم ڪٿائون انهي رڻ جي ڌٻڻ ۾ ٻڏي ويون، اها ڪورو ندي جيڪا سنڌ ۽ ڪڇ جي حد ليکي ويندي هئي، جنهن ۾ مانجهي ٻيڙا هلائي پنهجي محبوبائن جي ياد جا گيت جهونگاريندا هئا، اها هاڻي کاري پاڻي جي ڪريڪ طور مشهور آهي.
انهي رڻ جو اتهاس ٻڌائي ٿو، تہ هتي ڪاٺ ٻانڀڻ جهڙا خوشحال شهر هئا، جتي هيرن موتين جو ڪاروبار ٿيندو هو، جتي جي سهاڳڻين ڪڏهن ڏڪار ڪون ڏٺو، جيڪڏهن ڪڏهن ڏڪار آيو ٿي ته شاھ جهڙي عظيم شاعر سندن سکن لاءِ دعا ڪندي چيو
“ڏونگها آڇ ۾ تن کي ڪاسا جنين ڪم
پنندي تن سوڍين  ٿئي  شرم
اٿن گهڻي ادب سين ڳالهائن نرم
قادر ڪر ڪرم تہ سندن وطن ۾ وس ٿئي.“

ڪارونجهر جي اُترين ٽڪري، خاص طور ڀوڏيسر واري ٽڪري، ڪارن ڪڪرن ۾ ڍڪيل هئي. موندرو، آڌي گام، لاڪڙ کڏيو، ڪاسبو، اوڀر طرف چندن گڍ، سوراچند جا آثار، سانوڻيءَ جي سائي سيج تي جرڪي رهيا هئا.
منهنجي سامهون چندن گڊ جا آثار (هڪ ننڍو قلعو) آهي، جيڪو روپلي ڪولهي، سندس ساٿين جي پناھ گاه هو، جتان هو انگريزن خلاف آخري دم تائين وڙهندو رهيو، پر نيٺ گوري انگريز  ڪرنل ايونس هن چندن گڊ کي (1859)  بارود سان  برباد ڪري ڇڏيو، پارڪر جا هي پٿراوان ڳاڙهسرا پَٽ، انهن ئي جوڌن جوانن جي خون سان ريٽيل آهن، ٿر جي ڪنهن سگهڙ جون سٽون آهن:
ننگراڻ پالي نيم ويري ڪوئي وسي ناهين،
ڏونگران ڏيکي ايم، پاراڻي پت اڌي راکي.
ننگرپارڪر سدائين اصول پاليو آهي، تہ هتي ڪنهن ويري کي وسڻ نہ ڏنو ويو آهي، اڄ (ڪارونجهر جون ٽڪريون ڏسي رهيون آهن تہ پاراڻي جي پت ائين [ويڙھي] اڌي رکي)

سوچيان ٿو،  هاڻي نہ تروٽ آهي، نہ ڪرنل ايونس آهي، پر هي اڏول ڪارونجهر موجود آهي، جنهن جي تاريخ جي گواهي اڄ  جا ڪيترائي نوجوان شاعر محقق،  قلمڪار سپاهي ڏين پيا. جن پنهنجي علائقي جي تاريخ ۽ سماجي مسئلن کي قلم ذريعي ظاهر ڪري پنهنجي بهادر سپوتن جو قرض لاٿو آهي. ڪارونجهر کي بچائڻ ۾ بہ سندن وڏو ڪردار آهي، انهن قلمڪارن دوستن جي وڏي فهرست آهي.

بادلن مان هلڪيون بوندون وسڻ شروع ٿي ويون، منهنجي دوست عبدالله چيو، هلون ادا موسم خراب پئي ٿئي
مون چيو ترسو، هنن ٿڌين هوائن جو لطف تہ وٺڻ ڏيو، جيڪي رڻ جي هُن پار کان اچن پيون…

وقت ٿيو آهي، مان اڃان ننگرپارڪر بہ نہ آيو هُيس، مون ڪارونجهر جي وادين کي خواب ۾ ڏٺو هو، ڪارونجهر جي انهن ئي خوبصورت وادين ۾ سڏونت، سارنگا جون سرگوشيون ٻڌيون هيون.
انهي پسمنظر ۾ هڪ طويل نظم لکڻ ٿي چاهيم، جيڪو بعد ۾ هڪ ڪهاڻي جو روپ وٺي ويو” پريمڪا“
اڄ به جڏهن ڪارونجهر جي مٿان بادلن جا رنگ ڏسان ٿو تہ،  معصوم سوندرائي جون اهي سٽون دل جي تارن ۾ لهرون پيدا ڪنديون آهن،
"جڏهــن وار ســيني لاڙي سُـــتي هوءَ
اکيون، بادلن ٿي ڀڳيون دير تائين”

مان ڪجهہ لمحن لاءِ اکيون پوري پٿر مٿان ويهي رهيس، پرڀو،  بانسري کي چپن تي رکيو، تہ جوان دل جا زخم جاڳي پيا، ڇا تہ آواز ۾ سوز هو..
مون حسرت جيپوري جو هي گيت جهونگارڻ شروع ڪيو:
"پنک هوتي تو اُڙ آتي ري، ري رسيا او ظالما
تجهي دل ڪا داغ دکلاتي ري”

مون اکيون بند ڪري کوليون، سارنگ چيو اُستاد هاڻ هلجي، پرڀو بہ چيو، سائين مينهن وسي ويو تہ ،جبل تان لهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.

اسان ٽيئي دوست تروٽ واري چوٽيءَ کان هيٺ لهڻ لڳاسين، پرڀوءَ کان مون پڇيو،
” پڙهين ٿو؟“
جواب ڏنائين”نہ سائين، ٻڪريون چاريندو آهيان”
”پڙهين ڇو ڪون؟”
”بس مائٽ غريب آهن،  پڙهايائون ڪون……!“

اسان ننگر شهر تائين ڪون پُهچي سگهياسين، تہ مينهن تيز ٿي ويو. پرڀو، اسان کي جبل جي ڇپ جي اوٽ ۾ اچي ويهاريو، اسان هڪڙي ڪوٺي نما گفا ۾ ويهي رهياسين، کنوڻ جي تجلن ۾ ڪارونجهر گونجڻ لڳو..
عبدﷲ چيو ”يار، مون توهان کي چيو هو، جلدي ڪريو، پر توهان دير ڪئي، هاڻ خبر ناهي هي سانوڻيءَ جي برسات ڪيڏي مهل بيهي؟“

برسات ۾ جبل جو منظر وڌيڪ خوبصورت ٿي ويو، اسان جي سامهون هيٺ ڪجهہ فاصلي تي؛ چونئري مان نڪرندڙ سفيد دونهي جو منظر وڌيڪ دلڪش پئي لڳو.
مون پرڀوءَ کان پڇيو” اهو چونئرو ڪنهن جو آهي؟“
پرڀوءَ چيو”اهو مالوندن جي عارضي رهائش آهي“ ائين چئي  پرڀو هيٺ لهي ويو، ڪجهہ دير بعد موٽيو تہ چانھ جي ڪٽلي ۽ ڪوپ هن جي هٿن ۾ هئا، پرڀوءَ جي همت کي داد ڏنيون. اهڙي جاءِ، جتي برسات جي ٿڌي هوا ۾ جڏهن بدن بہ بوندن ۾ پُسيل هُجي، چانھ ڄڻ اسان لاءِ  وڏي نعمت هئي..
”ڪٿان کڻي آئين“
”انهي چوئنري مان….”
مان گرم چانھ پيئندَي، چونئري ۾ موجود انهن سندر هٿن کي داد ڏيڻ لڳس، جن اسان لاءِ هي گرم چانھ ٺاهي موڪلي هئي.

هيٺ ڪولهين جي اها وستي بہ نظر اچڻ لڳي، جنهن جي ڀرسان اسان رات رهيا هئاسين. سج لهڻ کان پوءِ انهي وستيءَ ۾ مردن عورتن جو هُل هنگامو متل هو، مقامي دوست ٻڌايو تہ هي ماڻهو روز پيئڻ کان پوءِ ائين وڙهندا رهندا آهن.

مينهن هاڻ بيهي ويو، هاڻ اسان هيٺ لهي آياسين. ننگر جو شهر برسات ۾ وڌڪ خوبصورت پئي لڳو، اسان هوٽل تي اچي ماني کاڌي، پرڀو کي بہ ماني کارائيسون، آخر ۾  مون پنجاھ روپيا  پرڀوءَ کي ڏنا، جيڪي هن خوشيءَ سان قبول ڪيا. پهريائين تہ هن مفت جا ڏھ روپيا وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، پر هاڻ هي سندس محنت جو اجورو هو. پرڀو اسان کان موڪلائي، بانسري وڄائيندو، مايا ڊيم ڏانهن هليو ويو، جتي گوڙدڙو سانوڻيءَ جو گيت ڳائي رهي هئي.
سائين خرچي ڏيو، ڪجهہ ٻارڙن جي آواز تي سوچن جو خالي ڪوسُ وڃي کوھ جي پاتال ۾ ڪريو، مان ماضي جي يادن مان نڪري حال جي حالتن ۾  هلڻ لڳس. جيترو سياحن جي رش وڌي آهي، ايترو مقامي طور پِن بہ وڌي آهي، ڪيئي ٻارڙا پنندَي نظر ايندا، گاڏي جٿي بہ بيهندي، ٻارڙا تہ پنهنجي جاءِ تي پر وڏي عمر جا فرد بہ پنندي نظر ايندا.
هوٽل وارو خالي ڪوپ کڻڻ آيو، پرڀوءَ جي لاءِ چانھ جو آرڊر ڏنم.
”پرڀو هي تنهنجي صحت کي ڇا ٿيو آهي؟”
”سائين نشي هڻي جگر ڳاري ڇڏيو آهي”
سوچيم، روپلي ڪولهي، اُڌيسنگهہ جي وارث هيءَ قوم زماني جي رفتار کان گهڻو پوئتي رهيل آهي، ڪجهہ ويرجي ڪولهي جهڙا نوجوان اڳتي وڌيا آهن، پر وقت انهن کان گهڻو اڳتي وڌيل آهي..

گاڏي اچي وئي.  ڊرائيور چيو سائين هلو، مون کي وري ٻيا ماڻهو بہ کڻڻا آهن، منهنجي نظر پرڀوءَ تي پئي، مون کيس چيو، يار پرڀو هلون ٿا،
هن خالي اکين سان مون ڏي ڏٺو، سندس نظرن ۾ پري تائين رڻ جا واچولا وڪڙ کائي رهيا هئا.. مون سوچيو، ڪجهہ خرچي ڏيانس، وري سوچيم متان انڪار ڪري، جيئن پهرين ملاقات ۾ ڪيو هئائين، پر……… جڏهن ڪجهہ روپيا هن جي هٿ تي رکيم، ته هن انڪار نه ڪيو.. اقتصادي دور ۾ اهي قومون ترقي ڪري نہ سگهنديون آهن، جيڪي صرف ماضي جي سنهرن خوابن ۾ سُتل هونديون آهن، مون سندس نيڻن ڏي ڏٺو، جتي ڪا بہ جوت نہ هئي.. ڪجهہ ڏيندَي بہ مان پاڻ کي ڪيڏو ننڍڙو محسوس ڪري رهيو هيس. اڄ پرڀوءَ جا هٿ خالي هئا ۽ سندس بانسري ٽُٽي چڪي هئي.
منهنجي اکين ۾ ڄڻ سموري رڻ جي کاراڻ لهي آئي، مان وڃي دوستن سان گڏ جيپ ۾ ويٺس،   جيپ ننگر شهر کان نڪري گهرٽياري جي پَٽ تي ڊوڙڻ لڳي. ڊرائيور کي چيم ڪو گيت لڳاء، تہ موسيقيءَ مان لطف اندوز ٿيون..
“عجيب داستان هي يہ
ڪهان شروع ڪهان ختم
يہ منزلين هين ڪونسي
نہ وه سمجھ سڪي نہ هم…
يہ روشني ڪي ساٿ ڪيون
دهوان اُٺا چراغ سي…..؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close