بڙ تلاءُ.. جتي هاڻ بڙ آهي، نہ ئي تلاءُ! (ٿر جي سفر ڊائري)

استاد نظاماڻي

هاڻي جيپ  ننگر شهر کان اوڀر طرف سڌي وارياسي پٽ تي هلندي رهي، چوڙيو ڳوٺ ڏانهن منهنجو هي ٽيون پنڌ هو.  ڪو دور هوندو هو جڏهن ننگر شهر کان نڪربو هو ته هي سمورو علائقو وڻن جي ڇانو سان ڍڪيل نظر ايندو هو جنهن جو ذڪر اُستاد ڪرشن لعل پنهنجي يادگيرين ۾ جمالياتي انداز سان ڪيو آهي، اُهي وڻ به جيني اوسواڙن وانگي  مجبورن پنهنجا پڊ، آشرم، مندر. کوه، مندرن ۾رکيل مورتين کي نگهبان سمجهي راه روانه ٿيا، جهڙي نموني جيني اوسواڙن جو هتي ڏونڪو پيو وڄندو هو، اهڙي نموني، پــپر، بــڙ، نــمن جي وڻن ۾ ويٺل پکين جون لاتيون پيون ٻُڌبيون هيون، جيني ته ديس ڇڏي پرديس پڌاري ويا، پر وڻ ويچاره پنهنجن جي هٿان وڍجي غربت، لالچ جو کاڄ بڻجي ويا.
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون،
پسيو بازارون هيئنڙو مون لوڻ ٿئي.

رستي ۾ گهٽياري ڳوٺ ۽ تلاءُ آيو، جتي ڪجهہ سياحت جا شوقين تلاءُ جي بند تي بيهي ڪارونجهر جو نظارو ڪري رهيا هئا.  وڏن شهرن مان آيل، برگر فيملين سميت مٿئين طبقي جي خواتين لاءِ گهرٽياري جون ريٻارڻيون، ميوزم ۾ موجود  ڪنهن مخلوق وانگي هيون، هو ويچاريون جديد سيل فون جي اک کان پنهنجي پاڻ کي لڪائڻ ۾ پوريون هيون، ڪونج جهڙين ڳچين واريون سانوريون ريٻارڻيون، ڳائڻ ۾ به سريليون آهن جن به انهي قبيلي تي لکيو آهي، انهن جي مطابق  جڏهن سندن ڪو پيارو گذاري ويندو آهي ته سندن درديلو آلاپ به سُر وارو هوندو آهي.
دنيا ڪٿي به وڃي پُهچي، انهن ريٻارين جي دنيا پنهنجي ڌڻ سان گڏ پارڪر جا پٽ لتاڙيندي گذري رهي آهي، کين پنهنجي اُٺن، ٻڪرين، رڍن لاءِ وسيع ميدان کپن، جيڪي بدقسمتي سان تنگ ٿيندا پيا وڃن.

نامور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ’در در جا مسافر‘ ۾ لکي ٿو ته،  “تقريباً ڇهہ سئو ورهيہ اڳ ڪڇ جو راجا ڄام جاڙيجو رڻ ۾ شڪار سانگي اچي نڪتو. اتي هن هڪ حسين ريٻارڻ کي ڏٺو ۽ عاشق ٿي پيو. ريٻارين جي چڱي مڙس کي گهرائي چيائين، اهو سڱ ڏيو. في الحال ته، هنن راجا کي آسرو ڏئي موٽائي ڇڏيو. پويان ست راڄيءَ فيصلو ڪيو ته، نه اڳي سڱ ٻاهر ڏنو اٿئون نه هاڻي ڏينداسين ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي راتو رات رڻ پار ڪري اچي دودي سومري سان مليا، جنهن سام جهلي. ڄام جاڙيجي دودي کي نياپو ڪيو، پر دودي سومري جواب موڪليو ته جنگ ڪبي، پر سام نه موٽائبي. جنگ لڳي، ڄام جاڙيجو مارجي ويو، ترت علاؤالدين وڳهہ ڪوٽ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ دودو مارجي ويو. تنهنڪري ريٻارين پنهنجي محسن جي موت تي ڪارا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا، چوڙا پائڻ ڇڏيائون، کٽ تي سمهڻ ڇڏي ڏنائون، سندن اهو سوڳ ڇهه سئو سال هليو. پوءِ 1970ع ڌاري فتح ٽيڪسٽائيل مِل جي مالڪ فتح ڀائي سومريون نياڻيون ميڙ وٺي سندن سوڳ ٽوڙايو.”

گهرٽياري جي ڳوٺ تي اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن لاءِ ڪرشن لعل لکي ٿو ته، پارڪري ٻولي ۾ "گهرٽي” چڪيءَ کي چئبو آهي، جيڪو گهرٽي مان گهرٽياري ٿي ويو. هتي گگر پيهڻ جون چڪيون هونديون هيون. ان ڪري هي گهرٽياري مشهور ٿيو.

گهرٽياري کان اڳتي جيپ سڌي پٽ تي ڊوڙڻ لڳي، هيل هي سمورو پٽ گهڻو سائو ٿيو هو،  تر، گوار ۽ ٻاجهر جي سر سبز فصلن جي وچ ۾ ڪکائو چوئنرو به ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو.
جيپ جڏهن ننگر پارڪر جي اهم ڳوٺ بڙتلاءُ ۾ داخل ٿي، ته جيپ کي ڏسي ننڍڙا ٻارڙا گاڏي پويان ڊوڙڻ لڳا، مون ڊرائيور کي جيپ روڪڻ لاءِ چيو، ٻار اچي ڀرسان بيٺا ۽ خرچي گهُرڻ لڳا، سانورا معصوم ٻارڙا جن جي چهري تي پاڪ معصوميت ڏسي دل جهري ٿي پيو،  انهن ٻارن جو قصور به ڪونهي، جڏهن کان ماڻهن جي اچ وڃ، گهڻي ٿي آهي، دولتمندن؛ انهن ٻارن کي ڪجهہ ڏيئي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن کان ٻارن به گاڏين پويان ڊوڙڻ شروع ڪيو آهي، معصوم ٻارن جو مسلسل پويان ڊوڙندو ڏسي سخت دل به ميڻ ٿيو وڃي. اسان ڳوٺ مان گذرندا ڪجهہ لمحن لاءِ  اچي هڪ اسڪول ڀرسان بيٺاسين، اسڪول جي ويران عمارت مان لڳو پئي ته سالن کان ان اسڪول جي مرمت نه ٿي آهي، مان اسڪول کان به اڳتي هلندو اچي اُتي بيٺس جتي قديم آثارن جا نشان دفن ٿيل هئا،  مون ڪوشش ڪئي ته اُهو بڙ جو وڻ نظر اچي جيڪو تلاءُ جي ڪناري نه صرف پکين جي آماجگاه هو پر سوئي گام (موجود هندستان ڪڇ جو ڳوٺ) کان آيل مسافرن جي قصن جو مرڪز به هو. ڪو دور هو، بدين کان ڪڇ جي ڳوٺ سوئيگام، کانپوءِ  ڀُــڄ تائين سنڌ جي ماڻهن جو سفر رهندو هو، هن وقت به هندستان، سوئي گام کان بڙتلاءُ پوسٽ تائين رڻ جي وچان پڪو رستو ٺاهيو  آهي. سوئي گام کان پارڪر جي هن ڳوٺ بڙتلاءُ تائين فاصلو چاليھ ڪلوميٽر هوندو. اهوئي ماضي ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي ماڻهن جي اچ وڃ جو سولو رستو هو، هتان جا واپاري پنهنجا ڍور ڍڳا ڪاهي واپار واسطي، ڪڇ جي شهرن کان ٿيندا گجرات جي احمد آباد، ۽ هيرن، موتين جي ڪاروباري شهر سورت تائين وڃي نڪرندا هئا، سنڌ جا واپاري موٽندي گجراتي ڪامڻين سان ڪڏهن عشق جو پيچ ڳنڍيو ايندا هئا ته، ڪڏهن شادي ڪيو گهوٽ بڻجي اچي نڪرند هئا، سامهون فصلن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت عورت کي ڏسي سوچان ٿو، آدم ويچارو به حوا کانسواءِ اڌورو آهي.

سوندر جو ڪاڪو سليمان راڄڙ جڏهن مون کي ڪَڇ ڀُڄ، احمد آباد، سورت شهر جي سفر جون يادگيريون ٻڌائيندو هو ته دل جي دنبوري مان ڪيئي ساز اڀري پوندا هئا، جڏهن هو سورت شهر جي حسين محبوبائن جو ذڪر ڪندو هو ته شوڪارا ڀري ٿڌا ساه پيو کڻندو هو. ڪيئي پوڙها عاشق اڄ به زنده آهن جن جي اندر مان شاه سائين جو هي بيت ٻاڦ وانگي پيو نڪرندو آهي.
جِنَـن سي کُوهيءَ نار، وهنِ واريءَ گاڏئان،
هِيئڙو پِريان ڌار، نبيريانسِ نه نـبري
(جنن کوهن تي چڙهيل نار مان واري سان گڏيل پاڻيءَ جا وهڪرا وهندا آهن،  تهڙي طرح هنئين کي پرينءَ کان ڇني ڌار ٿو ڪريان ته نه ٿو ڌار ٿئي، جيئن پاڻي واري)

ڪجهه سال اڳ ميرمحمد نظاماڻي، حاجي ولي محمد نظاماڻي، سڪندر سمي سان هن ڳوٺ ۾ آيا هئاسين، ڪجهہ لمحا اميرخان کوسي جي اوطاق تي به گذاريا هئاسين، اُتي منهنجي ڪچهري هڪڙي جهوني ريٻاري سان ٿي هئي، جنهن جو ذڪر مان اڳ ۾  سفر ڊائري ۾ ڪري چڪو آهيان، هيل بڙتلاء ۾ مان ٽيون دفعو آيو آهيان، بڙتلاءُ جا هي پراڻا پڊ منهنجي لاءِ ڪي نوان نه آهن، منهنجو روح پکين جيئان پرواز ڪندو ڪوٽ لکپت جي ڪنواري قلعي کان وٺِي چوڙئي جي مندر تائين ڄڻ نوان گس ناهن، مان انهن پانڌين، جي پيچرن تي هلندو رهيو آهيان، جن جي اکين ۾ اُجاڳا، رڻ جون رولاڪيون رهيون آهن، منهنجي نظر  بڙتلاءِ جي ڳوٺ ۾ بيٺل ان گاڏي تي پيئي جيڪا آخري پساهن ۾ هوندي به ڪنهن ميوزم ۾ پيل ڪنهن ناياب نموني جيئان موجود هُئي..

اسان هاڻ  بڙ تلاءُ ڳوٺ مان نڪري چوڙيو جبل ڏانهن روانا ٿياسين، ساوا فصل به جيپ سان گڏ سفر ڪندا رهيا. بڙ تلاءُ جون يادگيريون به انهن ٻارن سان گڏ پوئتي رهجي ويون جيڪي گاڏي پُٺيان ڊوڙي رهيا هئا……….!!

ڪارونجهر تي بانسري ڪير پيو وڄائي؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close