ٻَيٽ ڳالهائين ٿا!

سید خدا ڏنو شاھ

جنرل پرويز مشرف جي دور کان وٺي سنڌ جي ٻن اهم ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي جديد شهر اڏڻ جا منصوبا سامھون ايندا رھيا آهن، شروع واري ڏينهن کان وٺي  ٻيٽن تي آباد ٻيٽن جا حقيقي وارث ماهيگير انهن ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي مخالفت ڪندا پيا اچن. سندن چوڻ آهي ته صدين کان وٺي ٻيٽ، تمر جا ٻيلا، ڪريڪز، ڪنڌيون ڪنارا، ريلون ڍورا سندن جياپي جو ذريعو آهن، انھن تي سندن موروثي حق آهي. ٻيٽن جو علائقو تمر جا وڻ ٻيلا  مڇي جي پيدائش جون نرسريون آهن، جتي مڇيون آنيون ڏينديون آهن. مڇي جي نسل جي افزائش  ٿئي ٿي ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان مڇي جي پيدائش جي عمل ۾َ رخنو پوندو ۽ اسين پنهنجي مائيٽاڻي روزگار کان  هميشه لاء محروم ٿي وينداسين. ٻيو ته اسان جا لنگھ ۽ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويندو، ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي پهچڻ لاء ڊفينس مرينا ڪلب کان رستو ٺاهيو ويندو، جنهن سان ماهيگيرن جو اهم رستو ڪورنگي ڪريڪ کي بند ڪيو ويندو يا وري پل ٺاهي ويندي ان سان ڪورنگي ڪريڪ جو کلي سمنڊ يا وري ڪراچي بندر فشري ۽ بلوچستان ويندڙ ماهيگيرن جو رستو هميشه لاء  بند ٿي ويندو. شهر اڏڻ سان سيڪورٽي جو سبب ڄاڻائي ملاحن کي سامونڊي ڪنارن ڏنگي، ڀنڊاڙ جي آس پاس وڃڻ نه ڏنو ويندو جيئن ڊفينس مرينا ڪلب ۽ شهر ٺھڻ ڪري سيڪورٽي جو بهانو بڻائي گذري  بندر کي ختم ڪيو ويو. گذري ڪريڪ ۾ نه مڇي ماري سگهجي ٿي نه وري ڪناري سان ڪو هوڙو يا ٻيڙي وڃي سگهي ٿي گذري بندر وارو ايريا هاڻي ملاحن لاء نو گو ايريا بڻجي ويو آهي.

جڏهن اهم ڳالھ اها آهي ته هينئر شهر ٺھڻ کان اڳ ئي ڏنگي ٻيٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي، ماهيگيرن توڙي عام  ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي آهي ڏنگي تي ملاحن کي رڇ گهورڻ به نٿو ڏنو وڃي ۽ ٻيٽ تي اڏاوتي ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ فورس جا هٿيار بند ويٺا آهن. هن وقت ئي اهو حال آهي  شهر اڏڻَ کان پوء ملاحن سان ڪهڙي جٺ ٿيندي جنهن جو چٽو مثال گذري بندر آهي ٻيو مثال پورٽ قاسم آهي جنهن ملاحن جا لنگھ بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو تفصيل اڳيان ايندو.

ملاحن جي بنيادي انساني حقن کان سواء اهي ٻيٽ آبي ۽ جهنگلي جيوت جا مسڪن آهن  اهي اٺن جا چراه گاھ آهن، جتي هزارين اٺ موجود آهن جيڪي پڻَ مقامي ماڻهن جي گذر جو وسيلو آهن سوين خاندانن جو روزگار اٺن جي پالنا سان ٿيندو آهي انهن ٻيٽن تي سامونڊي ديسي پکي سال جا ٻارهن مھينا موجود هجن ٿا تمر جي ٻيلن ۾ آنا ڏيندا ۽ ٻچا پيدا ڪندا آهن. آڪٽوبر جي مھيني ۾ ٿڌن ملڪن سائبريا وغيره مان لکن جي تعداد ۾ پرڏيھي پکي هنن  ٻيٽن تي اچي رهندا آهن سياري جي مند ختم ٿيڻ کانپوء واپس هليا وڃن ٿا. جھنگلي جانورن ۾ گدڙ انهن ٻيٽن تي جام آهن جيڪي مٺو پاڻي پيئڻ کانسواء به زنده رھي سگهن ٿا. ڪجھ ٻيٽن تي جهنگلي سھا به هوندا آهن مون پاڻ دبي جي هڪ ٻيٽ تي سھن جو شڪار ڪيو آهي. انهن خصوصيتن جي ڪري رامسر ڪنوينشن تحت بين الاقوامي قانون ۽ رامسر معاهدي تحت ٻيٽن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي. ان عالمي قانون مطابق ٻيٽن تي ڪابه انساني آبادي نٿي ٺاهي سگهجي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ رامسر معاهدي جي خلاف ورزي ۽ بين الاقوامي معاهدن جي کلي لتاڙ آهي.

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي قبضي جي پهرين ڪوشش 2006 ۾ شروع ڪئي ويئي. ٻنھي ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاء  غير ملڪي سرمائيدارن سان معاهدا ڪيا ويا اها خبر جڏهن ملاحن کي پئي ته  هنن وڏا احتجاج ڪيا جيڪي پوء سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا ۽ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويئي. ان ڏينهن ۾ ڏنگي ٻيٽ تي محترم حاجي شفيح محمد ڄاموٽ ۽ فشر فوڪ فورم جي ميزباني هيٺ  سنڌ جي سڀني سڄاڻ ڌرين جو تاريخي ڪٺ ڪٺو ٿيو جنهن ۾ سڄي سنڌ جا سياستدان وڪيل اديب دانشور سول سوسائٽي راڄن جي چڱن مڙسن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪيو هو. ان وقت به ساڳيا اعتراض هئا جيڪي هن وقت آهن. ان تحريڪ جي نتيجي ۾  ان وقت جي سنڌ حڪومت فيصلو واپس ورتو هو، ان کان پوء 2013 ۾ سنڌ حڪومت اهي ٻيٽ  ملڪ رياض کي ڏنا هئا ۽ اھڙو معاهدو ڪيو هو ته ٻيٽن جي زمين جي رقم مان اڌ حصو سنڌ حڪومت جو هوندو ۽ اڌ پورٽ قاسم اٿارٽي کي ملندو، پورٽ قاسم اٿارٽي 1973 کان وٺي انهن ٻيٽن تي پنهنجي مالڪي جو حق جتائيندي رھي آهي. پورٽ قاسم ۽ سنڌ حڪومت جي 2013 واري ملڪ رياض سان ڪيل معاهدي خلاف به سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ٿيو جنهن جي ڪري ان معاهدي تي عمل نه ٿي سگهيو، آخري ۽ سڀ کان خطرناڪ ڪوشش جو ڀانڊو تڏهن ڦاٽو جڏهن مهينو کن اڳ ملڪ رياض، سراج قاسم تيلي ۽ ٻين سرمائيدارن ملڪ جي صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاء قانون سازي ڪرڻ لاء گڏجاڻي  ڪئي هئي، ان گڏجاڻي جو اعلاميو به جاري ڪيو ويو ته ڀنڊاڙ تي جديد شهر ٺاھيو پيو وڃي جنهن ۾َ 50 ارب ڊالرن جي غير ملڪي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو. ان خبر سان هڪ دفعو وري ماحول گرم ٿي ويو آهي. ملاح تنظيمن، سياسي پارٽين احتجاج به ڪيا آهن. ٻيٽن جي حوالي سان تازو ئي ملڪ جي صدر هڪ تڪراري آرڊيننس جاري ڪيو آهي، ان آرڊينس تحت سنڌ بلوچستان جا سمورا ٻيٽ ھاڻي وفاق جي ملڪيت هوندا ان لاء آئيلينڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ٻيٽن تي اڇو ڪارو ڪرڻ لاء خود مختيار هوندي. اٿارٽي جي چيئرمين مقرر ڪرڻ لاء ڊان اخبار ۾َ اشتهار ڏنو ويو ته چيئرمين شپ جا اميدوار 15 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏين 15 تاريخ کان پوء درخواستن جي  ڇنڊ ڇاڻ ۽ اميدوارن جا انٽرويو ٿيڻا ھئا پر مقرر تاريخ کان اڳ چيئرمين مقرر ٿي ويو جنهن جو نالو به ميڊيا ۾ اچي ويو. تڪراري آرڊينس سامھون اچڻ سان سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، آرڊينس جاري ٿيڻ واري ڏينهن تي فشر فوڪ فورم، انڊيجنيس رائٽس الائنس سنڌ، پائلر، عورت فائونڊيشن ۽ مزدور اتحاد طرفان ساروان هوٽل ۾ مشاورتي ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ متفق طور تي صدارتي آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪيو ويو. اهو آرڊيننس سنڌ بلوچستان جي ساحل ۽ ٻيٽن تي وفاق جو حملو قرار ڏنو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل تنظيمن جي اشتراڪ سان سامونڊي ٻيٽ بچايو تحريڪ جوڙي ويئي، ان تحريڪ 9 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري ۾َ راڄوڻي ڪٺ ڪوٺايو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ملاحن شرڪت ڪئي. ان ڪٺ ۾ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، جان عالم ڄاموٽ، سھيل شفيح محمد ڄاموٽ، سامونڊي ٻيٽ بچايو تحريڪ جو اڳواڻ سيد محمد علي شاھ، گل حسن ڪلمتي، ۽ مون سيد خدا ڏنو شاه شرڪت ڪئي. ان ڪٺ ۾ ٻيٽ بچايو تحريڪ کي زور وٺائڻ لاء 15 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري ڄاموٽ جيٽي کان هوڙن ۽ لانچن جي ڀنڊاڙ ٻيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ احتجاجي جلسو ڪيو ويو، جنھن ۾ ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان کان پوء ابراهيم حيدري کان گورنر هائوس تائين پيدل مارچ ڪيو ويندو جنهن جي تاريخ جو اعلان اتحادي تنظيمن جي مشاورت کان پوء ڪيو ويندو. اهڙي طرح ٻيٽن جي مسئلي تي جيڪي به احتجاج ٿيندا انهن ۾َ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، جيئن لياري ۾ ان حوالي سان ٿيندڙ هڪ وڏي احتجاج ۾ ڪئي وئي.

هاڻي ٻيٽن جي قانوني ۽ آئيني پوزيشن جو جائزو ٿا وٺون. جيئن ته آئين جي آرٽيڪل 172 تحت ساموندي ڪنارا ٻيٽ صوبن جي ملڪيت  قرار ڏنل آهن، ڪناري کان 12 ناٽيڪل ميل تائين صوبن جي حد آهي. سنڌ جا سمورا ٻيٽ ان حد جي اندر آهن، تنهنڪري وفاق قانوني طور تي ان حدن ۾ مداخلت نہ ٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس غير آئيني آهي. صدر صاحب خود اهو آرڊيننس جاري ڪري آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ان آرڊيننس ۾ جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن اهي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ جي زمري ۾ اچن ٿا، جئين ته هن آرڊيننس جاري ٿيڻ کان اڳ ۾ چار جولائي تي حڪومت سنڌ جي لينڊ يوٽلائزيشن ڊپارٽمنٽ طرفان اين او سي جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ وفاق کي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي اجازت ڏنل آهي وفاق جي دعویٰ آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ناهن ته پوء سنڌ حڪومت کان اين او سي ڇو ورتي ويئي هئي؟ اهو کلو تضاد آهي ۽ سنڌ جي صوبائي خود مختياري ۾ وفاق جي مداخلت آهي. انهن ٻيٽن جي اين او سي ڏيڻ ۽ آرڊينس جاري ڪرڻ سان سنڌ حڪومت جي مفاد پرستي ۽ نالائقي بہ ثابت ٿئي ٿي. ان غير قانوني عمل ۾ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ صدر پاڪستان برابر جا شريڪ آهن سڀني گڏجي آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

ٻي ڳالھ ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي سميت 30 کن ٻيٽن تي 1973 کان وٺي پورٽ قاسم جي والار آهي، پورٽ جي ناجائز والار واري ايريا ۾  ڏنگي، ڀنڊاڙ، مچڪ، شاه حسن آئي لينڊ، سنڌ جو تاريخي قلعو رتو ڪوٽ، جاکي بندر، ماڙهي موراڙو، مُلاڻو ڪوٽ، ۽ ٻين ٻيٽن سميت سامونڊي ڪناري جي هزارين ايڪڙ زمين اچي وڃي ٿي. پورٽ قاسم اٿارٽي تمر جي ٻيٽن واري زمين تي تمرن جا ٻيلا ڪٽائي مٽي جي ڀرائي ڪري هڪ انڊسٽريل زون تعمير ڪرايو آهي ۽ وڌيڪ سامونڊي ٻيٽن واري زمين تي 17 جيٽيون  بڻايون ويون آهن جن ۾ ڪنٽينر ٽرمينل ڪول آئل گيس ۽ اينل جي ٽرمينل ٺاهيا ويا آهن. اهڙي ريت هڪ اٿارٽي جي موجودگي ۾ ساڳئي زمين تي ٻي اٿارٽي ٺاهي ويئي آهي، اهو عمل به غير آئيني ۽ غير قانوني آهي.

جئين ته مڇي جي ڪاروبار کي ملڪي معشيت ۾ انڊسٽري/صنعت جو درجو مليل آهي، سامونڊي ملاح ساليانو هزارين ٽن مڇي مارين ٿا، جيڪا پرڏيھ ۾ ايڪسپورٽ ڪئي وڃي ٿي  جنهن مان ساليانڳ اربين ڊالر ڪمايا وڃن ٿا. هن آرڊينس لاڳو ٿيڻ سان ماهيگيري جي صنعت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو ۽ ملڪي معشيت تي ناڪاري اثر پوندا، ملاحن جو روزگار تباه ٿي ويندو. تنهن ڪري حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته هن تڪراري غير آئيني آرڊينس کي واپس ورتو وڃي ۽  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو سنڌ جي ٻيٽن، ساحل، وسائل، تيل، گيس جي منصوبن ۽ سنڌ جي حقِ حڪمراني تي ڪا به سوديبازي نه ڪري ۽ جلد از جلد سنڌ اسمبلي جو اجلاس گهرائي تڪراري صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرائي ۽ ملاحن جي نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح ڪري ٻيٽن بابت قانون سازي ڪئي وڃي. ساڳئي طرح سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ آرڊيننس جي خلاف ٺھراءُ منظور ڪرايا وڃن، پيپلز پارٽي کي گهرجي ته هو پاڪستان ڊيموڪريٽ مومنٽ جي چارٽر ۾ ٻيٽن جو مسئلو شامل ڪرائي.

آئون سنڌ جي سمورن گهڻگهرن کي عرض ڪريان ٿو، اچو ته ٻيٽن تي قبضي خلاف ۽ تڪراري صدارتي آرڊينس کي رد ڪرڻ لاء جيڪا تحريڪ شروع ٿي آهي ان ۾َ ڀرپور طريقي سان شريڪ ٿي ڪري پنهنجو قومي فرض پورو ڪيون.

Related Articles

One Comment

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close