زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

13- مڌو بالا

مغل اعظم فلم لاءِ انار ڪلي جي ڪردار لاءِ مڌو بالا جي چونڊ انتھائي موزون ھئي، ھوءَ ذھين اداڪارہ ھئي، انار ڪلي جي ڪردار ۾ جلدي گم ٿي وئي ھئي. 1950ع جي ڏھاڪي جي شروعات ۾ مغل اعظم ٺھي رھي ھئي تہ اسان جي شاديءَ جون خبرون ماڻھن جي زبان تي ھيون. ماڻھو اھو سمجهن ٿا تہ مڌو بالا جو پيءُ عطاءُ الله خان اسان جي شادي جي خلاف ھو، ايئن بلڪل بہ نہ آھي، ھو اسان جي شادي ۾خوش ھو، ھن جي پنھنجي پروڊڪشن ڪمپني ھئي ۽ ھو فلمون ٺاھيندو ھو. اسان جي شادي ۾ ھن کي تمام گهڻو فائدو ٿئي ھا، ڇو تہ ٻہ مشھور فلم اسٽار ان جي پروڊڪشن ڪمپنيءَ هيٺ اچن ھا، انھيءَ منصوبي کان مڌو پاڻ مون کي آگاھ ڪيو ھو. سندس پيءُ جو اھو ئي خيال ھيو تہ اسان ٻنھي جي پاڻ ۾ شادي ٿئي ۽ اسان ھن جي فلمن ۾ ڪم ڪندا رھون. مون ٻنھي کي سمجهايو ھو تہ منھنجي ڪم جو طريقيڪار پنھنجو آھي ۽ آئون ڪنھن جي مداخلت پسند نہ ڪندو آھيان. مڌو پنھنجي پيءُ جي ڳالھين تي گهڻو اعتبار ڪندي ھئي ۽ ھوءَ پنھنجي پيءُ جي ھر ڳالھ مڃيندي ھئي. ڪيترائي دفعا ايئن ٿيو جڏھن اسان پاڻ ۾ ڪنھن مسئلي تي ڳالھائيندا ھئاسين تہ مڌو خاموش رھندي ھئي، ھن ڪڏھن بہ منھنجي حمايت ۾ نہ ڳالھايو، ھو ھميشہ اسان جي گفتگو کان لاتعلق رھندي ھئي، مڌو جي ان رويي تي مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. عطاءُ الله خان کي جڏھن محسوس ٿيو تہ آئون ھن جي ڌاڳي ۾ نٿو اچان تڏهن مڌو کي چيائين تہ دليپ بدتميزي ٿو ڪري. مون مڌو کي چيو تہ تنھنجو والد مون کي نٿو سمجهي سگهي، ان ڪري اسان جي ڀلائي انھي ۾ آھي تہ اسان پنھنجي پيشي ۽ ذاتي زندگي کي الڳ الڳ رکون. مڌو مون کي چيو تہ شادي کان پوءِ اھي سڀ معاملا پاڻمرادو حل ٿي ويندا. مون محسوس ڪيو تہ شادي کان پوءِ مڪمل طور تي ڦاسي ويندس، بس اھو ئي سوچي مون مڌو سان شادي نہ ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. ڇو تہ اھا شادي نہ مڌو لاءِ صحيح ھئي نہ ئي مون لاءِ.

جڏھن اسان ھڪٻئي کان الڳ ٿياسين تہ آئون ڏاڍو مطمئن ٿيس. ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ سان زندگي گذارڻ، جنھن جون خواهشون منھنجن خواھشن کان مختلف ھجن، تمام گهڻي ڏکي آهي. اھو بہ خيال ايندو هو تہ شادي کان پوءِ مڌو ٻين اداڪارن جي ويجهو ٿي ويندي ۽ پوءِ اڳتي هلي منھنجو اھو خيال درست ثابت ٿيو. ان وقت آئون فلم ”نديا ڪي پار“ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس. ھڪ ڏينھن آئون آصف جي گهر ويس. ان جي زال ستارہ ديوي مون سان ملي. چانھ ۽ بسڪيٽن جي خاطر تواضع ڪرڻ کان پوءِ ھن مون کي چيو تہ آئون توھان کي ادا چئي سگهان ٿي؟ آصف اسان ٻنھي ڀاءُ ڀيڻ جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو ۽ چيائين تہ اڪبر اعظم جي پٽ شھزادي سليم جي ڪردار لاءِ تنھنجي عمر مناسب ناھي، ان لاءِ مون کي وڏي ڄمار جو ماڻھو گهرجي، مستقبل ۾ مون جڏھن بہ سليم ۽ انار ڪلي تي فلم ٺاهي تہ شھزادي سليم جو ڪردار توکي ڏيندس. ڪجهہ سالن کان پوءِ ھن مغل اعظم ٺاھڻ چاھي تہ مون سان رابطو ڪيائين، ان وقت تائين آئون مشھور ٿي چڪو ھئس. آصف سان دوستي ۽ ان جي زال سان ڀيڻ جو رشتو برقرار رھيو. آصف شھزادي سليم جي ڪردار لاءِ مون سان رابطو ڪيو، جيڪو مون خوشيءَ سان قبول ڪيو. مون شھزادي سليم جي باري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، ھن جي ڪردار جو عڪس پنھنجي ذھن ۾ ٺاهڻ شروع ڪيم. ان لاءِ منھنجي اداڪار محمد عمر مڪري بہ تمام گهڻي مدد ڪئي، ڪيترائي ڪتاب مونکي آڻي ڏنائين. منھنجي خيال ۾ ڪافي محنت ڪرڻ کان پوءِ شھزادي سليم جي شخصيت جو مڪمل عڪس پردي تي پيش ڪري سگهيس.

منھنجَي ۽ مڌو بالا جَي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ جون خبرون اخبارن ۽ رسالن ۾ وڏي شد مد سان لڳي رھيون ھيون. صحافي حضرات ان وقت بہ ڳالھ مان ڳالھڙو ڪرڻ جا ماھر ھئا. ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن اھو لکيو تہ مڌو بالا شادي نہ ٿيڻ جي ڪري صدمي ۾ ھلي وئي آهي، ھن ھميشہ شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ۽ ٻيون بہ منھنجي ۽ مڌو بالا متعلق ڪيتريون ئي ڪھاڻيون گهڙيون پئي ويون. پڙھندڙن جِي ان قسم جي ڪھاڻين ۾ وڏي دلچسپي ھوندي ھئي. آئون پنھنجي ذاتي ڪمن ۽ فلمن جي مصروفيتن سبب انھن نام نهاد ڪھاڻين جي ڪابہ ترديد نہ ڪري سگهيس. انھن ڪھاڻين جو ٻيو رخ اھو بہ ھو تہ پيار ۾ ناڪامي کان پوءِ دليپ دل جو مريض ٿي ويو آهي، ۽ ايتري قدر جو انھن منھنجي مرڻ جي خبر بہ ھلائي ڇڏي. اخبارن لکيو تہ ھن کي دل جي بيماري ننڍپڻ کان ھئي، پر پيار ۾ ناڪامي کان پوءِ مرض شدت اختيار ڪري ويو، بيماري جي ڪري ھن پروڊيوسرن سان ڪيل معاھدا بہ ختم ڪري ڇڏيا. اھو سچ آھي تہ مون شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو، ان جو سبب اهو هو تہ پھرين منھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جون شاديون ٿين. امان جي بيماري بہ شدت اختيار ڪري وئي ھئي. آغا جي تہ پنھنجي مرضي وارو ھوندو ھو، گهر جون ڏاڪڻيون چڙهندي لھندي يا گاڏي ۾ ويھڻ وقت بہ ڪنھن کان مدد نہ وٺندو هو، پر حقيقت اها آهي تہ ھو تمام گهڻو ضعيف ٿي چڪو هو. گهر جون سڀ ذميواريون منھنجي مٿان اچي ويون هيون، امان ۽ آغا جيءَ کي مون مان گهڻيون اميدون ھيون. وڏو ڀاءُ نور صاحب شادي ڪرڻ کان پوءِ الڳ رھڻ لڳو ھو. ادي سڪينہ جي بہ شادي نہ ٿي سگهي ھئي، ھن جي طبيعت ۾ ڪا بہ تبديلي نہ آئي ھئي، امان کي ادي جي باري ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿيندي ھئي تہ ايڏي زندگي اڪيلي سر ڪيئن گذاري سگهندي؟ اھي ئي ڳالھيون ھيون، جن جي ڪري مون شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. جڏھن تہ ڳالھيون اھي ڪيون پئي ويون تہ مڌو بالا جي عشق ۾ ناڪامي کان پوءِ دليپ ڪمار مڪمل طور تي مايوس ٿي ويو آهي ۽ ھن ڪڏھن بہ شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

تعلقات خراب ٿيندي ئي عطاءُ الله خان پنھنجي ڌيءُ مڌو بالا جي ذريعي پروڊيوسر بي آر چوپڙا تي ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ اھو چيو ويو تہ ”نيا دور“ فلم جي آئوٽ ڊور شوٽنگ ٿيڻ جي ڪري اداڪارہ کي دل ۾ تڪليف ٿي آھي، حالانڪہ اھو سڀ ڪجهہ اڳواٽ طئہ ٿيو ھو تہ فلم جي شوٽنگ آئوٽ ڊور ٿيندي، جيڪا ڀوپال ۽ پونا جي مختلف جڳھن تي ڪئي ويندي. بي آر چوپڙا پاڻ وڪيل بہ ھيو، لاھور ۾ صحافت بہ ڪري چُڪو هو. ھن ڪيس جي پيروي ڪئي، مون معاملي کي سلجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيس. مڌو بالا سان جڏھن ڳالھ نہ ٺھي تہ مون ان جي جڳھ تي وجنتي مالا کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. پوءِ ڳالھيون وري اھي ڪيون ويون تہ مون مڌو کي فلم مان ڪڍرايو آھي. حقيقت ۾ انھي سڄي روئداد جو ذميوار ھن جو پيءُ ھو. فلم ”نيا دور“ جي مڌو بالا سان گڏ ڪيل شوٽنگ ضايع ڪئي وئي، اھڙي طرح چوپڙا صاحب کي مالي نقصان الڳ ٿيو ۽ وقت الڳ ضايع ٿيو. پيءُ جي حد کان وڌيڪ تعبيداري مڌو بالا کي پروفيشنل طور متاثر ڪيو ۽ ھن جي صحت تي بہ تمام ناڪاري اثر پئجي ويا. ان جو مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ڪم جي حوالي سان پيءُ جي دٻاءُ ۾ تہ نہ اچي ھا! وجنتي مالا محنتي اداڪارہ ھئي، ھوءَ مون سان ديوداس ۾ ڪم ڪري چڪي هئي، ھن جي ڪم کي چوپڙا صاحب بہ پسند ڪندو ھو.

هلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close