مغل حرمسراء جون عورتون – چوٿين قسط

الطاف شيخ

اڪبر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پڙهيل ڳڙهيل نه هو. ايتري قدر جو هن کي پنهنجو نالو به لکڻ ڪونه ٿي آيو …. بهرحال مون جھڙن کي اهو انڊين فلم ”اڪبر جوڌاٻائي“ ڏسڻ تي معلوم ٿيو. پر اهو ضرور چوندس ته هن کي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو قدر هو، ان ڪري ته هن جي درٻار ۾ هر وقت نوَ قابل ماڻهو رهيا ٿَي، جيڪي نورتن سڏيا ويا ٿَي: بيربل، فيضي، توڏرمل، مَان سنگهہ، تانسين، ملا دو پيازو، ابو الفضل، عبدالرحيم خان خانان…. ڇھہ سؤ سال گذرڻ بعد به اڄ انهن جو ذڪر هلي ٿو ۽ هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هنن کان واقف آهي. بهرحال اڪبر بادشاهه جي ڏاڏي بابر کي لکڻ پڙهڻ جو ضرور شوق هو، تڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين جو ڪتاب ”بابر ناما“ لکيو، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. بابر نامو جيڪو اصل ۾ بابر ”تزڪِ بابر“ نالي سان ترڪي ٻوليءَ ۾ لکيو، ان جو انگريزي ترجمن ۾ Book of Babur ۽ ”ليٽرس آف بابر“ پڻ نالو آهي. انگريز تاريخدان اسٽيفن فريڊرڪ مطابق بابر جي ترڪ لکڻيءَ ۾ هن فارسي جا به تمام گهڻا لفظ، پهاڪا ۽ شعرَ استعمال ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ بابر نه فقط پنهنجو احوال لکيو آهي، پر ان وقت جي تاريخ، سياست، ايڪانامڪس ۽ جاگرافي جو پڻ احوال لکيو آهي. شهنشاھ اڪبر جي ڏينهن ۾ سندس درٻار جي هڪ رتن عبدالرحيم بابر جي لکيل هن سڄي ڪتاب جو 1589ع ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

شهنشاھ اڪبر جي هڪ ٻئي رتن ابو الفضل ”اڪبر ناما“ لکيو جنهن ۾ اڪبر بادشاھ جي زندگي ۽ راڄ جو احوال آهي. اهڙيءَ طرح بابر جي پٽ همايون جي زندگي تي پڻ هڪ ڪتاب ”همايون ناما“ نالي آهي، جيڪو شهنشاھ بابر جي ڌيءَ شهزادي گلبدن بيگم پنهنجي ڀائيٽي شهنشاھ اڪبر جي چوڻ تي لکيو. هن ڪتاب جو اصل نالو: ”احوالِ همايون پادشاه… جمع ڪردم گلبدن بيگم بنت بابر پادشاه، اما اڪبر بادشاه“ رکيو جيڪو پوءِ ”همايون نامه“ نالي سان مشهور ٿيو. مون وٽ ”همايون ناما“ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون آهن. هڪ اڙدوءَ ۾ جيڪو راشد اختر ندوي جو ترجمو آهي ۽ جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. انگريزي ۾ ترجمي وارو 330 صفحن جو آهي ۽ ترجمو ”انيتي“ (Annette. S. Beveridge) جو آهي.

اسان اسڪول جي ڏينهن ۾ تاريخ جي ڪتاب ۾ همايون جي بيمار ٿيڻ ۽ سندس پيءُ شهنشاھ بابر جي دعا تي صحتمند ٿيڻ جي جيڪا ڳالھ پڙهي هئسين، اها دراصل گلبدن بيگم هن ڪتاب ”همايون ناما“ ۾ لکي آهي. هوءَ لکي ٿي ته سندس ڀاءُ همايون جڏهن ٻاويھ سالن جو ٿيو، ته هڪ دفعي سخت بيمار ٿي پيو. گهڻو ئي حڪيمن جون ستيون ڦڪيون ۽ مولوين جا ڦيڻا ٽوڻا ڪيا ويا پر هن ۾ ڪا بهتري نه آئي. گلبدن ٻڌائي ٿي ته ”همايون کي مرڻ ويجھو ڏسي بابر بيحد گهڻو پريشان ٿي ويو. هو لڳاتار چار ڏينهن همايون جي بستر جي چوڌاري چڪر هڻي رب پاڪ کان اها دعا گهرندو رهيو ته ”منهنجا مولا! تون همايون کي صحت ڏي، ان بدران مون کي پاڻ وٽ گهرائي وٺ.“ اهو هڪ معجزو ٿي ويو جو بابر جي دعا الله وٽ قبول ٿي وئي ۽ پٽ چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. ستيتاليھ سالن جو پيءُ ان بعد يڪدم وفات ڪري ويو.

گلبدن بيگم هن ڪتاب ۾ همايون جي حميده سان شاديءَ جو احوال پڻ لکيو آهي.. مرزا جي تيرهن سالن جي ڀاڻيجي حميده بانوءَ سان پيار ٿي ويو. پهرين ته حميده شهنشاھ سان ملڻ لاءِ به انڪار ڪيو، جو عمر ۾ همايون هن کان گهڻو وڏو هو پر پوءِ حرم جي ٻين عورتن جي سمجھائڻ تي حميده شهنشاھ سان شادي ڪرڻ جي هاڪار ڀري. ٻن سالن بعد 1542ع ۾ هن همايون کي اڪبر نالي پٽ ڄڻي ڏنو، جيڪو مغل حاڪمن ۾ سڀ کان وڏو ۽ مشهور بادشاھ مڃيو وڃي ٿو. گلبدن بانوءَ پنهنجي ڀاءُ همايون جي هن شاديءَ جو احوال ”همايون نامي“ ۾ نهايت چرچائي اندازَ ۾ لکيو آهي.

گلبدن بيگم هن ڪتاب ۾ پنهنجي حج جو به احوال لکيو آهي ته هوءَ ڪيئن پنهنجي ڀاڄائي حميده بانو سان گڏ خشڪيءَ رستي ٽي هزار ميل سفر ڪري مڪي شريف پهتي. رستي تي هنن کي ڪيترائي جبل ۽ رڻ پٽ لتاڙڻا پيا، پر هو بيحد سخت جان عورتون هيون ۽ هنن تڪليفن هوندي به همت کان ڪم ورتو. مڪي ۾ هنن چار سال گذاريا ۽ واپسي تي هو سامونڊي رستي وطن موٽي رهيا هئا ته عدن وٽ سندن جھاز (جيڪو پڪ ڪاٺ جو ۽ سڙهن تي هلڻ وارو هوندو، جو ان وقت آگبوٽ يعني انجڻ وارا جهاز اڃا ايجاد نه ٿيا هئا) ڀڄي پيو. جيسين ڪو ٻيو جهاز ملي تيسين هو ڪيترن مهينن لاءِ عدن ۾ انتظار ڪنديون رهيون. آخرڪار 1582ع ۾ سورت جي بندرگاھ ۾ پهتيون، جتان پوءِ باءِ روڊ آگري آيون. آگري کان روانو ٿيڻ کان موٽڻ تائين هنن کي ست سال لڳي ويا.

اڪبر بادشاھ پنهنجي پڦي ۽ ماءُ جي سفر لاءِ ڪيترائي خذمتگار نوڪر ۽ ٻانهيون ساڻ روانيون ڪيون هيون. انهن سان گڏ ڪيترائي قيمتي تحفا پئڪ ڪرائي ڏنا، جيئن مڪي پهچي اتي جي ماڻهن کي خيرات طور ڏئي سگهن. چون ٿا ته هنن عورتن يعني هندوستان جي شهنشاھ جي والده حميده ۽ ڀيڻ گلبدن کي ڏسڻ لاءِ شام ۽ وچ ايشيا کان ماڻهو مڪي اچي پهتا، جيئن هنن کي به ڪجهہ تحفا ملي سگهن. ظاهر آهي ان وقت جو عربستان اڄ جي عربستان وانگر امير نه هو.

شهزادي گلبدن بيگم 1523ع ۾ ڪابل ۾ ڄائي، جتي ان وقت بابر جي حڪومت هئي. بعد ۾ 1526ع ۾ هن هندوستان فتح ڪيو ۽ پوءِ ڇهن سالن جي ڄمار ۾ گلبدن هندوستان ۾ آئي ۽ اسي ورهين جي ڄمار ۾ 1603ع ۾ وفات ڪئي. وفات وقت هن وٽ شهنشاھ اڪبر جي والده حميده ۽ پهرين زال رقيه سلطانه (هندال جي ڌيءَ) موجود هيون. چون ٿا ته اڪبر کي پنهنجي هن پياري پڦيءَ جي وفات جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هر وقت غمگين رهيو ٿي. پورن ٻن سالن بعد 1605ع ۾ اڪبر بادشاھ به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.

مغل گهراڻي جون ڪيتريون ئي عورتون پڙهيل ڳـڙهيل هيون. گلبدن بيگم به انهن مان هڪ هئي. هوءَ نه رڳو سٺي ليکڪا هئي جنهن ”همايون ناما“ جهڙو ڪتاب لکيو، پر شاعره به هئي. هوءَ فارسي ۽ ترڪي ٻولين ۾ هوشيار هئي. افسوس جو ٻين لکڻين وانگر گلبدن جي شاعري به هيٺ مٿي ٿي وئي. بهرحال گلبدن جي شاعري بابت بهادر شاھ ظفر ۽ مير تقي مير پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻن ٽن هنڌن تي حوالا ڏنا آهن.

(جاري آهي)

____________

 

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close