بيت نمبر هڪ
جهڙي سِڄَ ڪَڪورَ ، تھڙي مَي اکين ۾
ڪينجهرَ ٻنھي ڪنڌيين ، ميون ٽلن مور،
تماچيءَ تنبور، رات وڄايا ريلَ ۾.
بيت جو تفصيل
سر ڪاموڏ داستان پهريون بيت نمبر-٢
رسالو ٻانهون خان شيخ، جلد ٽيون
شاھ سائينءَ جو هي بيت جماليات جي هڪ جھان جو سرچشمو آهي، جنهن ۾ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ جا حسين منظر بہ چٽيل آهن، تہ وري فطرتي منظر نگاري به ڪمال واري انداز ۾ بيان ٿيل آهي. ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي هڪ شام واري روح رهاڻ محفل جو نظارو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پڻ رومانويت سان ڀرپور آهي.
جيڪڏهن سولي ۽ سادي سنڌي لهجي ۾ ڏسجي ته لطيف سائين چوي ٿو:
جھڙي سڄ ۾ اُلھڻ وقت ڳاڙهاڻ هوندي آهي، اها ساڳي ڳاڙهي ڪڪورَ روشني هن مھاڻي يعني نوريءَ جي اکين مان پئي پسجي. نوريءَ جي نگاهن کي سڄ سان تشبيھ پڻ لطيف سائين نڪور انداز ۾ بيان ڪئي آهي، جيڪا جديد دور جي شاعري ۾ بہ ورلي ڪو ڏسڻ لاءِ ملندي.
اڳين سٽ ۾ ڪينجهر جي ٻنھي ڪنارن جا حسين منظر چِٽيندَي چوي ٿو، ڪينجهر جي ڪناري مھاڻين جون ٽوليون مور جي چال وانگر پيون ٽلن ۽ ڦرن. هتي سڄ جي ڳاڙهاڻ وارو وقت ۽ مور جي ٽلڻ وارو استعارو پڻ منفرد ۽ مختلف آهي.
اها ڪيڏي نہ خوبصورت گهڙي هوندي، جنھن ۾ ڄام تماچيءَ جھڙو بادشاھ رات ٽاڻي، تنبورا کڻي ان ڪنڌيءَ ويٺو ڳائي ۽ وڄائي، شاھ سائينءَ جي هن بيت ۾ سونھن، حسن و جمال، رومانويت، خوبصورت تشبيھ ۽ استعاري سان گڏ هڪ بهترين مثالي مفهوم پڻ ملي ٿو، تہ هڪ حاڪم ڪيئن نہ پنھنجن ماڻھن تي ڪرم، محبت ۽ ڀلاين جا ڀال ڪري ٿو! اهو منظر ڏسڻ وٽان آهي.
شال! سنڌ ڌرتي کي بہ اهڙو ڪو حاڪم وري ملي پئي، تہ ڪر ڏکايل ۽ ستايل سنڌ سکي ستابي ٿي پئي.
بيت نمبر ٻہ
ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن وهن سر ٻنڌيين ، سڀڪا بدبوءِ هاڻ،
لُڌڙن جيئن لطيف چئي، پاڻيءَ وجهن پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سَمَي سر ڪيو پنھنجي. (شاھ)
بيت جو تفصيل:
رسالو ٻانهون خان شيخ جلد ٽيون
داستان ٻيو بيت نمبر-17
هن بيت ۾ شاھ سائينءَ نہ صرف ملاحن جو ذڪر ڪيو آهي، پر انھن جي رهڻي ڪھڻي، انھن جي ڪرت وهنوار، اوزار، سامان ۽ انھن جي ڪفيتن ۽ حالتن جو بہ ڪمال واري ڏانء سان ذڪر ڪيو آهي. اهڙن بدبوء هاڻن، غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان راڄ جي ڌڻيءَ سَمَي سردار جي محبت ۽ حجت جو مثال بہ هڪ اعلیٰ ڳڻ آهي، جيڪو لطيف سائينءَ وٽ ئي خوبصورت انداز ۾ ملي سگهي ٿو. بيت جي مٿين ٽن سٽن ۾ ملاحن جي ڌنڌي سامان سودي جي نالن جو ذڪر ٿيل آهي، پر اهي پنهنجي ڪرت سان ڪيترو سچا آهن؟ ان ڳالھ جو مثال پڻ ملي ٿو.
سادي معني ۾ پاڻ جي هن بيت جو مفھوم ڏسون، تہ لطيف سائين چئي ٿو:
جن مھاڻن جو مال مڏي، جمع پونجي، ڪل ملڪيت بس هي چارا يعني رڇ آهن. کارا/ مڇي کڻڻ وارا ٽوڪرا، ڇڄ/ ان ڇاڻڻ وارا ڪانن جا ٺھيل جنهن کي سپ پڻ چيو ويندو آهي، ۽ ڇپريون يعني ڪکن، ڇترن، منن، رسن ۽ ڪاٺن سان ٺهيل ڇاپرا آهن. ۽ جن ماڻهن جي محبت مڇيءَ سان آهي.
هن بيت ۾ ملاحن جي غربت ۽ مڇين سان محبت بيان ٿيل آهي، اهي ماڻهو ڪينجهر جي ڪنڌيء تي رهن ٿا ۽ سڀئي بدبوء هاڻا آهن، انھن مان مڇي جي ککي ڌپ اچي ٿي.
اهي پاڻي جا اهڙا تہ شوقين آهن، جو سڄو ڏينھن لَڌڙن وانگر ڪينجهر جي ڍنڍ ۾ پيا تُڙڳن.
هن بيت ۾ شاھ سائين مھاڻن کي پاڻيءَ جي هڪ جانور ”لُڌڙي” سان تشبيھ ڏني آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ رهي ٿو ۽ مڇيءَ جو شوقين ۽ شڪاري آهي. هيءَ تشبيھ نہ رڳو خوبصورت ۽ منفرد آهي، بلڪ شاھ سائينءَ جي ڳُوڙهي مشاهدي جي شاهد پڻ آهي. مطلب تہ اهڙا ماڻهو جن مان ڌپ ٿي اچي، عام اٻوجھڙا آهن، جن کي ڪير پنھنجي ڀرسان ويھارڻ بہ پسند نہ ڪري، لطيف سائين چئي ٿو تہ ڄام تماچيءَ اهڙن عام ماڻھن جا ماڻا، حجتون، محبتون پنھنجي سر تي کنيون آهن. شاھ صاحب جي هن بيت ۾ هڪ اهڙي وڻندڙ رياست جو تصور پڻ ڏنو ويو آهي، جو هڪ حاڪم ماڻھو انھن تي نوازشون ٿو ڪري، انھن تي پنهنجا ڀال ۽ ڀلايون ٿو ڪري.