هزارا ڪير آهن؟

فاروق بجاراڻي

ڪالھ افغانستان جي شهر ڪابل ۾ هزارا قوم جي هڪ سينٽر تي خودڪش حملي ۾ 32 عورتون فوت ٿي ويون آهن. هزارن تي اهڙي قسم جا حملا ڪا نئين ڳالھ ناهن. ھزارا ڪير آهن انهن تي اهڙا حملا ڇو ٿين ٿا….. اچو ته انھيءَ ڳالھ جو هڪ جائزو وٺون.

ھزارا قوم افغانستان جي بلڪل مرڪز ۾ ست اٺ صوبن ۾ آباد آهي. هزارن جي انهيءَ علائقي کي افغانستان ۾ عام طور تي هزاراجات سڏيو ويندو آهي جنهن ۾ باميان، ارزگان، غور، غزني، وردڪ، سمنگان، جوزجان وغيره صوبن جا علائقا اچي وڃن ٿا. باميان ھزارن جو سڀ کان وڏو مرڪزي شهر آهي. ايراضي جي لحاظ کان هزاراجات افغانستان جي ٽوٽل ايراضي جو اٽڪل 30 سيڪڙو ٿئي ٿو ، ايئن سمجهو تہ هزاراجات جي ايراضي پاڪستان جي پنجاب صوبي جي لڳ ڀڳ برابر آهي پر هزارن جي آدمشماري افغانستان جي حڪومت پاران مُلڪ جي ٽوٽل آبادي جو صرف ڏھ سيڪڙو يعني اٽڪل 40 لک ٻڌايو ويندو آهي پر آزاد ذريعا خود هزارا پاڻ اِنهي انگ کي ڪو نه تسليم ڪندا آھن ، سندن دعوا آهي ته اُھي ڪنهن به صورت ۾ 20 کان 25 سيڪڙو کان گھٽ نه آهن. مذھبي لحاظ کان هزارن جي واضح اڪثريت شيعه آهن پر ڪجهه سني به آهن ، سندن ٻولي دري آهي جيڪا فارسي جو مشرقي لهجو آهي ، افغانستان جي آبادي ۾ پشتونن کان پوءِ 27 سيڪڙو آبادي تي مشتمل ٻيو وڏو نسلي گروھ تاجڪ به اِها ساڳي دري فارسي ڳالهائيندا آهن پر تاجڪ سني مسلڪ جا آهن.

تاريخي طور تي ھزارا منگول نسل جا آهن جنهن جو واضح ثبوت سندن مهانڊا آهن. اصل ۾ هي منگول بادشاهن چنگيز خان (وفات 1227) ، هلاڪو خان (وفات 1265) بعد ۾ اُنھن جي اولاد ۾ ٿيندڙ بادشاهن جا منگول سپاهي هئا، جن کي اُنھن منگول بادشاهن دفاعي ضرورت تحت افغانستان جي مرڪز ۾ واقع اُنھن انتهائي اهم پهاڙي لَڪن يا درن جي حفاظت لاءِ مستقل طور آباد ڪيو ھو، جن مان انتهائي اهم رستا سينٽرل ايشيا کان ڏکڻ طرف ھندستان ، اولھ طرف ايران ويندا هئا. سو اُنھن منگول بادشاهن جو خيال هو ته جيڪڏھن افغانستان جي وِچَ مان گذرندڙ جنگي لحاظ کان اهي انتهائي اهم پهاڙي لنگهہ يا رستا پنهنجي ئي منگول سپاهين جي نسل جي ماڻھن سان محفوظ رهندا ته وقت پوڻ تي منگول فوج جي اچ وڃ ۾ ڪا ڏکيائي نه ايندي.
جڏھن چين کان وٺي ترڪي ماسڪو يوڪرين تائين پکڙيل شاندار منگول سلطنت چنگيز خان جي پوٽن ۾ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي ته منگوليا چين چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان کي مليو، جنهن کي مشرقي خانات جي سلطنت سڏيو ويو ، جڏھن ته سينٽرل ايشيا ۾ سمرقند، تاشقند، افغانستان، ايران، عراق، ترڪي، يوڪرين وغيره تي مشتمل منگول سلطنت چنگيز خان جي پُٽ چغتائي خان، پوٽن هلاڪو خان، برڪي خان کي ملي. جنهن کي مغربي خانات جي سلطنت سڏيو ويندو هو، جنهن جي منگول بادشاهن کي خاقان اعظم جي لقب سان سڏيو ويندو هو. ياد رھي ته خان جو لقب بنيادي طور تي منگولن جي ثقافت جو حصو آهي، جيڪو بعد ۾ ترڪن، ازبڪ، تاجڪ، پشتون، ھندستان وغيره ۾ ھر ھنڌ عزت شان جي علامت طور رائج ٿي ويو.

جڏھن اِنهن مغربي خانات جي سلطنت جي منگول بادشاهن جي اولاد گھڻي ڀاڱي مسلمان ٿي وئي ته افغانستان ۾ آباد هزارا به مسلمان ٿي ويا. وقت گذرڻ سان گڏ جڏھن مغربي خانات جي حڪومت ڪمزور ٿيندي افعانستان سميت ڪيترن ئي علائقن مان ختم ٿي وڃي آخر ۾ تاشقند جي آسپاس وارن علائقن تائين بچي ته افعانستان جا هزارا بلڪل اڪيلا رهجي ويا ڇو ته چوڌاري اهڙين قومن جي گهيري ۾ هئا، جيڪي منگول نسل سان تعلق سبب هزارن کان سخت نفرت ڪندا هئا. جڏهن ھندستان تي مغلن جي حڪومت ھئي ته ھزارا جات جا علائقا ڪڏهن مغلن جي حڪومت ۾ ته ڪڏهن ايراني بادشاهه جي حڪومت ۾ اچن پيا. مغلن کي هڪ نسل هجڻ سبب هزارن سان ڪجهه همدردي هوندي ھئي ڇو ته سمرقند جو بادشاهه امير تيمور لنگ مغل بادشاه بابر جو پڙڏاڏو هو ، وري چنگيز خان کان پنج ڇهه پيڙهيون مٿي چنگيز خان تيمور لنگ هڪ ڏاڏي جي اولاد ٿي ويندا هئا. ٻئي طرف ايراني بادشاهن کي به شيعه ھجڻ سبب ھزارن سان همدردي ھوندي هئي ، مغل ايراني ٻئي ھنن جي علائقي ۾ گھڻي مداخلت نه ڪندا هئا ، بس رڳو مرڪزي حڪومت طرفان مقرر ساليانو خراج بادشاه کي ڏيندا هئا پر باقي اندروني معاملن ۾ هزاره خود مختيار هوندا ھئا.

اصل مسئلو تڏهن شروع ٿيو جڏهن 1747 ۾ احمد شاهه ابداليءَ مغلن ايرانين جي ماتحتي کان مڪمل آزاد ٿي موجوده حالت ۾ قائم آزاد افعانستان تي پشتون سلطنت جو اعلان ڪيو. ھاڻي ھزارن ۾ خوف واري حالت پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي ڇو ته ھزارن جي نسل مسلڪ سبب پشتون سندن ڪٽر دشمن هُئا ، سو اُنھن ڪٽر دشمن پشتونن جي ھاڻي ھزارن مٿان حڪومت قائم ٿي وئي هئي.

افغانستان تي پشتون دراني حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ پٺاڻن ھزارن کي ٿورو گهڻو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو پر ھزارن به مزاحمت ڏيکارڻ شروع ڪئي. ھزارن جو اهو مطالبو هو ته جيئن مغل ايراني خراج جي بدلي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا هئا تيئن پشتون به ساڳي روايت برقرار رکن ته اسان احمد شاهه ابداليءَ جي بادشاهي ﺩﻝ سان تسليم ڪندا رهنداسين، ضرورت پوڻ تي بادشاهه جي ھر ممڪن مدد به ڪندا رهنداسين. جيئن ته احمد شاهه ابداليءَ هڪ قابل سمجهدار فوجي جرنيل بادشاه هو جيڪا ڳالهه ابدالي جا بد ترين دشمن ھندستان جا مرھٽا به اڄ تائين تسليم ڪندا آهن، سو ابدالي صدين کان جاري پشتون هزاره نفرت کي هڪ پاسي رکي پنهنجو سياسي تدبر استعمال ڪندي ھزارن جي دوستي کي پنهنجي سلطنت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ڇو ته ابدالي جي نظر ھزارن جي اُتر اوڀر ۾ واقع اُنھن علائقن کي فتح ڪرڻ تي هئي، جيڪي اڄ افغانستان جو حصو آھن. سو ابدالي کي چڱي طرح خبر ھئي ته جيڪڏھن اهي علائقا يا اُنھن کان اڃان مٿي سمرقند بخارا جا علاقه فتح ڪرڻا پيا ته اُنھن ڏانهن ويندڙ سڀ رستا هزاراجات مان ئي لگهندا آهن، سو بجاءِ ھزارن سان هروڀرو جي دشمني پالڻ جي اُنھن سان دوستي رکي پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪجن، ڇو ته ابدالي سمجهيو پئي ته ھزارن سان دشمني جي نتيجي ۾ سندس ڪو به پشتون فوج جو لشڪر هزاره جات مان سلامتي سان نه لنگهي سگهندو. انھي پاليسي تي ابدالي ڪامياب به ويو ، هزاره جات کان مٿي واقع بلخ، مزار شريف، قندوز، وغيره سميت آمُو درياهه تائين تاجڪ ازبڪ قومن جا ڪيترائي نوان علائقا فتح ڪري افغانستان ۾ شامل ڪيا.

ابدالي کان پوءِ سندس پُٽ پوٽن به ھزارن بابت حڪومتي سطح تي اِها ئي سياسي پاليسي جاري رکي. سو مقامي سطح تي پشتون ھزارن جي ڪجهه ننڍي ليول تي جهڳڙن کان سوا باقي سڪون ئي رھيو.

سال 1823 ۾ افغانستان تي احمد شاهه ابداليءَ جي اولاد جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. ھاڻي بادشاهي ابدالي قبيلي جي هڪ ٻي شاخ بارڪزئي طرف هلي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پهريان ٽي سال سلطان محمد خان جي حڪمراني کان پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ امير دوست محمد خان بارڪزئي افغانستان جو بادشاهه ٿي ويو. احمد شاهه ابدالي پنهجي ابدالي قبيلي جي صدوزئي شاخ مان هو. امير دوست محمد خان سندس وڏو ڀاءُ فتح علي خان احمد شاهه ابداليءَ جي پوٽن زمان شاهه، شاهه محمود، شاهه شجاع، ايوب شاهه جا وزير خاص ماڻھو هوندا هئا، جن محلاتي سازشون ڪري احمد شاهه ابدالي جي انهن پوٽن کي تخت لاءِ پاڻ ۾ ويڙهائي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو جو آخر ۾ اُنھن کي ڪڍي پاڻ بادشاهه ٿي ويهي رھيا.

امير دوست محمد خان پنهجي دؤر ۾ ھزارن تي ڪجهه سختي شروع ڪئي، جيڪا پشتونن جي پراڻي خواهش به ھئي ڇو ته عام افغاني پنهنجي شاھ بابا يعني احمد شاهه ابداليءَ سندس پُٽ پوٽن جي حڪومت دوران طاقت ھوندي به ھزارن خلاف ڪا وڏي ڪارروائي نه ڪرڻ جي پاليسي تي خوش نه ھوندا ھئا. ان ڪري امير دوست محمد خان عام افغانين کي خوش ڪرڻ لاءِ هِڪُ دفعو پنهجي هڪ سردار حاجي خان ڪاڪڙ کي لشڪر ڏئي هزارا جات تي چڙهائي لاءِ موڪليو، جيڪو اُنھي وقت جي هڪ هزاره سردار يزدان بخش کي خاندان سميت گرفتار ڪري ڪابل ﻭﭠﻲ آيو، جتي بعد ۾ قتل ڪيو ويو. بهرحال انھي کان اڳتي معاملو نه وڌيو ، وري چُپ چاپ ٿي وئي.

سال 1880 ۾ جڏهن امير دوست محمد خان جو پوٽو امير عبدالرحمان خان افعانستان جي تخت تي ويٺو ته هاڻي افغانستان ۾ سندس ڊڪٽيٽر شپ واري مزاج سبب وڏا مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا. سڀ کان پهرين امير عبدالرحمان خان قبائلي سردارن جي طاقت ختم ڪري افعانستان تي هڪ مضبوط مرڪزي ڪابل حڪومت جو خواهشمند ھو ڇو ته اُنهيءَ وقت به قبيلن جا سردار پنهنجي علائقن جي اندروني معاملن ۾ آزاد ھوندا هُئا، جن تي بادشاهه جي ڪا مداخلت نه ھوندي ھئي. اُهي سردار بادشاهه کي صرف مقرر ٿيل سالياني ٽيڪس ڏيندا هُئا يا وقت پوڻ تي لشڪر لاءِ سپاهي فوجي مدد ڏيندا هئا. احمد شاهه ابداليءَ جي دور ۾ به اهو ئي نظام هلندو ھو. جڏهن امير عبدالرحمان خان پنهجي حڪومتي خاڪي کي عملي جامو پهرائڻ شروع ڪيو ته اڪثر پشتون سردار بادشاهه جي مخالفت تي لھي آيا. يوسفزئي، مهمند، شنواري، غلزئي سميت ڪيترن ئي قبيلن جا سردار امير جي حُڪم تي قتل ڪيا ويا. اُنھيءَ پاليسي تحت ھزارن جو به وارو اچڻو هو ، سو امير عبدالرحمان پنهجي پشتونن خلاف ڪارروائي کان فارغ ٿي ھاڻي ھزارن کي پنهجي سڌي ماتحت ڪرڻ لاءِ هزاره جات ۾ مداخلت شروع ڪئي. هزاراجات ۾ ننڍا ننڍا افغان فوج جا لشڪر مختلف علائقن ۾ تعينات ڪرڻ شروع ڪيا، جن ھزارن جي اندروني معاملن ۾ سِڌي مداخلت شروع ڪئي. ھزارن بادشاهه سان شڪايت ڪئي ته اهڙو عمل توھان جي شاهه بابا (يعني احمد شاهه ابداليءَ)سان ٿيل اسان جي وڏڙن جي معاهدن جي خلاف ورزي آهي. اُنهيءَ تي امير کين اهو جواب ڏنو ته شاهه بابا جي ڪيل ھر ڳالھ معاهدن لاءِ لک احترام پر مان ھي پاليسي صرف هزارا جات لاءِ ته ناهي اختيار ڪئي بلڪه مقامي سردارن جي طاقت اثر رسوخ کي ختم ڪري ڪابل سرڪار جي ماتحت ڪرڻ جي ڪارروائي جي شروعات ئي پهريون پنهنجي پشتونن کان ڪئي آهي. جيڪي پشتون انڪار ڪن پيا اُنھن جي سردارن کي سخت سزائون ڏئي قتل به ڪرايا آهن. سو انھيءَ پاليسي تحت جڏهن مان پنهنجي پشتونن کي به معاف نه ٿو ڪيان ته توھان سوا سؤ سال اڳ شاهه بابا جي ڪيل معاهدن جا حوالا ڏيئي پنهجي جان نه ٿا ڇڏائي سگهو ، سو يا ته اطاعت ڪيو ، ٻي صورت ۾ ڀرپور فوجي ڪارروائي ٿيندي.

هزارا جات ۾ امير جي ويجهن عزيزن جي سربراهي ۾ موڪليل پشتون لشڪرن ھزارن جي ھر مسئلي ۾ مداخلت ڪري سختي شروع ڪئي ، ھزارن ۾ هڪ ٿوري تعداد سني مسلمانن جي به آهي، سو سڀ کان پهرين افغان فوج اقليتي سني ھزارن تي ھٿ رکي اڪثريتي شيعه ھزارن سان ويڙهائڻ شروع ڪيو. ھزارن جون زمينون ضبط ڪري غلزئي پٺاڻن کي ڏيڻ لڳا ، اُنھن جي امام بارگاهن ۾ سني مولوي مقرر ڪرڻ لڳا، اُنھن جي عورتن جي بي حرمتي شروع ڪئي وغيره وغيره….. آخر ڪار ھزارن به سرڪاري فوج خلاف سخت مزاحمت جو فيصلو ڪيو ، سڄي هزاره جات ۾ سرڪاري فوج جون ھزارن سان باقائده هٿيار بند جهڙپون شروع ٿي ويون. جڏهن امير عبد الرحمان خان کي خبر پئي تہ ھزارن به ھاڻي هٿيار بند مزاحمت شروع ڪري ڏني آهي ته امير مذھبي عالمن کان ھزارن جي شيعه ھجڻ سبب ڪافر هجڻ سندن خلاف جهاد جون فتوائون جاري ڪرايون. انهن ڪُفر جي فتوائن سان گڏ پشتونن جي پراڻي نفرت سبب ھزارن تي چئني پاسن کان حملا ڪرڻ لاءِ 1892 ۾ ڏيڍ لک پشتونن جو لشڪر تيار ٿي ويو، جن ھزارن تي اُھي ظلم ڪيا جو بيان کان ٻاهر آهن ڇو ته هاڻي افغانستان جا پٺاڻ ھزارن جي نسل ڪشي تي لهي آيا هُئا. ھزارن به ڀرپور مزاحمت ڪئي ، پٺاڻن جي لشڪر جا هزارين سپاهي قتل ڪيا، پر پٺاڻ لشڪر تمام گهڻو هو ، سو اڪثر هزاره جان بچائڻ لاءِ پهاڙن تي چڙهي ويا.

انھيءَ لشڪر ڪشي ۾ ھزارن جي مُک سردار عظيم بيگ سميت ڪيترائي عام سردار عام هزاره وڏي تعداد ۾ قتل ڪيا ويا ، ھزارن جون عورتون نوجوان ڇوڪرا غُلام بڻائي سڄي افعانستان ۾ فروخت ڪيا ويا. پٺاڻن جي لشڪر جو به وڏو جاني مالي نقصان ٿيو. سو بچيل لشڪر اهو سمجهي واپس ڪابل هليو ويو ته ھاڻي ھزارن کي سرڪشي جي طاقت ئي ڪو نه ٿيندي پر جيئن بادشاهه جو لشڪر هزاره جات مان واپس ڪابل طرف نڪتو ته جلد ئي هزاره پهاڙن تان لھي وري ٻيھر پنهجن علاقن تي قبضا شروع ڪيا. اِها خبر ٻُڌي امير عبدالرحمان خان حيران ٿي ويو ته هيڏي ساري هاڃي کان پوءِ به هزاره وري بغاوت تي لهي آيا آهن.

1893 ۾ وري ٻيهر هزاره جات تي هڪ وڏو لشڪر موڪليو ويو. جڏهن ھزارن کي انهيء لشڪر جي اچڻ جي خبر پئي ته ھزارن فيصلو ڪيو ته ھاڻي آر يا پار جي جنگ ٿيندي ، ھاڻي جيڪو لشڪر اَچي پيو اهو اسان جي قوم جي آخري ماڻھو جي قتل کان اڳ واپس ڪو نه ويندو ، سو همت ڪيو جنگ جو ڪهڙو به نتيجو نڪري پر ھر ھزاري کي آخري ساهه تائين پٺاڻن جو مقابلو ڪرڻو آهي. نيٺ بادشاهه جو لشڪر پهچي ويو ، ھزارن به مٿان پهاڙن کان ڀرپور حملا ڪيا، جيئن جيئن لشڪر هزاره جات جي سوڙهن لڪن ۾ داخل ٿيندو ويو پويان هزاره به مٿان گهيرو ڪري سندن رسد يا واپسي جا رستا به بند ڪندا ويا. ھن ڀيري بادشاهه جو لشڪر بري طرح ڦاسجي ويو. سندن جنگ کٽڻ جي ڪا اميد نظر نه پئي آئي ، کٽڻ ته پري جي ڳالھ پر واپسي جا رستا به ھزارن بند ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن ڪابل ۾ امير کي شاهي لشڪر جي هزاره جات ۾ اهڙي رحم جوڳي حالت جي خبر پئي ته لاچار ٿي امير جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ھزارن ڏانھن صلح جو پيغام موڪليو. امير جي اهڙي آڇ کي ھزارن به قبول ڪري امير جي درخواست تي امير جي بچيل ڦاٿل لشڪر کي ڪابل ڏانھن واپسي جو محفوظ رستو ڏنو. اُنھي سان گڏ امير عبدالرحمان خان ھزارن جي سردارن کي ڪابل اچڻ جي دعوت به ڏني ته جيئن آمهون سامهون ويهي ڪري مسئلا حل ڪجن پر ھزارا سردارن انهيء خوف کان ڪابل اچڻ کان انڪار ڪيو تہ متان امير ڌوڪو ڏئي ڪابل گھرائي کين قتل نه ڪرائي ڇڏي. پر امير جو چوڻ هو ته ھن ڀيري هزارا سردارن سان مان پاڻ روبرو ويهي سڀ مسئلا حل ڪندس ڇو ته امير کي خبر پئجي چڪي ھئي ته سندس پٺاڻ سردارن ھزارن سان پنهنجي تاريخي نفرت سبب ھزارن جي ڳالهين کي غلط رنگ ڏيئي امير کي پيش ڪندا رهيا ته جيئن امير جي ھزارن تي ڪاوڙ وڌي سندن قتل عام جو اعلان ڪري ته جيئن هو ھزارن تي پنهجي پراڻي باھ کي ڪڍي سگهن، جنھن جي کين شاهه بابا به اجازت نہ ڏﻧﻲ هئي. سو ھاڻي امير ڪنھن به صورت ۾ ھزارن سان پنهجي پشتون سردارن جي نياپن ذريعي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو. امير عبد الرحمان خان هزاره سردارن کي سلامتي جي ھر قسم جي گارنٽي ڏيڻ لاء تيار ھو پر ھزارا سردارن کي ھر حال ۾ ڪابل اچي امير جي آمهون سامهون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، نياپن يا قاصدن ذريعي بلڪل به نه. ھزارا سردارن امير جي ڪجهه خاص پٺاڻ سردارن جا نالا امير ڏي موڪليا ته هي سردار اسان ڏي ضمانت طور موڪلي ڏيو، جيڪي اُنهيءَ وقت تائين اسان وٽ ضمانت طور قيد هوندا. جيتري تائين اسان امير سان ملاقات ڪري واپس پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي نه اچون. امير ھزارن کي ڪابل گهرائڻ لاءِ ھزارن جي رکيل ايڏي ڏکي شرط به قبول ڪري پنهجي سردارن کي ضمانت طور ھزارن ڏانھن موڪلي ڏنو. هزارا سردار ڪابل پھتا ، پنهجا مسئلا شرطون بادشاهه اڳيان رکيون ، امير کي هزاره سردارن قسم کڻي يقين ڏياريو ته اسان امير جي حڪومت جي خلاف ناهيون پر توھان جي پشتون سردارن اسان تي پراڻي نسلي بغض ۾ ظلم جا پهاڙ ٽوڙي اسان جي نسل ڪشي تي لهي آيا آهن، توھان پنھنجي عالمن کان فتوائون ڏياري شيعه ھجڻ جي ناتي اسان کي ڪافر قرار ڏياري ھزارن خلاف جهاد قتال جو اعلان ته ڪرايو. وري بعد ۾ توھان جي پٺاڻ سردارن اسان جي هزاره قوم جي اقليتي سني مسلڪ جي ھزارن کي پاڻ سان ملائي اڪثريتي شيعه ھزارن خلاف جنگ لاءِ به تيار ڪيو جيڪِي انهي خونريزي ۾ اسان جي خلاف توھان جي پٺاڻن جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا پر توھان جي پٺاڻ سردارن آخر۾ اُنھن پنهنجي مددگار سني ھزارن کي به قتل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. حالانڪه قتل جهاد جي فتوا ته صرف شيعه ھزارن خلاف هُئي، وفد ۾ شامل سني ھزارن جي سردارن به امير سامھون اِنهي ڳالهه جي تصديق ڪئي جنهن تي امير حيرت ۾ پئجي ويو ته کيس انهي ڳالهه جي اڄ خبر پئي آھي. ھزارا سردارن جي وفد امير کي وڌيڪَ ٻڌايو ته توهان جا پٺاڻ سردار توھان کي اسان جي متعلق ڪُوڙِيُون خبرون ٻڌائي گمراهه ڪندا رھيا جنهن جي ڪري هيڏي وڏي خونريزي جي نوبت آئي.

امير سندن انهيء مؤقف جي تائيد ڪئي ته سندس پٺاڻ سردارن ھزارن بابت کيس صحيح صورتحال نه ٻُڌائي ، انهيء جي ڪري ته توھان کي روبرو ملاقات لاءِ ڪابل گهرايو آهي ، سو جيڪي ڳالهيون توھان اڄ ٻڌايو پيا اُنھن مان اڪثر منهنجي سردارن ڪڏهن به ڪو نه ٻڌايون هيون.

آخر ۾ امير عبدالرحمان خان هزاره سردارن جا سڀ مطالبا منظور ڪري کين قيمتي تحفا ڏئي واپس هزاره جات روانو ڪيو ڇو ته امير کي هاڻي احساس ٿي چڪو هو ته افغانستان جي دل ۾ جتي هزاره جات آهي اُنهيءَ ۾ امن نه هجڻ جي صورت ۾ ڪابل جي امير جي بادشاهي قائم نه رھي سگهندي ڇو ته ڪابل کان هرات ، قنڌار ، ايران ، بلخ ، بخارا سمر قند ويندڙ سڀ رستا هزاره جات مان گذرن ٿا ، سو ھزارن سان جنگ سبب واپاري قافلن جا به رستا بند ٿي ويا هئا جنهن جي ڪري مُلڪي خزاني جي آمدني کي به وڏو نقصان پھتو آهي

ھاڻي امير کي پنهنجي شاهه بابا جي اُھا سياسي حڪمت عملي به سمجهه ۾ اچڻ لڳي هُئي، جنھن تحت ھن ھزارن سان نه ڦٽائڻ جي تاڪيد ڪئي ھئي

1891 کان 1893 تائين جاري رهندڙ انهن پشتون هزاره جنگين ۾ چيو وڃي ٿو ھزارن جي تقريبن اڌ آبادي قتل ڪئي وئي هُئي ، ھزارن جا اٽڪل 15 ھزار خاندانن جان بچائڻ لاءِ افغانستان کان ايران برٽش انڊيا ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي جيڪي اڄ تائين ڪوئٽه ۾ رهن ٿا. پاڪستان ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ فوج جو ڪمانڊر ان چيف جنرل موسا خان، پاڪستان تحريڪ جي هِڪ اڳواڻ قاضي محمد عيسا جو تعلق به افغانستان مان لڏ پلاڻ ڪري آيل اُنھن هزاره خاندانن سان هو. جنرل موسا خان شيعه ھزارو هو ته وري قاضي محمد عيسا سني ھزارو هو. اڄڪلهه ميڊيا تي مشهور جسٽس قاضي فائز عيسا سندس پُٽ آهي.

مٿي ڏنل افغانستان جي نقشي ۾ هزاره جات جو علائقو ڏسڻ سان آساني اندازو ٿئي ٿو ته سڄي افغانستان جي مرڪز يعني افغانستان جي دل ۾ هزارن جو علائقو پشتونن جي دل تي ڪيئن مڱ ڏري رهيو آهي، جنهن جي چوڌاري افغانستان جا سَڀ وڏا شهر واقع آهن ، جيئن اوڀر ۾ ڪابل، ڏکڻ ۾ قنڌار غزني ، اولھ ۾ هرات ، اُتر ۾ مزار شريف بلخ قندوز جهڙا وڏا شهر جن ڏانھن آمدرفت جا سڀ رستا به ھزارن جي علائقن مان لنگهن ٿا. سو اهڙي صورتحال ۾ عام پٺاڻن جو ھزارن کي دل سان قبول ڪرڻ ڪڏهن ممڪن نہ ٿو لڳي، سو ھزارن تي تازو ڪابل ۾ ٿيندڙ حملي جھڙا واقعا اڳتي به ٿيندا رهندا.

ٻي تصوير 1879 ۾ هڪ انگريز جي ورتل آهي جنهن ۾ اُنھيءَ وقت جا هزاره سردار گروپ جي صورت ۾ ڏيکاريل آهن. آخري تصوير افغانستان جي بادشاھ امير عبدالرحمان خان بارڪزئي جي حياتي جي اصلي تصوير آهي جيڪا هڪ انگريز طرفان ورتي وئي ھئي.

آخر ۾ هِڪ اهم نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اِها آھي ته ھي افغاني پٺاڻ پاڻ ته سنڌ سميت ھر هنڌ آباد ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن پر پنهنجي مُلڪ افغانستان جي سرزمين تي گذريل 700 سالن کان آباد هزاره قوم کي اڄ تائين برداشت نه ٿا ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close