ادب، سماج جو ترجمان هوندو آهي، جنهن وسيلي سماج جي چڱاين ۽ مداين جي پروڙ پوندي آهي، پوءِ اهو لوڪ ادب هجي يا جديد دور جون ادبي صنفون. صدين کان وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي هر ملڪ ۾، هر قوم ۾، ڪي سُڄاڻ ماڻهو، پنهنجي تخليقي قوت وسيلي پنهنجي سماج جو عڪس چِٽيندا رهيا آهن، پنهنجي جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، سوچ ۽ نفسيات جي ترجماني ڪندا رهيا آهن. جديد دور ۾ افسانوي ادب ان ڪارج کي جاندار نموني پئي نڀايو آهي.
افسانوي ادب ۾، سماج جي سچاين ۽ حقيقتن کي ڪُوڙن واقعن ۽ فرضي ڪردارن وسيلي بيان ڪيو ويندو آهي، ان جي انسان دوست رُخن جي ساراھ ۽ واکاڻ ڪبي آهي ۽ مُدي خارج، عوام دشمن، طبقاتي، مذهبي ۽ لساني متڀيد واري روش تي طنز ڪيو ويندو آهي. افسانوي ادب ۽ خاص طور تي ناول، قومن جي دلين ۾، سندن ثقافت جي روشن رُخن جي بچاءُ ۽ واڌ جو حوصلو ۽ اُتساھ پئدا ڪري، ان جي هاڃيڪار پهلوئن کي پاڙان پٽڻ جي ترغيب ڏيندو آهي.
اهڙو ئي هڪ ناول، اُردو ٻوليءَ جي ليکڪ ڪرشن چندر "ایک گدهے کی سرگزشت” جي نالي سان لکيو، جيڪو پهريون ڀيرو اڄ کان پنجاھ سال اڳ سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڇپيو هو. ان ناول کي يوسف سنڌي، ’هڪ گڏھ جي آتم ڪهاڻي‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي، جنهن کي نئون نياپو اڪيڊمي پاران 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
ان ناول جو مرڪزي ڪردار هڪ گڏھ آهي، جيڪو انسان جي ٻولي ڳالهائي سگهي ٿو. هي گڏھ پهريان هڪ ڪنڀار ڌنوءَ وٽ سِرون ڍوئي ٿو، ڪجھ وقت کان پوءِ اُن وٽان تڙجي، ڪي ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن رُلِي، نيٺ وڃي ڍڪ ۾ قابو ٿئي ٿو، جتان ان کي رامو ڌوٻي خريد ڪري گهر آڻيندو آهي. هتي ناول ۾، رامو ڌوٻيءَ جي غربت، اڻپورين خواهشن، سندس زال ۽ ٻارن جي معاشي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي، گڏھ، ڳچ وقت رامو ڌوٻيءَ وٽ رهي ٿو، صبح ۽ شام رامو ڌوٻيءَ جي گهر ۽ جمنا جي ڪنڌيءَ تائين ڪپڙا ڍوئي گذارو ڪري ٿو. هڪ ڏينهن ان جي مالڪ، رامو ڌوٻيءَ کي، جمنا نديءَ ۾ ڪپڙا ڌوئيندي، واڳون چيري ڦاڙي ماري ڇڏيندو آهي. راموءَ جي مرڻ کان پوءِ، هڪ پاسي سندس گهر ۾ اڻهوند جي بُڇڙي بلا ڪاهي ايندي آهي، ان جي زال ۽ ننڍڙا ٻار لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿيندا آهن، ته ٻئي پاسي راموءَ جا گراهڪ تعزيت جي بهاني ان جي گهر اچي، سندس بيواه زال کان پنهنجي ڪپڙن جي گُهر ڪري کيس پريشان ڪندا آهن. ان جاءِ تي ليکڪ، پٿر جو دليون ميڻ ڪرڻ جي قوت رکندڙ، نهايت ئي پُراثر مڪالمو لکيو آهي:
”مون کي انهن ماڻهن جي اها حالت ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. اسان گڏهن مان ڪوبه مري وڃي ٿو، ته اسين ان جي زال ۽ ٻارن سان اهڙي هلت نه هلندا آهيون، پر ان جو سبب شايد اهو آهي ته انسان اشرف المخلوقات آهي“ (ص:18)
گڏھ پنهنجي مالڪ جي زال ۽ بُکين ٻارن جي اها حالت ڏسي نه سگهندو آهي ۽ انهن جي سهائتا لاءِ سرڪاري آفيسن ۾ رُلندي رُلندي هندستان جي ان وقت جي وزير اعظم پنڊت جواهر لال نهروءَ سان ملاقات ڪندو آهي. نهرو ان سان سُٺي نموني پيش ايندو آهي ۽ ذاتي طور تي رامو ڌوٻيءَ جي ڏکايل ڪُٽنب لاءِ، سئو روپيا مدد طور به ڏيندو آهي، پر حڪومتي سطح تي سندن مدد ڪرڻ کان معذرت ڪندو آهي.
نهروءَ سان گڏجاڻي ڪرڻ ڪري، گڏھ وڏي شهرت ماڻيندو آهي ۽ ميڊيا ان کي وزير اعظم جي دوست طور مشهور ڪندي آهي. اها شهرت گڏھ جي ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي، ان کي واپاري طبقي جي موقعي ۽ مفاد پرستيءَ جي ٽڪساٽ ۾ ڦاسائي ڇڏي ٿي. وڏا وڏا واپاري، سيٺ، ٺيڪيدار ان کي پنهنجن بنگلن ۾ رهائي ان جي مهماني ڪندا آهن ۽ ان کي پنهنجو ڪاروباري ڀائيوار ٿيڻ جون آڇُون ڪندا آهن. انهن سيٺين جون زالون گڏھ جي ٽهل ٽڪور ڪري، وزير اعظم وٽان پنهنجي مڙسن لاءِ منافعي بخش ٺيڪا ۽ پرمٽون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کي منٿون ڪرڻ لڳن ٿيون. ايتري قدر جو هڪ واپاري، سيٺ برجوٽيا، گڏھ کي پنهنجي نوجوان ڌيءَ روپ وتيءَ جو سڱ ڏئي، ان کي پنهنجو ناٺي بڻائڻ جو ڪوشش ڪري ٿو. ان کان پوءِ گڏھ کي حُسن جي مقابلي ۾ جج بڻائي، مس انڊيا جي چونڊ ڪرڻ جو چيو ويندو آهي.
ويچارو گڏھ ڪنهن ريت سيٺن ۽ واپارين کان جند ڇڏائي ڀڄي ٿو ۽ اديبن جي هڪ محفل ۾ پهچي ٿو. اديب، گڏھ کي هڪ وڏو شاعر سمجهي، ساڻس ڪچهري ڪن ٿا، پر سيٺ ۽ واپاري پوليس هٿان ان کي گرفتار ڪرائي، ٻيهر پاڻ وٽ قيد ڪن ٿا.
منظم پلاٽ تي، سرجيل هن ناول ۾ جهڙي سهڻي نموني منظر نگاري ڪئي وئي آهي، تھڙا منجهس جاندار ڪردار، پُر اثر مڪالما بيان ڪيا ويا آهن، ناول جي انهن مڙني فني خوبين تي تمام گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو، پر هتي اسان جو موضوع ناول جي فني خوبين بدران ان جي مقصديت ۾ بيان ڪيل ڳالهين جي روشنيءَ ۾ اڄوڪي سماج جي ڀيٽ ۽ تورتڪ ڪرڻ آهي.
هن ناول ۾ بيان ڪيل حالتن کي سامهون رکي، جيڪڏهن اسان هاڻوڪي دور جي سماجي ۽ معاشي حالتن جو جائزو وٺنداسين، ته انتهائي مايوس ڪندڙ نتيجو سامهون ايندو. جيئن اڄ کان ڪيترائي ورهيه اڳ ڌنو ڪنڀار ۽ رامو ڌوٻي بيروزگاريءَ ۽ گهٽ اُجرت ملڻ ڪري، سماجي ۽ نفسياتي محرومين جا شڪار هئا، اڄ به ساڳيءَ ريت ڏهاڙيدار مزور ۽ هاري اڻ ڳڻين مونجهارن ۽ مسئلن ۾ ڦاتل آهن، جيئن رامو ڌوٻيءَ جي مرڻ کان پوءِ، ان جا ٻار بُکيا ۽ بدحال ٿيا، تيئن اڄ به لکين هارين ۽ پورهيتن جا ٻار لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن، جيئن راموءَ جي مرڻ پڄاڻان ان جي ٻارن لاءِ ڪو اجهو ۽ آسرو نه بچيو، تئين اڄ به لکين غريب خاندانن جا يتيم ٻار، روڊن تي پِنندي ۽ فوٽ پاٿن تي سُمهندي ڏسي سگهجن ٿا! جهڙيءَ طرح ناول ۾ سرڪاري آفيسرن، اختيار ۽ حدبندين جا جواز ڄاڻائي، ڌوٻيءَ جي زال ۽ ٻارن جي سهائتا کان جند ڇڏائِي ٿَي، اڄ به سرڪاري ڪامورن جي رَوش ۾ تِر جيترو تفاوت نہ ٿو ڏسجي. غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ ساڳيا گوٿنات ۽ بهانا اڄ به اسان جي سماج جي غريب دشمنيءَ کي وائکو ڪري رهيا آهن. جيئن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته سرڪار وٽ غربت ۽ اڻهوند جي ماريل عوام لاءِ، ڪا چٽي پاليسي نه هئي، تيئن اڄوڪيون نام نهاد جمهوري حڪومتون به بيروزگاريءَ جي ماريل عوام جي سماجي ۽ معاشي حالت جي سُڌاري لاءِ، ڪنهن ٺوس ۽ جامع منشور کان وانجهيل آهن. سرڪار تي قابض ڌُريون ۽ سياسي پارٽيون، مهانگائيءَ ۾ چيلھ چٻي ٿيل عوام جي مسئلن کي، سندن جذبن کي گرمائي، چونڊ کٽي، اقتدار تائين پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ طور ڪتب آڻين ٿيون. حڪومت هجي يا اپوزيشن عوام کي رڳو رڍن جي ڌڻ جيان هيڏانهن هوڏانهن هڪلي، دوکي ۽ دولاب ۾ رکندا آهن ۽ کين کائڻ لاءِ فقط ايترو ڏيندا آهن، جيئن هو جلسن ۾ اچي نعرا هڻي سگهن ۽ منجهن پولنگ اسٽيشن جي قطار ۾ بيهڻ جي قوت باقي رهي.
ڪرشن چندر، هن ناول ۾ واپاري طبقي جي موقعي پرست نفسيات کي تمام سُٺي نموني وائکو ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ، هڪ گڏھ سان دوستي ۽ مائٽي ڳنڍڻ کان بہ نہ ٿا ڪيٻائين. ناول جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اڄوڪي سماج تي نظر ڦيرايون ٿا ته اُچرج وٺيو وڃي، ايڪهين صديءَ ۾ هن طبقي جي موقعي پرستي ته تهائين چوٽ چڙهي وئي آهي. پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ، هي طبقو ڪهڙي حد تائين وڃي سگهي ٿو؟ ان سوال جو ڪو حتمي جواب مُمڪن جي حد کان گهڻو ڏور نڪتل آهي. سيٺ ۽ واپاري پنهنجي ناڻي ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ بازارن ۾ نقلي کير، بيدا ۽ چانور ٺاهي وڪرو ڪري ٿو، جنهن جي واهپي سان عوام موذي مرضن ۾ وٺجيو وڃي، وري کيس علاج طور سرڪاري اسپتالن ۾ مُدي خارج ۽ خانگي اسپتالن ۾ نقلي دوائون ملن ٿيون! هي طبقو اٽي، کنڊ، دال ، ڀاڄين جي هٿراڌو کوٽ پئدا ڪري، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ کي جنم ڏئي ٿو، جنهن مان سندس شُتر بي مهار هئڻ جي ثابتي ملي ٿي. اهڙي انڌير جي خلاف عوام ڪهڙي در تي دانهن ڏئي سگهي ٿو؟ ان ڀوائتي نظام ۾ اڻهوند جي ماريل عوام لاءِ، ڪنهن قانوني سهاري ۽ عدالتي عدل ۽ انصاف ملڻ جي اُميد اُڻٽيھ اونداهيءَ جهڙي نا اميديءَ ۾ بدلجي وئي آهي.
اقتدار جي اعليٰ ايوانن کان وٺي، اعليٰ عدليا تائين، مڙئي ادارا ان ظالم رت پياڪ طبقي جي هٿ وس آهن. هو جيئن چاهين، انهن ادارن کي پنهنجي مفاد جي بچاءُ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. جيڪڏهن توهان ان ڳالھ کي حقيقت مڃڻ کان انڪاري آهيو، ته بحريا ٽائون تي هلندڙ ڪيس جو عدالتي حڪم نامو پڙهو يا ڪراچيءَ جي بلديا ٽائون ۾ ساڙي ماريل سوين پورهيتن جي قتل ڪيس جي فيصلي تي عمل درآمد ڏسو!
ناول ۾ اديبن جو تذڪرو ڪيل آهي، جنهن ۾ اديبن جي ڪتابن پڙهڻ کان پري هئڻ ۽ رڳو لِک لکان تي زور ڏيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، ادبي تنظيمن ۾ نوجوانن جي نظر اندازي، سينيئر جي مُهر لڳل، جسماني توڙي نفسياتي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جي اجاره داري، چٽي فڪر ۽ واضح تصور بدران متضاد ڳالھين سان ڀريل ڪتابن وسيلي پڙهندڙ کي مُنجهائي مارڻ وارن اديبن تي طنز ڪندي، ڪرشن چندر لکي ٿو: ” هي نوراني صورت وارو شري گن اند ناٿ ناگپال آهي، جيڪو هنديءَ جو سڀ کان وڏو ناول نگار آهي. سندس ڏھ ناول لکيل آهن. هن جي ناولن جي خاص ڳالھ اها آهي، ته جيڪا ڳالھ هڪ ناول ۾ چوندو آهي، ٻئي ۾ پاڻ ئي ان جي ترديد ڪندو آهي. هن جي سڄي زندگي پنهنجي لکيل شين جي ترديد ۾ گذري وئي آهي“ (ص:94)
ساڳي صورتحال هن وقت سنڌي اديبن ۽ ادبي تنظيمن جي آهي، جيڪي بيٺل پاڻيءَ جيان ڌپ ڪري ويا آهن. ورهاڱي کان اڳ لکيل ناول ۽ افسانن جو اڀياس ڪيو، گوبند مالهي، موهن ڪلپنا ۽ ٻين جي ناول ۽ افسانن ۾ ٻولي، اسلوب، مڪالما، منظر نگاريءَ ۾ هڪ جدت ۽ نواڻ نظر ايندي. ورهاڱي کان پوءِ، آغا سليم، امر جليل، قمر شهباز، حميد سنڌي، سراج ميمڻ ۽ نسيم کرل جي ناول ، افسانن ۽ ڊرامن جا ڪردار، سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار نظر ايندا ۽ انهن ۾ بيان ڪيل مقصديت ۽ فڪر، چٽو ۽ واضح ملندو، انهن جي لکڻين ۾ فڪري تضاد ورلي نظر ايندو. رسول بخش پليجي، ابراهيم جويي، مولانا غلام محمد گرامي، الهداد ٻوهيي ۽ ٻين جي مقالن ۽ مضمونن ، ڪتابن جا فڪري رُخ سنوان سڌا ۽ جانبدار هوندا هئا، ٻولي سولي ۽ ٻهراڙيءَ جي اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن سان پُر هوندي هئي. اُن وقت جي ادبي مخزنن، ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ روح رهاڻ ۾ ڇپيل ادب ۾ اظهاريل خيالن جي تازگيءَ مان دل کي فرحت ملندي هئي، انهن مخزنن، سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي جديد ادبي تحريڪن، ادبي لاڙن ۽ نون لکندڙن جو واڌارو ڪيو. اها ته ٿي ماضيءَ جي ڳالھ پر هن وقت صورتحال اها آهي، جو جيڪي ڪتاب ڇپجي بازار ۾ اچن ٿا، انهن ۾ اڻ ڳڻيون فني ۽ فڪري ڪچايون هجن ٿيون، جن جي ڪري پڙهندڙ جو پڙهڻ تان ارواح کڄي ويندو آهي! ناول جي ٽائٽل سان ڇپيل ڪتابن ۾ ناول جي فني ۽ فڪري گهرجن بدران ذاتي رنجشن ۽ محرومين جون ڪٿائون هونديون آهن. مون ڪيترائي اهڙا ڪتاب پڙهيا آهن، جن تي ڇپيل ٽائٽل سان اندر موجود مواد جو ڪو لاڳاپو نه هوندو آهي. افسانن جا مجموعا، جن ۾ پنج ڇھ ماهرن جا رايا به ڏنل هوندا آهن، پر افسانن ۾ پلاٽ نه منظر نگاري، مافوق البشر ڪردار، اڍنگا مڪالما، مقصديت جي مُنڍي نه پير! تنقيدي ادب ڏسو، جنهن ۾ ادبي تنقيد جي مڃيل اصولن جي اُبتڙ ادبي شاھپاري بدران اديب کي سامهون رکي، تنقيد ڪئي پئي وڃي، يا ته اجائي ساراھ جا ڍڪ ڀريل هوندا يا وري خوبين کي به خامين ۾ بدلائڻ جي ڪيمياگري ٿيل هوندي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر تحقيق جي موضوع تي لکيل ڪتابن ۽ مقالن ۾ ساڳين پُراڻين ڳالهين کي ڪٽ پيسٽ ڪري ورجائڻ جو رواج آهي، سندس ڏنل حوالن مان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو، تنهن جي ڄاڻ خود محقق کي به نه هوندي آهي
ادبي تنظيمون، ادب جي واڌ ويجھ لاءِ ڪم ڪرڻ بدران سياست ڪري رهيون آهن. ادبي ڪانفرنسن جي اسٽيجن تي گذريل ٽن ڏهاڪن کان ساڳين ماڻھن جو قبضو هلندو پيو اچي، جيڪي پنهنجي جوانيءَ ۾ ڪيل مطالعي جي آڌار تي هر نئين ڪانفرنس ۾ ساڳيون پراڻيون ڳالهيون ورجائن ٿا. نئين لکندڙن لاءِ نه ڪانفرنسن ۾ گنجائش آهي ۽ نه ڇپائيءَ جي ادارن ۾!
سماج، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي طور تي منافقت جو شڪار ٿيل آهي، هر پاسي ٻهروپيت ۽ ڏيکاءُ پرستيءَ جو راڄ آهي. سياست کي پاڻ سياستدان، حرفت، چالاڪي ۽ بي ايماني سمجھن ٿا. توهان وزيرن، مشيرن ۽ ملڪ جي مڃيل سياستدانن جا اهڙا بيان ضرور پڙهيا هوندا، جن ۾ هو ڪنهن مسئلي تي ڳالهائيندي اهو چون ٿا ته ’هن قومي مسئلي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي‘ ان جملي مان ڪھڙو مطلب نڪري ٿو!؟ ڇا اهم مسئلن تي سياست ڪرڻ قباحت آهي؟ يا اهم مسئلا سياست وسيلي حل نہ ٿا ٿي سگهن؟ ڇا سياست ڪرڻ معنيٰ سنجيده نه هئڻ آهي؟ جمهوريت لاءِ جدوجھد جي هام هڻندڙ سياسي تنظيمون پاڻ پنهنجي اندر ۾ ڪيترا جمهوري قدر رکن ٿا؟ اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن تي بحث ٿيڻ گهرجي، پر هتي ته گنگا ئي اُبتي وهي ٿي. ضلعي کان وٺي مرڪز تائين سياسي قيادت، ڪارڪنن جي راضپي، راءِ ۽ منشا تي چونڊجڻ بدران مٿن مڙهي وڃي ٿي. جن جي دعويٰ آهي، ته انهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بنديخانن ۾ سختيون سٺيون آهن، سي پنهنجي سياسي قيادت جي اهڙن غير جمهوري فيصلن جي بچاءُ لاءِ دليل ڏيندا آهن.
سماج سڌارڪ تنظيمون ۽ انهن جا اڳواڻ ڪڏهن عوام کي اهو ٻڌائڻ ضروري نہ ٿا سمجهن، ته سندن فنڊنگ ڪٿان پئي ٿئي؟ اسان وٽ سال ۾ هڪ يا ٻه ڏينهن، ٻوڏ يا برسات ۾، عيد يا برات جي موقعي تي، ڪنهن بيواھ عورت کي، اٽي جي ٿيلهي ڏيئي، ويھ ماڻهن جو ساڻس فوٽو ڪڍائڻ، سماجي خدمت تصور ڪيو ويندو آهي! جڳ ڄاتل، ڪرپٽ ماڻهوءَ سان ٺاهي هلڻ، اُٿڻ ويھڻ ۽ سيلفي ڪڍي، سوشل ميڊيا تي رکڻ اعزاز سمجهيو ويندو آهي!
اسان جيستائين، پنهنجي قربانيءَ جي جانور جو گهٽيءَ ۾ نماءُ نه ڪرايون، تيستائين آرام نہ ٿو اچي. اسانجو سماج اخلاقي طور تي ڏيوالپڻي جي ان حد تائين وڃي پهتو آهي، جو اسان بي ايماني ۽ ڪرپشن تي ندامت بدران فخر ڪندا آهيون. دوستن سان، پنهنجي ڪرپشن جي ’وڏي ڌڪ‘ جو وڏي واڪي اعلان ڪري، مٿن پنهنجي قابليت ۽ حرفت جي ڌاڪ ويهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون!
پنهنجي چوگرد اهڙين مايوس ڪندڙ حالتن کي ڏسي ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪرشن چندر جو هي ناول، اڄ کان پنجاھ سال اڳ هندستاني سماج تي نه، پر اڄوڪي سنڌي سماج تي لکيو ويو آهي.