هڪ دور هو، جڏهن رياستون سامراجي شڪليون اختيار ڪنديون هيون، وڏا سرمائيدار قومي سرمائيداريءَ کان نڪري ٻين ملڪن ۾ واپار لاءِ مارڪيٽون ٺاهڻ لاءِ دنيا تي قبضو ڪري ملڪن کي غلام بڻائيندا هئا. ان کان پوءِ جديد نو آبادياتي نظام آيو، جنهن ۾ ٽئين دنيا جي ملڪن جا حڪمران خريد ڪيا ويندا هئا. غريب ملڪن ۾ سامراجي عمل دخل هوندو هو. گهڻو ڪري جمهوريت نه هوندي هئي، مارشلا هوندي هئي، ڇو ته جمهوري رياستون کاٻي ڌر جي سياست ڏانهن مائل هونديون هيون يا وري انهن رياستن ۾ جمهوريت هئڻ ڪري ڪميونسٽ پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندا هئا. اهو دور 1990ع کان پوءِ ختم ٿي ويو.
سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا گلوبل شڪل ۾ اسان جي سامهون آئي. ڪمپيوٽر جي ايجاد، انٽر نيٽ 2G کان 4G ۽ 5G تائين فاسٽ ڪميونيڪيشن دنيا کي بدلائي ڇڏيو. سڄي دنيا جا سرمائيدار ملٽي نيشنل ڪمپنين جي شڪل اختيار ڪندي، عالمي واپار ۾ ڳنڍجي ويا. هاڻي سرمائيدار جو هڪ ملڪ نه رهيو، سامراجي ڪو ملڪ نه رهيو، بلڪ سڄي دنيا هن جي مارڪيٽ ٿي پيئي. نتيجي طور عالمي سامراج رياستن جي حڪمرانن کي پنهنجي مرضي تي هلائڻ لڳا. انهن ۾ انتشار ڦهلائڻ، دهشت گردي ڪرڻ، سياسي ماحول کي بدلائڻ. ڪرپشن ۽ لاقانونيت ڦهلائڻ عالمي سامراج جون چاليون بنجي سامهون آيون. ملڪ پنهنجي معاشي خودمختياري وڃائڻ لڳا. حڪمرانن قومي ۽ رياستي جذبا وڃائي ڇڏيا.
ٻئي پاسي رياستن جي حڪمرانن گلوبل دنيا مطابق ڪابہ پاليسي تبديل نه ڪئي، مثال گلوبل دنيا جي جنگ معاشي اهميت اختيار ڪري ويئي، بائلاجيڪل جنگيون لڳڻ لڳيون، عالمي واپار جي مد نظر رياستن روايتي دشمنيون ختم ڪري، پاڙي وارن ملڪن سان دوستيون ڪيون. پنهنجا فوجي خرچ گهٽائي بجيٽ صحت، تعليم ۽ ترقياتي ڪمن تي لڳايون، جنهن جي نتيجي ۾ روزگار وڌيا. پر ڪن رياستن ڪا به تبديلي نه ڪئي، بلڪ هنن پڻ واپاري مقصد ٺاهي ورتا. مطلب حڪمران يا رياستي بالادست گڏجي واپاري دنيا ۾ ڪاهي پيا، نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ صرف مارڪيٽ بنجي رهجي ويا.
ٻئي طرف گلوبل دنيا جي سامراج پنهنجي شڪل وڌيڪ طاقتور بنائي ڇڏي. اڳ صرف سرمائيدار پنهنجيون ٽجوڙيون ڀريندو هو. مزدور جو استحصال ڪندو هو، پر عالمي سامراج هر ماڻهو جيڪو ڀلي گهر ويٺو هجي، ان جو به استحصال ڪري ٿو. ڇو ته هن جون شڪليون وڌي چڪيون آهن. هاڻي ميڊيا سامراجي نظام جي اعليٰ شڪل آهي، جنهن ذريعي هو ماڻهن کان فطرت کسي مصنوعيت ڏين ٿا، سمجهہ کسي ناداني ڏين ٿا. مثال سڄي دنيا کي خبر آهي ته ڪِريم جي شيشي ڪهڙي به سٺي هجي پر گورو ڪونه ڪندي، اهو ڪامن سينس آهي. داغ ڪڏهن به صرف ڪونه لاهيندو، ڪوبه ٽٿ پيسٽ ڏند مظبوط ڪونه ڪندو، ڪو بہ صابڻ خوبصورتي ۾ نکار ڪونه آڻيندو، ڪهڙن به چاڪليٽن سان رشتا نه ٿا ڳنڍي سگهجن، ڪڏهن به ڪي ايف سي متوازن غذا نه ٿي ڏيئي سگهي، ميڪ ڊونالڊ برگر صحت جي ضمانت ناهي، ڪولڊ ڊرنڪ طاقت ڪونه ٿي ڏئي، ڪوبه ڪپڙو يا ليڊيز سوٽ عورت کي سمارٽ نه ٿو ٺاهي، موبائل اسٽينڊرڊ ناهي؛ پر سڄي سماج ۾ عالمي سرمائيدار هر ماڻهوءَ جو دماغ اغوا ڪري ورتو آهي.
هاڻي ماڻهوءَ وٽ ڪابه آزادي ناهي. ڪا خواهش ناهي. ڇو ته خواهش صرف ميڊيا ذريعي مارڪيٽ ڏيندي . ان جو مطلب اهو ٿيو ته ميڊيا خود عالمي سامراج جي شڪل آهي. جيئن پاڪستان ۾ ٻه سئو چيئنلن ۾ ڪوبه چئنيل ڪم جو ناهي ڪنهن ۾ ڪا معلومات نه ملندي. صرف نان اشوز تي سياستدانن جو بحث ڪارٽون يا وري رانديون. نه ته علمي بحث ٿيندو نه وري ڪو علمي چئنيل يا زراعت جو چئنيل آهي. نه توهان کي تعليمي چئينل ملندو. اهي چئينل عالمي سامراج جي ڀوائتي شڪل آهن.
وري توهان سوشل ميڊيا ڏسو فيس بڪ، واٽس اپ، ٽڪ ٽوڪ، يوٽيوب عالمي طور توهان جي ذهن کي اغوا ڪري انهيءَ کي اذيت ۾ رکڻ جو نالو آهن. ماڻهو ۾ پاڻ پڏائڻ، جي حوس پيدا ڪئي ويئي. خوامخواه جي دوستي ۽ مفت جي دشمني هڙ حاصل ڪجهه به ناهي. انفارميشن جي ٻوڏ، لکين غلط خبرون ۽ اطلاع توهان جي ذهن کي ولوڙيو ڇڏين. ٻيو ڪجهه ناهي ته توهان پنهنجو ئي فوٽو رکي ويٺا ڏسو ته ڪير ٿو لائيڪ ڪري. ڇا انهيءَ سوشل ميڊيا ڪي عالم ، فلسفي، ڏاها، ليڊر پيدا ڪيا؟؟ ڇا سماج ۾ ڪو تحرڪ آندائون. ؟؟ بلڪ جيڪي رشتا ناتا هئا اهي ختم ٿي ويا. جيڪي ڪتاب پڙهبا هئا اهي ختم ٿي ويا. نوجوان آوارگيءَ جو شڪار ٿي ويو. هڪڙي ٽنڊر جنريشن وجود ۾ آئي. جنهن جو مطلب آهي ته دوستيون سوشل ميڊيا تي رکي پوءِ ملڻ جا پروگرام ٺاهجن. بغير پرکڻ جي پوءِ توهان ڏٺو ڪڏهن ڪو اغوا ٿيو وڃي ته ڪڏهن زال ٻارن کي ڇڏيو ڀڄيو وڃي.
اها به گلوبل سامراج جي شڪل آهي. ڊولمئن، ڪي ايف سي ، ميڪ ڊونالڊ، به سامراج جي شڪل آهي آن لائن شاپنگ به سامراج جي هڪ شڪل آهي.ٻارن جون ڪمپيوٽر تي رانديون جيڪي هنن کي نفسياتي بيمار ڪري چڪيون آهن. واپار جو حصو آهن سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر ۾ يا موبائل ۾ منهن هڻي ويهڻ به هڪ عالمي بيماري آهي. جيڪا گلوبل سامراج ڦهلائي آهي.
ماڻهو کي عالمي سامراج گونگو ٻوڙو ۽ انڌو ڪري ڇڏيو آهي. اسان جو نسل جنهن کي سائبورگ چيو وڃي ٿو . انهن جو ذهن اغوا ٿي چڪو آهي، توهان ڏسندا ته انهن ۾ ڪو احساس، ذميداري، پيار، رشتن جي سڃاڻپ، همدردي، هنر، عزت ۽ حيا بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. هنن وٽ ڪوبه ڪلچر ناهي سواءِ مارڪيٽ جي . خود اهو نسل عالمي سامراج جي شڪل آهي.
ان کان پوءِ عالمي سامراج جي شڪل آءِ ايم ايف. ورلڊ بئنڪ، اسٽاڪ ايڪسچينج، آهي جنهن ذريعي غريب ملڪن ۾ مداخلت ڪري انهن کي غلام ٺاهيو وڃي ٿو. اتان حڪمرانن کي لٽڻ ڦرڻ جي آزادي ڏيئي انهن کي جليئنر ٿيڻ جو چانس ڏنو وڃي ٿو.
باقي عوام کي مڪمل اپاهج بنائي انهيءَ کي تباهه و برباد ڪيو وڃي ٿو. هاڻي توهان سوچيندا ته جمهوريت جي ذريعي اسان عوامي نمائيندا چونڊيندا آهيون. جيڪي اسان جي مفادن لاءِ ڪم ڪندا ته توهان بيوقوفن جي جنت ۾ رهو پيا نه ته دنيا ۾ ڪا جمهوريت آهي. نه عوامي نمائيندا ايندا آهن. سياست هڪ ڪاروبار آهي. جمهوريت نه پر پلوٽوڪريسي يعني ڌن راج آهي. ملڪن جا حڪمران اڳ ۾ ئي طئي ڪيا ويندا آهن ڪا به اليڪشن ناهي توهان گهر ويهي رهو ڪير به ووٽ نه ڏئي پر ٻئي ڏينهن اعلان ٿي ويندو فلاڻو کٽي ويو. عوام کي اها خوشفهمي آهي ته سندن ووٽن سان سياستدان کٽي اچن ٿا. بلڪل غلط آهي . اها لسٽ اڳ ۾ طئي ٿيل هوندي آهي.
عالمي سامراج ويهي سوچيو ته اسان جو دشمن ڪير آهي؟ اڳ ته قومي سرمائيداري ۾ ملڪ هڪ ٻئي جا دشمن هوندا هئا. هاڻي ائين ناهي. عالمي سامراج پنهنجو دشمن عوام کي قرار ڏنو. مڊل ڪلاس کي قرار ڏنو. هنن ڏٺو ته عام ماڻهو جيڪو نوڪري يا دڪانداري ڪري ٿو. اهو سندس وڏو خريدار ناهي. نه حريف آهي نه وري مارڪيٽ جو ڪردار آهي. نه هوائي جهاز ۾ چڙهي دنيا ٿو گهمي، نه وري اسٽاڪ اڪسچينج ۾ ڪو ڪرادر اٿس. نه وري سندس هاءِ ڪلاس جون ڪارون هر سال نئون ماڊل ٿو وٺي. نه وري بحريه ٽائون جهڙين اسڪيمن ۾ ڪروڙين روپيا ٿو لڳائي. نه ڊي ايڇ اي ۾ ڪو باغيچو وٺي سگهي ٿو. نه سندس ٻار يورپ ۾ پڙهن نه وري يورپ جي بئنڪن ۾ سرمايو رکن. انهيءَ عوام مان ڪوبه فاعدو ناهي جيڪو وڌ ۾ وڌ پنج سئو واري شرٽ وٺي ٿو فٽ پاٿ تي ڪلفي کايو وڃي. سيل مان بوٽ ٿو وٺي، زال جي فرمائش پوري نٿو ڪري اهو دنيا تي بار آهي. صرف اهي ماڻهو جيڪي ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري سگهن.يا وري سندن مشنيري جو حصو آهن مثال فورس ، جوڊيشري يا سياستدان. انهن کي اسپتالون به ڏيو. انهن کي اسڪول به ڏيوانهن کي تاحيات سڀ سهوليتون ڏيو ڀلي ملڪ قرض تي هلي پر پنهنجي مشنيري تي ڪروڙين لٽايو. مال ڪت خلق مان ڪڍو باقي فاعدو ڪهڙو. ڪت خلق جو؟ وري ٻئي طرف نيريشن اها آهي ته ڪت خلق هڪ ٻوجهه آهي معشيت تي. ڇو نه انهن کي ختم ڪيو وڃي. هونءَ به دنيا جي آبادي ساڍا ڇهه ارب ٿي چڪي آهي. عالمي سامراج جي مطابق جيڪو سندس خريدار آهي ان کي ئي زنده رهڻ جو حق آهي.
هڪ پاسي جديديت پڃاڻان جي دور ۾ انسان جي وصف بدلجي ويئي. هاڻي انسان صرف بلينئر آهي. يعنيٰ جنهن وٽ دولت آهي. غريب ماڻهو، انسان ناهي. بلڪ غريب جانور به ناهي ڇو ته جانور جا وري به ڪي حق آهن. بس غريب ماڻهو مال غنيمت آهي جنهن کي لٽيو، ڦريو ۽ ماري ڇڏيو. توهان ڏسندا ته عام ماڻهو جو نه اسپتال علاج ڪري ٿي. نه عدالت انصاف ڏئي ٿي. نه عام ماڻهو کي تحفظ آهي. دنيا جي تاريخ ۾ انسان سان اميرن، بادشاهن ، ڦورن جا ظلم رهيا آهن پر اهي وقتي هوندا هئا. هڪ دفعو ماڻهو ڦريو، قتل و غارت ٿي پر ماڻهو جهنگ منهن ڪري ڀڄي ويندو هو. وري سالن تائين ماڻهوءَ کي زنده رهڻ جو حق هو پر هن دور ۾ ڪابه لڪڻ جي جاءِ نه آهي. نه وري ظلم هڪ وقت جو آهي. مسلسل هڪ عذاب آهي انسان پنهنجي کيتن مان نڪري انڊسٽري جي دور ۾ شهري ٿي ويو اهو هاڻ واپس نٿو وڃي سگهي. نه وري ان ظلم کان ڀڄي ڪٿي لڪي سگهي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته جديديت پڄاڻان لامرڪزيت جو دور آهي. پر حقيقت ۾ اها لامرڪزيت صرف عوام لاءِ آهي، هن دور ۾ ڪا مرڪزي نيريشن ناهي. هي دور ڊسٽوپيا جو آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀ ڳالهيون عوام کي تباهه ڪرڻ لاءِ آهن. عالمگير سامراج وٽ مڪمل مرڪزيت آهي. مڪمل هڪ نيريشن آهي. هو عوام کي لٽڻ ، ڦرڻ ۽ مارڻ ۾ بلڪل گڏ آهن. توهان ڏٺو هوندو ته عوامي آبادين ۾ ڪو به قانون ناهي. ڦرون، جهيڙا، اغوا، قبضا گيري، ڌاڙا، پوليس گردي سڀ جائز آهي. انهن لاءِ ڪابه اسپتال ناهي، ڪوبه اسڪول ناهي. پر وري امير لاءِ سڀ ڪجهه آهي انهن کي ڪجهه ٿئي ته قانون حرڪت ۾ اچيو وڃي. دنيا ۾ جيڪڏهن هڪ نيريشن ناهي ته پوءِ عوامي تباهي جي نيريشن ڇو آهي؟ عالمي طور گلوبل سامراج هجي يا انهن جون پالتون حڪومتون عوام جا حق غصب ڪرڻ ۾ گڏ آهن.
سوال اهو آهي ته ڇا هي دنيا جو دور آخري آهي؟. هاڻي ڪابه تبديلي ناهي اچڻي؟ تاريخ شاهد آهي ته ان کان به وڌيڪ خطرناڪ حالتون به تبديل ٿيون آهن.دنيا هڪ ڪن ۾ ضرور گوتا کائي رهي آهي. پر دنيا هن بحران مان نڪرڻي آهي. انهيءَ جو دارو مدار عوامي تنظيم ڪاريءَ تي آهي عوامي طاقت تي آهي. سڄي دنيا جي عوامي مزاحمت هڪ ڏينهن گڏ ٿيندي، جديديت پڄاڻان جو دور هڪ عبوري ۽ طويل دور آهي، پر ظلم جي رات ضرور کٽڻي آهي، ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته هاڻي ڪابه تبديلي نه ايندي. ڪجهه سمجهن ٿا هاڻي ڪوبه انقلاب نه ايندو. وري ڪجهه خيال اهي به آهن ته انهن سامراجي قوتن منجهان تباهي جو سامان پيدا ٿيندو. اهي سامراجي قوتون جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائبيون ته انقلاب ايندا. عالمي طور دنيا ۾ اڃا به نظريا ايندا. انسان تاريخ جي وڏن بحرانن مان منهن ڏئي وري به سماج ۽ انسانيت کي بچايو آهي تنهن ڪري لکين سالن جي تاريخ ۾ انسان پاڻ بچائڻ ئي سکيو آهي. انفرادي يا اجتماعي. جڏهن اجتماعي طور بچائڻ شروع ڪيائين ته انقلاب ايندا.