ملير ۽ دلال…

تنویر عالم جوکيو

ڪراچي شھر ۾ ھلندڙ گاڏين جي شور گوڙ جي رينگٽ کان پري، ملير ماٿري جي پرسڪون سر سبز علائقن جھڙوڪ : گڏاپ، ڪاٺوڙ، ميمڻ ڳوٺ، درساڻو ڇنو، پپري، گهگهر ۾، جتي زرعي پيداوار ڏيندڙ زرخيز زمينون ھيون ۽ مالوند ماڻھو پنھنجي ڳئون، مينھن، ٻڪري، رڍ، اُٺ، چاريندا ۽ سانڍيندا ھئا جن جي نبار کير سان سڄو ملير ويندي ڪراچي شھر ۾ رھندڙ ماڻھو بہ کير وٽيون ڀري پئيندا ھئا

ان ئي ملير ۾ 90 واري ڏھاڪي کان دلالي ڪرڻ وارن جو ٻج ڇٽيو ويو، جنھن مان ڪي ئي دلال ڄميا جن ملير کي ڇتن ڪتن جيان رانڀوٽي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو.  ڌرتيءَ تي ڌارين جي لوڌ لوڌي ڇڏي، جن نہ رڳو انھن سرسبز علائقن کي اجاڙي ناس ڪيو بلڪ اتي وسندڙ ماڻھن جو جيئڻ بہ جنجال ڪري ڇڏيو. آباد باغن کي برباد ڪري اتي فارم ھائوس نالي سان چڪلا ھلڻ لڳا جن ۾ ڏاڍ ۽ زنا جا واقعا پيش آيا جن کي دلالن ڏوڪڙن سان ڍڪي ڇڏيو. مختلف ڳوٺن جي ڀر ۾ پھرين بيٽريون ساڙي انھن مان سيھو ڪڍڻ واريون ننڍيون فڪٽريون اڏيون ويون، جن مان نڪرندڙ دونھ سان پاسي وارن ڳوٺن ۾ ساھ، چمڙي جي بيماري ڪر کنيا، جنھن خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيا واڪا ڪيا نتيجو اھو نڪتو اھڙيون فڪيٽريون دلالن جي معرفت ھلڻ لڳيون، فرق صرف اھو پيو جو ھڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ ڏانھن وڌڻ لڳيون.

ان کان پوءِ انھن ئي دلالن جي ذريعي جديد بلاڪ ڪنڪريٽ وارين فيڪٽرين جو راڪاس هتي لھي آيو، ملير جا ماروئڙا بيمارين جو کاڄ بڻجن لڳا، جڏھن انھن خلاف مقامي ماڻھن آواز اٿاريو تہ اتي بہ دلال دلالي ڪندي دليل ڏيڻ لڳا "اوھان کي روزگار ملندو”… "بين الاقوامي قانون مطابق بنيادي سھولتون ڏنيون وينديون”…. پر نتيجو اھو نڪتو جو قدرتي هتان جي صاف سٿري ۽ صحتمند ھوا گدلاڻ ۽ بيمارين سان ڀرجي وئي… جنھن ۾ شامل زهريلن ڪيميڪلز رهندو ماڻھن سُٿري فضا ۾ ساھ کڻڻ جو حق بہ ڦُري ورتو… جديد ۽ ڳرين مشينن جي آزاريندڙ ۽ چيڙائيندڙ گجگوڙ سان ڏينھن جو آرام ۽ رات جون ننڊون حرام ٿي ويون… روزگار مليو تہ سو بہ مڪمل طور تي ڌارين کي، مقامين کي روزگار بدران روز گدلاڻ ۽ گوڙ جي گندي گار ئي نصيب ٿي… بين الاقوامي سھولت ڌوڙ ملي، ماڳھين جيڪو سڪون ھيو سو بہ برباد ٿي ويو.

ان سان گڏوگڏ  جھرجھنگ، جبل پوٺا، کيٽ کپائي انھن ملير جو سينو چاڪ ڪري بحريا ٽائون جا قلعا اڏڻ جي ڌوتپائي بہ ڪئي.. هاڻ گڏاپ، ڪاٺوڙ، ڪونڪر، موئيداڻ جا تہ نالا بہ ميسارجي ويندا ۽ فقط بحريا ڀڳاڙ جو نالو ئي ھوندو ۽ اھي ئي دلال ھوندا جيڪي فخر سان چوندا ان زمين جو سودو مون ڪرايو!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close