هُو پنهنجي گهر جي اڌ اونداهي ڪوٺيءَ ۾، بيمار ماءُ جي پيرانديءَ ويٺو سوچي رهيو آهي. ان جي ماءُ، بيماريءَ جي تڪليف جي ڪري، جيئن جيئن ڪنجهندي آهي، تنهن کان ٻيڻو هُو پاڻ کي بيوسيءَ جي اذيت مان گذرندي محسوس ڪري ٿو. هو گهڙيءَ جي ڦرندڙ ڪانٽن ڏانهن ڏسي ٿو، جيڪي هوريان هوريان چُري رهيا هئا. دل ئي دل سوچڻ لڳو، صبح ٿيندو، دوستن، ڄاڻ سُڃاڻ وارن يا ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ کان اوڌر گهرندس ۽ امان کي اسپتال وٺي ويندس. هڪ ڀيرو وري واچ جي ڪانٽن ڏانهن نهاري ٿو ۽ پنهنجي منهن ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳي ٿو.
’اڃا ته رات وڏي آهي، مسين مسين ڏيڍ وڳو آهي، صبح ٿيڻ ۾ دير آهي!‘ هو بيوسيءَ منجهان پنهنجي بيمار ماءُ ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو.
پپريءَ جي رفيق ڪالونيءَ ۾ پورهيتن جي پاڙي ۾، قطار سان گهر اڏيل آهن، جن ۾ ڪي ڇڙا ڇانڊ ته ڪي ٻارن ٻچن سان رهن ٿا. سوڙهيون گهٽيون، گٽر جي پاڻيءَ سان چڪار، بدبودار. هر هنڌ گپ ۽ چڪڙ، ڪچري جا ڍير پيل! اهڙي ئي هڪڙي گهٽيءَ ۾ اسي گز جي پلاٽ تي ننڍي چوديواري، جنهن جو مکيه دروازو ناهي، ان تي ڳوڻ ٽنگي، پردو ڪيو ويو آهي. اندر سيمينٽ جي سِرن سان اڏيل هڪ ڪوٺي، جنهن جي مٿان ٽين جون زنگ لڳل چادرون پيل آهن، ڪوٺيءَ جي ڀتين جو بنياد سِم ۽ ڪلر جي ڪري، ڀُري ويو آهي. ان جي اندر هڪ پُراڻي الماري پئي آهي، ٻئي پاسي ڀت تي هڪ شيشو لڳل آهي، ان جي ڀرسان ڪجھ ڦڻيون ٽنگيل آهن ۽ اُنهن جي متان هڪ بلب ٻري رهيو آهي. ٽئين پاسي هڪ کٽ پئي آهي، جنهن تي ان جي پوڙهي ماءُ سُتل آهي ۽ کٽ جي پيرانديءَ بيمار ماءُ جو پُٽ قادر بخش عرف قادو سوچن ۾ محو آهي، مٿان ڇت تي ٽنگيل هڪ پکو هوريان هوريان هلي رهيو آهي! ڪوٺيءَ جي ٻاهران هڪ پاسي چُلھ اڏيل آهي، جنهن جو ڀتيون سيمنٽ جي بلاڪن سان ٺهيل آهن پر ڇت تي ڪانا رکيل اٿس، ان جي سامهون، چوديواريءَ جي ٻئي ڪُنڊ ۾ غسل خانو اڏيل آهي.
قادر بخش عرف قادُوءَ جو پيءُ، ڪيترائي سال اڳ پنجاب مان لڏي، ڪراچي آيو هو، ان مزوري ڪري، پائي پائي بچائَي، هي گهر اڏيو ۽ پوءِ پنهنجي ونيءَ کي به ڪراچي وٺي آيو هو. قادوءَ جو پيءُ مزوري ڪندو هو ۽ سندس وني گهر جي سنڀال ڪندي هئي، ان ئي گهر ۾ کين پهريون اولاد قادر بخش عرف قادُو ڄائو هو. قادر بخش عرف قادُو اڃا ڇهن مهينن جو هو ته سندس پيءُ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي، بوائلر ڦاٽڻ ڪري، هي جهان ڇڏي ويو. ان کان پوءِ کيس ماءُ پالي وڏو ڪيو.
قادر بخش عرف قادُو، گهڙيءَ ڏانهن نهاري ٿو، رات جا ٻه ٿيا آهن…. ٻه مهينا اڳ سندس امڙ بيمار ٿي، پهريان قادُو کيس پاڙي جي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو، حڪيم صاحب کان ڦڪي وٺي ڏني، پير صاحب کان تعويذ ورتا، پر سندس امڙ جي حالت نه سُڌري. ان کان پوءِ هو پنهنجي امڙ کي سرڪاري اسپتال وٺي ويو، ڪيترائي ڏينهن اسپتال جا چڪر ڪاٽي، ڌڪا ٿاٻا کائي، نيٺ ڊاڪٽرن کان امڙ جي تپاس ڪرايائين، ٽيسٽون ٿيون ته ڊاڪٽرن چيو: ’ هن کي هيپاٽائٽس سي يعني ڪاري ڪامڻ آهي، انجيڪشن جو ڪورس ڪرائڻو پوندو.‘ پهرين انجيڪشن اُتي ئي لڳائي وئي، باقي هڪ مھيني جون انجيڪشنون ڏئي، گهر جي ويجھو ڪنهن ڊاڪٽر کان هر ٻئي ڏينهن انجيڪشن لڳرائڻ جو چئِي، کين گهر روانو ڪيو ويو. انجيڪشن لڳڻ ڪري ٿيندڙ بخار سندس ماءُ کي ڏاڍو ڪمزور ڪيو، جنهن جي ڪري قادر بخش عرف قادو مِل ۾ مزوري ڪرڻ نه وڃي سگهيو. غير حاضر رهڻ ڪري کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، ان جيڪي پنج روپيا بچائي رکيا هئا، سي خرچ ٿي ويا. ان وچ ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا ڪاهي آئي، جنهن جي ڪري، حڪومت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهر بند ٿيا، روڊ ۽ رستا ويران ٿيا… سرڪاري اسپتالون وبا ۾ وڪوڙيل مريضن سان ڀرجي ويون، اخبار ۽ ٽي وي جي خبرن هر پاسي خوف ۽ هراس پکيڙي ڇڏيو.
قادر بخش عرف قادوءَ جي ماءُ کي بخار نهوڙي ڇڏيو، هوءَ هلڻ کان هلاڪ ٿي وئي. قادوءَ سوچيو هڪ ڀيرو ٻيهر کيس سرڪاري اسپتال وٺي وڃان، پر ماڻهن کيس ڊيڄاريو ڇڏيو: ’سرڪاري اسپتالن ۾ وڏي ڄمار جي ماڻهن کي ڪورونا جو مريض ڄاڻائي ماري، پنهنجو انگ پُورو ڪن ٿا.‘
قادُو ڊڄي ويو، غريبن جو هونئن به سرڪار تي اعتبار گهٽ هوندو آهي، تنهن ڪري هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته پنهنجي ماءُ کي سرڪاري اسپتال نه وٺي ويندو. کيس ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سندس مٿي ۾ سُور جون سَٽون اُڀرڻ لڳيون. ان پريشانيءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، سندس امڙ جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي، ڪاري ڪامڻ ماڻس کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو، جيڪا هاڻي هنڌ ڀيڙي ٿي وئي هئي. اُن رات هن سوچيو ته بهرحال امڙ جو علاج ته ڪرائڻو آهي، تنهن ڪري دوستن يارن کان مدد يا اوڌر وٺي امڙ کي ڪنهن خانگي اسپتال وٺي ويندس، هاڻي رات هئي ، جيڪا کُٽي نه پئي!
جڏهن به انسان کي حال، ويڳي پيءُ جيان گهران تڙي ڪڍي ڇڏي ٿو، ته ماضي، ماءُ جيان کيس گهر جي ڪنهن اونداهي ڪُنڊ ۾ پناھ ڏيئي پرچائيندي آهي. قادوءَ کي يادون ورائن ٿيون. انيڪ يادون، ننڍپڻ جون ساروڻيون! کيس پيءُ جو چهرو ياد ناهي، جڏهن کان هوش سنڀاليائين، فقط پنهنجي امڙ کي ڏٺائين، جيڪا سندس پالنا لاءِ گهرن ۾ ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڌوئيندي هئي، ٻُهارو ڏيندي هئي ۽ رات جو ماڻهن جا ڪپڙا سِبندي هئي. هن کي ياد آيو هڪ ڏينهن امڙ کيس پاڻ سان گڏ ڪم تي وٺي وئي. هو رفيق ڪالونيءَ مان نڪري، شاھ ٽائون روڊ کان ٿيندا، اسٽيل ٽائون ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ ٿاڻي وٽان مُڙي گلشن حديد وڃي رهيا هئا. ان ڏينهن آسمان تي جُهڙ هو، هلڪي هلڪي ڦوهار پئجي رهي هئي. هو امڙ جي چيچ جهلي وڃي رهيو هو، واٽ تي ڪنهن ڪاڳر جي ٽُڪري، ڪنهن موٽر ڪار جي ڀڳل بتيءَ جو ٽڪرو ڏسي امڙ جي چيچ ڇڏائي پوئتي موٽي، وري وٽس پهچڻ لاءِ ڊوڙيو ٿي.
’پُٽ، صاحب جي گهر ۾ ڪنهن شيءِ کي هٿ نه لائجان‘ امڙ کيس تنبيھ ڪندي چيو.
ڪلاڪ اڌ جي پنڌ کان پوءِ هو گلشن حديد جي سِي بلاڪ جي هڪ وڏي بنگلي ۾ داخل ٿيا. قادوءَ کي چٽيءَ ريت ياد آهي ته گهر جي اڱڻ تي سائي چهچ ڇٻر تي رکيل ڪُرسيءَ تي هڪ عورت ويٺي هئي ، جنهن کي ان جي امڙ، ميم صاحبه چئي سلام ڪيو هو. ميم صاحبه جو لباس اڇو اُجرو ، وار کُليل، هٿ ۽ پير کير جيان اڇا، سامهون ميز تي چانھ جو ڪوپ رکيل ۽ نظرون اخبار ۾ کُتل! ڇٻر جي چوڌاري ڪُونڊين ۾، طرحين طرحين جا وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل هئا. وچ ۾ گُلن جون ڪونڊيون، گول دائري ۾ رکيل هيون، جن ۾ گوناگون رنگن جا گُل ٽڙيل هئا. ڪونڊين جي آسي پاسي اڇي رنگ ۽ ڳاڙهين اکين وارا سَها، هيڏانهن هوڏانهن ٽپا ڏيئي رهيا هئا. کيس سَهن جون ڳاڙهيون اکيون ڏاڍيون وڻيون هيون، جن کي ڏسندي ئي سندس اندر جو ٻالڪ اُڀري سامهون آيو ۽ هو سَهن کي جھلڻ لاءِ ڊوڙيو هو، پر امڙ کيس ٻانهن مان جهلي، پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ هو ماٺ ڪري امڙ جي پٺيان هلڻ لڳو هو.
بنگلي جي اندر، هن جيڪي ڏٺو، سو اڳ ڪڏهن ڪين ڏٺو هو. شيشي جيان صاف ۽ چلڪڻو فرش، رنگ برنگي ٻرندڙ فانوس، درين تي ٽنگيل ريشمي پردا، صوفا ۽ پلنگ، ايراني غاليچا ۽ رانديڪن سان ڀريل شوڪيس.
اُن رڙ ڪندي چيو: ’ امان امان هُو ڏس رانديڪا!‘
’آهستي ڳالهاءِ، ميم صاحبه ڪاوڙجندي‘ امڙ کيس ڌڙڪو ڏيندي چيو.
جيجل، کيس هڪ پاسي فرش تي ويهاري، پاڻ ڪم ڪار ڪرڻ لڳي ۽ هوڏانهن ميم صاحبه گهر ۾ داخل ٿيندي ئي حڪم ڏنو.
’ماسي ٿانو ڌوئجان، مهمان اچڻا آهن‘
جي ميم صاحبه
’ماسي ٻارن جون ورديون به ميريون آهن‘
جي ميم صاحبه ڌوئان ٿي
’ڪجھ ڪپڙا استري لاءِ به رکيل آهن‘
جي ميم صاحبه
هو هڪڙي پاسي ويهي ميم صاحبه جا حڪم ۽ پنهنجي امڙ جا لفظ ’جي ميم صاحبه‘ ٻُڌندو رهيو ۽ هر هر اکيون ڦيرائي شوڪيس ۾ سجايل رانديڪن ڏانهن ڏسندو رهيو. سندس دل ۾ خيال آيو ته شو ڪيس جي ويجھو وڃي، رانديڪن کي هٿ لايان، پر ميم صاحبه جي ڊپ کان ايئن نه ڪري سگهيو. منجهند جو کين کائڻ لاءِ ٿورا چانور ۽ ڪجھ مانيءَ جا بچيل ٽُڪر مليا، جيڪي امڙ پاڻ نه کاڌا ۽ کيس کارايا هئائين. جڏهن شام ٿي ته هو پنهنجي گهر موٽيا.
گهر پهچندي ئي جيجل، هٿ مُنهن ڌوئي، رڌ بچاءُ ۾ لڳي وئي. هو اڱڻ ۾ کيڏڻ لڳو، پر سندس پتڪڙي ذهن تي هر هر، شوڪيس ۾ سجايل رانديڪن جو عڪس اُڀري ٿَي آيو ۽ هو وڃي امڙ جي اڳيان ويهي رهيو.
"امان!”
جي پُٽ…
"ميم صاحبه پاڻ ڪم ڇو نه ڪندي آهي؟”
هو وڏا ماڻهو آهن پُٽ
"امان ميم صاحبه کي وڏو ماڻهو ڪنهن ڪيو آهي؟”
بابل الله سائينءَ ڪيو آهي
"امان.. ميم صاحبه کي ايڏو وڏو گهر ڪنهن ڏنو آهي؟”
الله سائين ڏنو آهي پُٽ
"امان ايترا رانديڪا به الله سائينءَ ڏنا آهن؟”
جي بابا
"امان اسان جو به الله سائين آهي؟”
جي منهنجا ٻچا.
"امان، اسان جي الله سائينءَ، اسان کي رانديڪا ڇو ڪونه ڏنا آهن؟”
منهنجا پُٽ، تون وڃي راند ڪر، آئون تنهنجي لاءِ ماني ٿي پچايان.
هن ڏٺو ته امڙ جي اکين مان ڳوڙهن جون بوندون ڪِريون ۽ ٿالهيءَ ۾ پيل اٽي جي پيڙهي ۾ جذب ٿي ويون. هو بي دليءَ سان راند ڪرڻ لڳو.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ امڙ هڪ رانديڪو وٺي آئي، جنهن کي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. اڱڻ تي ٺينگ ٽپا ڏيئي، رانديڪي سان راند ڪري رهيو هو ۽ پريان امڙ کيس ڏسي مُرڪي رهي هئي، پر سندس اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا.
پاڻي…. پاڻي…. پاڻي… ‘
امڙ جي ڀُڻڪي تي قادوءَ جي خيالن جو سلسلو ٽُٽي ويو. هُن امڙ کي سهارو ڏيئي ويهاريو ۽ مَٽَ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري پياريو. هوءَ پاڻي پي وري ليٽي پئي. قادو، گهڙيال ڏانهن ڏسڻ لڳو. رات جا ٽي ٿيا هئا. هن جي لاءِ هڪ هڪ پل زهر جو ڍُڪ پيئڻ جهڙو هو، پر هو وقت جي سامهون بيوس هو. ماءُ جي پيرانديءَ ويهي فجر جي اوسيئڙي ڪرڻ کان سواءِ سندس سمورا دڳ بند ٿي چڪا هئا. هن سوچيو اڃا صبح ٿيڻ ۾ ٽي ڪلاڪ هئا! جڏهن کيس ڪنهن دوست يا ﷲ جي نيڪ ٻانهي کان مدد جي اُميد هئي. هن تصور ڪيو ته ڪو ﷲ جو ٻانهو، رحم جي جذبي هيٺ کيس ڇاتيءَ سان لائي، امان جي دوائن جا پئسا ڏئي ٿو. هو ڊوڙندي ڊوڙندي ايمبولينس وٺِي ٿو اچي، پنهنجي امڙ کي کڻائي اسپتال پُڄائي ٿو. ڊاڪٽر ۽ نرسون امڙ جي تپاس ڪن ٿيون ۽ هڪ ڏينهن سندس امڙ چاڪ چڱي ڀلي ٿي گهر موٽي ٿي.
’ﷲ…….‘ ائين چئي امڙ پاسو ورائي ٿي ۽ امڙ جي آواز ٻُڌڻ سان ئي سندس تصور جي دنيا، ٽُٽي ڀور ڀور ٿي وڃي ٿي. قادو اکيون ۽ هٿ مٿي ڪري ﷲ سائين کي ٻاڏائڻ لڳي ٿو!
’ﷲ سائين، مون وٽ ڪجھ به ناهي. منهنجي ڪائنات منهنجي ماءُ آهي. جيجل کان سواءِ، ڌرتيءَ جي پاتال کان آسمان جي بُلندين تائين منهنجي لاءِ جيئڻ جو ڪو جواز ناهي. پالڻهار! توکان ٻيو ڪجھ به نٿو گُهران، بس منهنجي امڙ کي بچاءِ! منهنجي ڪائنات کي بچاءِ…‘
ائين ٻاڏائيندي ٻاڏائيندي هو روئڻ لڳي ٿو، روئيندي روئيندي سندس من جو بار ڪجھ هلڪو ٿئي ٿو ۽ هو اکيون اُگهي ليٽي پئي ٿو. هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي، ماءُ بڻجي کيس هنج وٺي ٿو.
هو نَون ورهين جو ٿيو ته مزوري ڪرڻ لڳو. گيراج ۾ مسترين جا موچڙا کاڌائين، گاڏين جا ٽائر ڌوتائين، هوٽل جو بيرو ٿيو. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ کيس پهريون ڀيرو هوٽل جي مالڪ پنجاھ روپيا ڏهاڙي ڏني. هو ڏاڍو خوش ٿيو! پنجاھ جو نوٽ هٿ ۾ کڻي، ڊوڙندي اچي ماءُ کي ڏنائين. امڙ ڏاڍي خوش ٿي ۽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري، سندس هٿ، پيشاني ۽ ڳل چُمڻ لڳي. دير تائين پنهنجي ڇاتيءَ سان چنبڙائڻ کان پوءِ، جڏهن کيس پنهنجي سامهون بيهاري نهارڻ لڳي، تڏهن قادوءَ ڏٺو ته امڙ جون اکيون ڪنهن ماٺيڻي ڍنڍ جيان پاڻيءَ سان چڪار هيون.
قادو سورهن سالن جي ڄمار جو ٿيو ته رازن سان گڏ پورهيو ڪرڻ لڳو. پهريان پهريان هو تغاريون کڻندو هو، پوءِ جڏهن گهڻ ماڙ عمارتن تي سِرون کڻڻ لڳو ته ڪجھ وڌيڪ ڪمائڻ لڳو. هڪ ڏينهن هن چار سئو بلاڪ، ٽين ماڙ تي پهچائي اٺ سئو روپيا ڪمايا. اُن ڏينهن به امڙ ڏاڍي خوش ٿي، پر قادوءَ جا هٿ چُمندي سندس اکين مان لُڙڪ لڙي پيا هئا. اهو پهريون ڀيرو هو جو قادُو امڙ کان پُڇي ويٺو:
امان، ماڻهو ڏُک ۾ روئندا آهن.. تون خوشيءَ مهل ڇو روئندي آهين؟
امڙ، کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو هئائين.
ان کان پوءِ قادو پنهنجي امڙ کي گهرن ۾ ٿانءُ ٻُهاريءَ جي مزوري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪمائي گهر جو خرچ پورو ڪرڻ لڳو. ايئن پورهيو ڪندي ڪندي هو هڪ فيڪٽري ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، جتان کيس ماهوار پگهار ملڻ لڳي ۽ هو ٻئي خوشي خوشي پنهنجي زندگي گذارڻ لڳا. پر جڏهن کان سندس ماءُ بيمار ٿي تڏهن کان هڪ ڀيرو ٻيهر سندن زندگي ڏکن جي ور چڙهي وئي.
’بابا تون جاڳين ٿو؟‘ ماءُ جهيڻي آواز ۾ کيس سڏ ڪيو
جي امڙ آئون جاڳان پيو. هن جواب ڏنو
"منهنجي پيرن جي ترين کي پاڻيءَ سان آلو ڪر، ساڙو ٿو ٿئيم.” امڙ چيو
جي امان.. ايئن چئي هو پاڻي کڻي آيو ۽ امڙ جي پيرن جي ترين کي آلو ڪيائين، سندس هٿ ۽ منهن ڌوتائين.
هاڻي صبح جا پنج ٿيا هئا. هن امڙ کان اجازت ورتي ۽ گهر کان ٻاهر نڪري مسجد جو رُخ ڪيائين. قادو پاڙي جي مسجد ۾ پهتو ته آهستي آهستي نمازي به اچڻ لڳا. نماز کان فارغ ٿي قادوءَ هر ڪنهن نمازيءَ جي اڳيان پنهنجي فرياد رکي، ’يار منهنجي مدد ڪريو، منهنجي امڙ بيمار آهي، تڪليف ۾ آهي. ٿورا پئسا اوڌر تي ڏيو ته جيئن کيس دوا وٺي ڏئي سگهان.‘
نمازين مان گهڻا تڻا روز ڪمائي کائڻ وارا پورهيت هئا. انهن مان ڪيترائي لاڪ ڊائون سبب بيروزگار بڻجي ويا هئا ۽ جن کي مِل مان پگهارون مليون ٿَي، سي به اڳتي جو سوچي پريشان هئا. وٽن بچيل رقم ته هئي ڪانه، جو قادوءَ جي مدد ڪن. تنهن ڪري هو چاھڻ جي باوجود بہ سندس مدد نه ڪري سگهيا.
مسجد جي پيش امام کيس هڪ صلاح ڏيندي چيو: اڄ گلشن حديد ۾ نئين اڏيل مسجد ۾ پهرئين باجماعت نماز ٿيندي، جنهن ۾ سيٺ الحاج خدا بخش به ايندو. هو سخي مُڙس آهي، خدا جو نيڪ ٻانهو آهي، غريبن ۽ محتاجن جي واهر ڪندو آهي ۽ مسجدون جوڙائيندو آهي. ان نئين مسجد لاءِ به سيٺ صاحب ڏھ لک روپيا چندو ڏنو آهي. تون اُن وٽ پهچ، هو ضرور تنهنجي مدد ڪندو.
قادو ٿوري دير کان پوءِ گلشن حديد ڏانهن روانو ٿيو ۽ نئين اڏيل مسجد وٽ پهتو. مسجد عاليشان نموني جوڙيل هئي، اڌ ايڪڙ کن جي پلاٽ تي چوڌيواري هئي، جنهن ۾ وچ تي انتهائي خوبصورت چٽسالي ڪيل مينارن سان هڪ وڏي ٻه ماڙ مسجد اڏيل هئي، جنهن جي ڀتين تي لڳل ٽائلن تي قرآن شريف جو آيتون اُڪريل هيون. هُن مسجد جي انچ انچ تي وکريل خوبصورتيءَ کي ڀيٽي ڏٺو پر ان کي امڙ جي ڏرا ڏئي ويل اکين جي برابر مڃڻ لاءِ پنهنجي دل کي راضي نه ڪري سگهيو!
قادو ڪيترائي ڪلاڪ اُن تُڻ ۽ بي صبريءَ سان انتظار ڪندو رهيو. ٻنپهرن جي نماز جو وقت ويجهو آيو، ان کان پهريان مسجد ۾ ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. مسجد جي سامهون تنبو ۽ قناتون لڳيون، هڪڙي پاسي ڀَت جو ديڳون چڙهيون. ماڻهن جو رش وڌڻ لڳو ۽ نيٺ هڪ وڏي گاڏي مسجد جي مُک دروازي وٽ اچي بيٺي، جنهن جي آڌر ڀاءُ لاءِ مسجد جو پيش امام ۽ علائقي جا ٻيا ڪيترائي ماڻهو بيٺل هئا. قادو به انهن ماڻهن جي پٺيان مسجد ۾ داخل ٿيو. سڀني کان پهريان مسجد جي اڱڻ تي سيٺ الحاج خدا بخش کي ڊائيس تي گهرائي نمازين سان سندس تعارف ڪرايو ويو ۽ سندس سخاوت، نيڪ نيتي ۽ مسجدن جوڙائڻ جي جذبي جي ساراھ ڪئي وئي ۽ کيس ڪجهہ ڳالهائڻ جو سڏ ڏنو ويو.
سيٺ الحاج خدا بخش مختصر تقرير ڪئي ۽ پوءِ مسجد مان ٻانگ جي صدا آئي. سيٺ الحاج خدا بخش ڊائيس تان هيٺ لٿو ته ڪيترائي ماڻهو کيس مليا، ڪن ساڻس تصويرون ڪڍيون ۽ ڪن سندس هٿ چُميا. قادر بخش عرف قادو به ماڻهن کي ڌڪيندو سيٺ جي ويجهو آيو ۽ پنهنجي مجبوري بيان ڪيائين. سيٺ صاحب مسجد ڏانهن هلندي سندس ڳالھ ٻُڌي پر ڌيان نه ڏنائين. اُن ٻيهر فرياد ڪئي، ته سيٺ جي چهري تي ناگواريءَ جا آثار نمايان ٿيا ۽ اهو لقاءُ پسي سيٺ جي ويجھن ماڻهن قادوءَ کي ڌڪو ڏئي سيٺ صاحب کان پري ڪيو.
قادوءَ جي دل مان اُميد جو آخري ڪِرڻو به اُجهامي ويو. هن سوچيو هاڻي ڪجھ به ٿي پئي آئون پنهنجي امڙ کي بچائڻ جو ڪو وسيلو ضرور پئدا ڪندس.
هُن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته هڪ همراھ جي پتلون ۾ هڪ وڏو ٻٽون نظر آيس، هو اڳتي وڌيو، ٻٽونءَ ۾ هٿ وڌائين پر پٺيان ڪنهن ماڻهوءَ ڏسي ورتس. هلاااا بشني…. وٺوس ڙي… جهليوس… ڪُٽيوس …. ماريوس…. پوليس جي حوالي ڪريوس… گوڙ ٻڌي سيٺ مُنهن ورائي قادوءَ ڏانهن ڏٺو ۽ بنا ڪجھ چوڻ جي مسجد ڏانهن روانو ٿيو. ڪيترائي ماڻهو قادوءَ کي جهلي ڪُٽڻ لڳا.. لپاٽ… مُڪ…. لت… ٺونشا… جنهن کي جيئن وارو مليو تنهن پنهنجي باھ ڪڍي پئي. نيٺ مسجد جي ٻاهر بيٺل پوليس وارا آيا ۽ قادوءَ کي ماڻهن کي ڇڏائي پاڻ ڪُٽن لڳا… هُن جا ڏند جُهري ويا هئا، نڪ مان رت وهي رهيو هو. سُٺي طرح مار ڪڍي جڏهن سپاهي مطمئن ٿيا، ته کيس گِهري پوليس موبائل ۾ اُڇلايائون.
ڌڙام….. جي آواز سان قادو اونڌي مُنهن وڃي گاڏيءَ ۾ ڪِريو..
هيڏانهن سيٺ الحاج خدا بخش پنهنجي نئين اڏايل مسجد ۾ پهرين سجدي ۾ سِر جُھڪايو ۽ هوڏانهن قادوءَ جي ماءُ آخري هڏڪي ڏني…