ملير جي وڃائجندڙ مرڪ

صابره ڪلمتي

ڪنهن به قوم ۽ سرزمين جي تاريخ انھن پاڙن وانگر ھوندي آھي، جيڪي ان کي مضبوطي ۽ همت سان وقت جي طوفانن کي منهن ڏيڻ جي طاقت ڏيندا آهن، پر تاريخ جي انھن پاڙن کي جيڪي شيون مضبوط ڪن ٿيون، انھن ۾ سرِ فهرست اتان جا قديمي آثار آهن.

اھي قديمي آثارن جا مختلف اھڃاڻ ئي آھن، جيڪي ڪنهن به علائقي جي تاريخ لکڻ لاءِ بنياد فراهم ڪن ٿا، ٻي صورت ۾ محققن کي ان علائقي جي تاريخ مرتب ڪرڻ وقت ڪو بہ مضبوط بنياد نه ٿو ملي ۽ پوءِ تاريخ دانن کي ’گمان غالب آھي‘ جي ڌُڪي واري طريقي سان ڪم ھلائڻو پوي ٿو. جيڪڏهن سادن لفظن ۾ ڳالھ ڪجي، تہ ڪنهن علائقي جي قديمي آثارن کي ختم ڪرڻ ان جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ آھي. ان صورت ۾ صدين کان اتي رهندڙ ماڻھو پنھنجي پاڙن کان محروم ٿي وڃن ٿا. مستقبل ڪنھن وڻ جو ميوو آهي، جڏھن تہ ماضي ان وڻ جي پاڙ آهي. جنھن وڻ جون پاڙون ئي نہ رھن تہ ميوو جهلڻ پنھنجي جاءِ تي، ان وڻ جو وجود ئي ميسارجي ويندو آهي!

ڪراچيءَ جو اتر وارو حصو کيرٿر جي جابلو سلسلي تي مشتمل آهي، جيڪو بلوچستان تائين پکڙيل آهي. کيرٿر نه رڳو مالوند ۽ ٻني ٻارو ڪندڙ بيشمار قبيلن جو گهر آهي، پر اهو جهنگلي جيوت لاءِ پناھ گاھ بہ آهي.

کيرٿر جبل جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر تي صدین کان اڏول بيٺل آھي ۽ جيڪو زمانن کان سنڌو تھذيب جي گواھي ڏيئي رھيو آھي. مشھور محقق بدر ابڙو پنھنجي ڪتاب ’کيرٿر جو سفر‘ ۾ ھتي موجود سنڌ جي ثقافتي، حياتياتي ۽ جغرافيائي اھڃاڻن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.

ھتي نہ صرف ثقافتي ۽ مذهبي حوالي سان چٽ مليا، بلڪ ھي خطو حياتياتي طور جهنگلي جيوت جو بہ وڏو مسڪن رھيو آھي. کيرٿر ۾ گڊ، ھرڻي، ڳِجھ (جنهن کي اسان بلوچي ۾ جون وار چئون ٿا ’جون‘ اھو جانور جيڪو استعمال جي قابل نہ رھي ۽ ’وار‘ يعني کائڻ وارو) ھن کان علاوه چيتو، لومڙ، سھا، جهنگلي ٻلا، تتر، چڪور، ھاتار، گدڙ، بگڙ، واڳون، نانگ، نَور، ٻيا جهنگلي جانور ۽ انيڪ قسمن جا پکي کيرٿر ۾ صدين کان رهن ٿا.

سائين گل حسن ڪلمتي پنھنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ کيرٿر جي حوالي سان ذڪر ڪري ٿو تہ کيرٿر کي 1974 ۾ سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس 1972 تحت سينڪچوري قرار ڏنو ويو هو. سينڪچوري کي 1974 ۾ سنڌ حڪومت جي تحت نيشنل پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو.

جڏھن 2021 ۾ اسان جو اتي وڃڻ ٿيو تہ اسان ھن علائقي ۾ ڊمپر ھلندي ڏٺا، جيڪي ھتان ندين مان ريتي ۽ جبلن کي جَهورَي ڪَٽَي پٿر ڊوھَي رھيا ھئا. پڇا ڪرڻ تي خبر پيئي تہ ھتان جي ملڪ سردار ھي سڀ جبل ملڪ رياض کي وڪڻي ڇڏيا آھن.. ان جو نتيجو نہ رڳو ھتي مختلف قسمن جي تباھي جي صورت ۾ نڪتو آھي، بلڪ ھاڻ ھتي رھندڙن جي سڃاڻپ بہ داو تي لڳل آھي. اھي جبل، جيڪي اسان جي سڃاڻپ آھن، ھاڻ اتان گذر ٿئي ٿو تہ بحريا ٽائون جا سيڪيورٽي گارڊ ھتي صدين کان وسندڙ ماڻھن کي روڪي پڇن ٿا، ’ڪدھر جا رھي ھو!؟‘

تازو 24 جون 2023 تي اسان جو ٻيھر اتي وڃڻ ٿيو، ھتي اسان ڏٺو تہ بحريا کيرٿر جبل تي پنھنجي ديوار ٺاھي آزاد جبلن تي پنھنجي مھر لڳائي ڇڏي آھي. ھڪ پاسي تي ’مور مرادي‘ قبرستان جيڪو برفتن جو قديمي قبرستان آھي ۽ ٻئي پاسي تي کيرٿر جبل وچ ۾ نئَين، جنھن ۾ سال جا ٻارنهن مهينا پاڻي وهندو آھي، ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ ھي پاڻي بہ ختم ٿي ويندو، ڇو تہ ھتي جي برساتي ندين جو ڪئچمنٽ ايريا بہ ھاڻ بحريا ٽائون جي والار ھيٺ آھي.

بدر ابڙو پنھنجي ڪتاب ’ڪوھستان جو سفر‘ ۾ انھن ندين جو ذڪر ڪري تو تہ مول ندي کيرٿر جي اولھ-ڏکڻ مان نِڪري ملير ندي ۾ پوي ٿي. ھن پَٽ ۾ چوڻي مشھور آھي تہ ”ملير تڏهن مُرڪي، جڏهن ماڻس مول ڀرجي“ پر ھاڻ ساوڪ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ملير جو ھي علائقو سرمائي داريءَ جي قبضي ۾ اچي ويو آهي ۽ لڳي ٿو تہ ھاڻ ھتي نہ ٿڌو جهومندو نچندو ڪُڏندو وھندو ايندو، نہ مول جا اھي وھڪرا وھندا ۽ نہ ئي ملير مرڪندي… ملير جي مُرڪ جو ڪبوتر بحريا جي بي رحم باز جي چنبي ۾ اچي ويو آھي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close