مُهين جي دڙي مان هٿ آيل مُهرن جي حقيقت

آصف رضا موريو

مُهين جو دڙو سنڌو سڀيتا جو پنج هزار سال قديم ترين شهر رهيو آهي، جنهن جي باقاعده کوٽائيءَ جو ڪم 1921ع ۾ ٿيو. پنجاھ هزار کان به وڌيڪ آباديءَ واري هن شهر جي کوٽائي مان نڪرندڙ هزارين شين منجهان مخصوص قسم جون پٿر، ٺڪر، ٽامي وغيره مان ٺهيل چورس ۽ گول ٺپن جهڙيون چند انچن جي سائيز اندر ڪجهہ پليٽون مليون آهن، جن جي ساخت ۽ ماپن ۾ به فرق آهي. هن شهر مان هي پليٽون هزارن جي تعداد ۾ مليون آهن، جنهن ڪري محققن جي راءِ آهي ته انهن جي گهر گهر جي هر فرد وٽ هجڻ يا رکڻ جو ڪو سماجي يا مذهبي جواز ضرور هوندو. انهن پليٽن جي مٿئين پاسي کان هڪ تحرير لکيل آهي! جڏهن ته تحرير جي هيٺان ڪنهن نه ڪنهن جانور، پکي، ديوتا يا وڻ ٽڻ ۽ ڪٿي انسان جي سرگرمي جيئن شڪار، عبادت وغيره جي تصوير چٽيل آهي. ان پليٽ جي پٽين طرف چپٽي (ٻن آڱرين جي) سان پڪڙڻ جيتري بونبي اڀريل آهي جنهن جي وچ ۾ ڌاڳي وجهڻ لاءِ آرپار سوراخ ٿيل آهي! جيڪو ثابت ڪري ٿو ته ان جي وچ ۾ ڌاڳو ٻڌي رکبو هوندو. انهن پليٽن جي باري ۾ محققن ۽ آثارِ قديمه جي ماهرن جي متفقه راءِ اِها آهي ته اهي پليٽون ان وقت جون مُهرون / ٺپا (Stamps) هوندا، جن کي قديم سنڌي سماج ۾ شخصي، دوڪانداري، ڪاروباري، مالداري يا اقتصادي معاملات لاءِ استعمال ڪيو ويندو هوندو.

ماهرن جي انهن پيلٽن کي ٺپن يا مُهرن چوڻ واري راءِ سان مون کي کوڙ سارو اختلاف آهي، ڇو ته اُهي شيون عام طور تي ڏسڻ سان پنهنجي ظاهري رنگ ڍنگ ۽ ڊيل ڊول جي لحاظ کان ٺپن جهڙيون ضرور نظر اچن ٿيون، پر تمام گهڻي باريڪ بيني ۽ ڳُوڙهي سماجي ۽ تاريخي اڀياس سان جاچڻ ۽ پرکڻ کان پوءِ انهن جي مخصوص ماپ کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالھ انهن کي ”ٺپا“ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آثارِ قديمه سان متعلق شين جي باري ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ انتهائي بردباري، عقلمندي، توجھہ ۽ ذميداري کان علاوه ان علائقي جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي، سماجيات سان گڏ ان جي پس گردائي ۾ صدين کان آباد پکي پکڻ، حياتيات ۽ ماحوليات جي متعلق ماهرن يا راءِ ڏيندڙن جو ڄاڻو هجڻ انتهائي ضروري هوندو آهي.

بد قسمتي سان پاڪستان ۽ سنڌ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ موجود قديم شهرن جي ماڳن ۽ آثارن تي تحقيق ڪرڻ وارا محقق اڪثر ڪري غير ملڪي رهيا آهن، جن کي هتان جي علائقن جي سماجي، مذهبي يا اقتصادي ڄاڻ نه هجڻ برابر هئي. ان لاءِ انهن هند ۽ سنڌ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان نڪتل شين کي پنهنجي ماحول، پرورش، تعليم ۽ سماجي معاملن جي تناظر ۾ ڄاتو ۽ پرکيو ۽ پوءِ راءِ ڏني، جنهن کي اسان جي غلام ذهن رکندڙ ڪم چور اديبن، مورخن ۽ ماهرن اکيون ٻوٽي تسليم ڪيو. ان پسمنظر ۾ اسان يورپي محققن کي ڏوهي به سمجهي نه ٿا سگهون، ڇو ته انهن جي نيت تي شڪ ڪرڻ پنهنجي تاريخ ۾ ابهام پيدا ڪرڻ جهڙو ٿيندو، جيڪا پهريان ئي من گهڙت افسانن سان ڀري پئي آهي، پر انهن يورپي مورخن جي اسان جي تاريخ سان متعلق غلطين ۽ ابهامن کي درست ڪرڻ مان پنهنجو اخلاقي ۽ قومي فرض سمجهان ٿو.

تصوير جا ڪجهہ پاسا نا قابلِ قبول هوندي به هزارين معاملن ۾ اسان جي قوم کي يورپي محققن يا انگريز حاڪمن جو احسان مند هئڻ گهرجي، ڇو ته انهن اسان جي تاريخي ۽ تهذيبي جاچ، پرک ۽ تحقيق ۾ هڪ اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو باريڪ بيني سان جاچڻ تي اسان جي اسلامي، پاڪستاني يا سنڌي محققن يا مورخن کان گهڻي ڀاڱي سچو، کرو ۽ بردبار نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان اڃا تائين نه رڳو انهن جي طور طريقن کي پنهنجي لاءِ رستي جي روشني ٺاهيون ويٺا آهيون، پر پنهنجي تهذيبي، سماجي ۽ تاريخي ورثن کي بچائڻ لاءِ انهن جي درن تي خيرات جا ڪستا کنيون بيٺا نظر اچون ٿا. ڇا اسان جي قوم ٻيهر ڪنهن غلامي جي دور لاءِ ورجائي رهي آهي ته وري خارجي قومون اچي پهرين جيان اسان جي اتهاس جون وڃايل ڪڙيون اسان کي ڳولي ڏينديون؟ ڇا اسان طئه ڪري چڪا آهيون ته اسان کي ان سلسلي ۾ڪجهه ناهي ڪرڻو يا ڇ اسان پاڻ کي ان ڪم ڪرڻ جي اهل نه ٿا سمجهون؟

جيڪڏهن اسان سر جان مرشل، اليگزينڊرڪننگهم، ڊاڪٽر ڊي، ايف ڊيلس، مسٽر الئيٽ، مارڪ ڪنيوئر، ايچ ٽي لمبرڪ، اسٽوئورٽ پگٽ، گريگوري پوسل جي واديءَ سنڌ جي ڪنهن به پراڻي بشمول مهين جو دڙو تي لکيل يا جوڙيل ڪتابن يا انهن جي تحقيق جو باريڪ بيني سان جائزو وٺنداسين، ته انهن منجهہ سنڌو سڀيتا جي ماڳن جي کوٽائي مان ملندڙ اڻ ڳڻين شين متعلق سوين اهڙا نظريا ملندا، جيڪي يا ته سَو فيصد درست ڪو نه هوندا يا وري انهن مان کوڙ سارا اسان کي پنهنجي سماجي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ قابلِ قبول ڪو نه هوندا. مثال طور جان مارشل جو هي لکڻ ته مُهين جو دڙو جا رهواسي ايڏا ته امن پرست هئا، جو انهن وٽ ڪو به هٿيار ڪو نه هو. مطلب ته اهي پنهنجي بچاءُ جي هنر مندي کان به واقف نه هئا، جيڪو سراسر غلط بيان آهي. ڇو ته انهن وٽ ڪهاڙي، ڏاٽا، ڀالا، چاڪو، (ننڊا وڏا) ۽ ٻيا کوڙ سارا هٿيار ۽ قلعه گاهه جو ملڻ ثابت ڪري ٿو ته هو فن حرب جا ماهر هئا.

ساڳي ريت انهن مهين جو دڙو جي قلعه گاهه جي مٿئين ڪمري کي ويهار  (Stupa) ڪوٺيو آهي. يا وري جيئن مهين جو دڙو مان هٿ آيل عورت جي هڪ مجسمي کي رقاصه ڇوڪري (Dancing Girl) جو نالو ڏنو آهي. جيڪو حقيقت ۾ هندو مذهب جي ديوتا شِوُ جي راج جو مظهر آهي. اهڙي ريت وديشي ماهرن جو سنڌو ماٿري جي شهرن جي کوٽائي مان هٿ آيل پليٽن کي مُهرون يا ٺپا (Stamps) چوڻ واري راءِ تي پڻ اعتراف آهي ته اُهي رڳو مُهرون آهن.

انهن پليٽن تي فطرت جي طاقتور ۽ انسانن لاءِ فائديمند مظهر هڪ تحرير سان گڏ ڏيکاريا ويا آهن، جن مان خاص ترين آهن: ڏاند، شينهن، هاٿي، ڳئون، مينهن، چيتا، ڳينڊا، نانگ، مانگر مڇ، پپر جو پن، مڇيون، هڪ سڱ وارو جانور، (Unicorn)، خيالي طاقتور جانور جيئن ٽن سرن وارا جانور مخلوقات جي تصور ڪشي پڻ ملي ٿي. انهن پليٽن تي موجود تمام خاڪا ثابت ڪن ٿا ته قديم سنڌي سماج ۾ انهن جانورن، پکين، وڻن، وغيره، کي ڪنهن نه ڪنهن ديوتا جو درجو حاصل رهيو هندو. اهوئي سبب آهي جو اهڙين شين متعلق ديوتائن، عقيدن، ايمان ۽ اعتقادن جو ساڳو قديم سلسلو وقت جي رفتار سان مختلف سماجن ۾ وهندو اڄ جي جديد عقيدن ۽ سماجن ۾ پڻ موجود آهي.

مهين جو دڙو ۽ قديم سنڌ جي ماڳن مان مليل انهن پليٽن جو غور سان ۽ ڳُوڙهو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن تي ٺهيل، اڪريل ۽ جوڙيل تصويرون يقينن قديم سنڌي سماج ۾ مڃئي ويندڙ ديوتائن جون رهيون هونديون. انهن پليٽن کي قديم سنڌي لوڪ پنهنجي عقيدن جي پرچار پنهنجي پنهنجي ديوتائن کي راضي رکڻ، گهرن، اوطاقن، دوڪانن يا ڪاروباري مرڪزن ۾ برڪت ۽ ڀلائي جهڙي سوچ استعمال سان گڏ پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌندا يا ڳچيءَ ۾ پڻ پائيندا هوندا. جيئن اڄ جي دور ۾ مسلمانن جيان ٻين مختلف مذهبن وارا ماڻهون خدا تعاليٰ، ديوتائن، مذهبي اوتارن، پيغمبرن، امامن، پيرن، مرشدن، پيشواهن ۽ ڏاهن جي نالن، اقوالن ۽ مذهبي ڪتابن جي اقتباسن، آيتن وغيره جيان مثلن 786، بسم الله، ڪلمو، ڪرس، يا تثليث وانگر متبرڪ سمجهي ويندڙ تحرير يا نشانن کي پنهنجي گهرن، دوڪانن ۽ جسمن وغيره جي زينت بڻائيندا آهن.

جيئن ته ان (قديم) دور ۾  آسماني توڙي زميني خطرن جا مظهر الڳ الڳ ديوتائنِ سان منسوب هوندا هئا، ان لاءِ هنن قديم شهرن مان اهي پليٽون به گهڻي تعداد ۾ مليون آهن. جن تي تقويري خاڪي سان گڏ لکيل تحرير يقينن انهن ديوتائن جو نالو هوندو. هر دور جي انوسار انسانن وٽ ديوي ديوتا هوندا هئا ۽ رهيا آهن. جن کي (تاريخ ٻڌائي ٿي) ته هو پنهنجي پنهنجي وقت جي سماجي تقاضائن مطابق راضي ۽ رام ڪندا هوندا جنهن کي عبادت، پوڄا، رياض، عقيدت ۽ بندگي وغيره جا نالا ڏنا ويا. قديم دور جي پڄارين، بندن ۽ محققن کي پنهنجي پنهنجي ديوتائن سان ايتري قدر عقيدت هوندي هئي جو جيڪڏهن اهي پنهنجي پنهنجي علائقن مان ڪنهن ٻئي خطي ڏانهن هجرت ڪندا هئا ته پنهنجي پنهنجي ديوي ديوتائن جي خاڪن، تصويرن ۽ بتن کي پڻ گهر جي سامان جيان کڻي ويندا هئا.

اڄ به جيڪڏهن جديد دور ۾ مروج مڙني مذهبن جي تعليمات ۽ سماجيات جو ڳُوڙهو اڀياس ڪيو وڃي ته ڄاڻ ملندي ته مهين جو دڙو جي کوٽائي مان ملندڙ کوڙ سارا اشارا، ڪنايہ ۽ نشانن واضح طور تي ملي ويندا. مثال طور هتان جي کوٽائي مان ملڻ وارين پليٽن تي هاٿي جي تصوير يا ڏاند، ڳئون، شِوِ ديوتا، پپر جي وڻ جو پن، مانگر مڇ وغيره جو ملڻ انهن سڀني کي ان دور جي ديوتائن ۾ شامل ڪري ٿو، جيڪو سلسلو اڃان تائين سموري دنيا ۾ رائج آهي. اڄ به هندستان ۾ هاٿي کي ”گڻيش مهاراج”جي نالي سان پوڄيو ويندو آهي. اتي ئي ڳئون کي کير پيارڻ واري ماءُ جهڙو مقدس سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ئي ان جو نه رڳو گوشت کائڻ هندن لاءِ حرام آهي پر انهن ڳئن جي پوڙهي ٿيڻ تي به انهن لاءِ احترامن وڏو واڙو ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي هندو ”گئو شالا“ سڏيندا آهن. اهي ڳئون، مينهون ۽ ڏاند اڄ به پاڪستان، هندستان ۽ دنيا ۾ کلئي عام رستن، هجوم ۽ چرا گاهن ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.

مهين جو دڙو مان هٿ آيل ڌرتي ماتا (Mother Goddess) جهڙا مجسما دنيا ڀر ۾ ملن ٿا. مهين جو دڙو مان ملڻ واري بيل گاڏي اڄ به سنڌ هند ۾ ۽ دنيا جي قريبن هر ملڪ ۾ ملي ٿي. اهڙي ريت برهمڻي سماج ۾ ڏاند کي طاقت جي ديوتا طور هر دور ۾ خاص حيثيت رهي آهي.

قديم مائنوئن جي ڪريٽ (Crete) تهذيب جا ڌڻي به ڏاند جي پُوڄا ڪندا هئا. اڄ به جديد سماجن ۾ ٿورڙي ردوبدل سان ساڳيون قديم ڳالهيون سمايل ملن ٿيون. جيئن اڄ ڪلهه سفيد ڪبوتر کي امن جي نشاني/علامت سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته مُهين جو دڙو جا باشندا سفيد سَيهر کي امن جي پرچار لاءِ استعمال ڪندا هئا. اڄ جيڪڏهن اسان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي ٿئي ته خبرن ۾ ٽي وي جي اسڪرين تي رڇ جي تصوير ڏيکاري وڃي ٿي، جيڪو سست رفتاري جي علامت ڏيکاريو ويندو آهي. جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جي دوران ٽي وي تي ڏاند ڏيکاريو ويندو آهي يعني طاقت، رفتار ۽ اورچائي.

مهين جي دڙي جي کوٽائي مان سڱن واري ديوتا جون ٽن قسمين جون مهرون مليون آهن، جن مان ٻن مهرن تي ديوتا هڪ اسٽول يا تخت تي ويٺل نظر اچي ٿو جڏهن ته ٽين پليٽ تي هو زمين تي ويٺل نظر اچي ٿو. هن ديوتا جا ٽئي انداز يوگا جي آسن جهڙا آهن. اهڙائي آسن اڄ به يوگا سکڻ وارا استعمال ۾ آڻيندا آهن.

هن ديوتا جو جسم اگهاڙو آهي جڏهن ته هن کي رڳو چوڙيون هار پاتل آهن جڏهن ته هن جي مٿي تي عجيب قسم جي پڳڙي پهريل آهي. جنهن ۾ ٻه وڏا سڱ آهن. جن جي وچ ۾ هڪ ٻوٽي جي تصوير اڪريل ملي ٿي. انهن ٽنهي مهرن مان سڀ کان وڏي مُهر تي اهو ديوتا يا پُڄاري چار جانورن يعني هاٿي، شينهن، ڏاند ۽ لڪڙ بگهڙ جي وچ ۾ ويٺل آهي. جڏهن ته ان جي پائيدان جي هيٺان ٻه هرڻ ويٺل آهن. هي ديوتا جي شڪل ائين لڳي ٿي جيئن ڪتابن ۾ مهاتما گوتم ٻڌ.  جيتوڻيڪ مهاتما ٻڌ جي پيدائش مهين جو دڙو جي تباهي کان ڏيڍ هزار سال پوءِ ٿي هئي پر ٿي سگهي ٿو ته ان مُهر وارو پڄاري مهين جو دڙو وارن جو وڏو اوتار هجي. ان جي مٿي تي ٻوٽي جي باليدگي کيس جنسيت زده ظاهر ڪري ٿي، جيڪا ڌيان ان طرف وٺي ٿي وڃي ته ٿي سگهي ٿو اهو زرخيزي جو ديوتا هجي. سندس چهري تي شينهن جهڙو جاھ جلال ۽ حشمت موجود آهي. جنهن متعلق ماهرن جو خيال آهي ته ”اهو انسان نه آهي“ هن جي سڄي ۽ کٻي طرف ننڍا ننڍا اڀار آهن. جن جي متعلق جان مارشل جي راءِ آهي ته ”هي ان ديوتا يا پڄاري جا ٻه الڳ الڳ چهرا آهن“ انهن سڀني ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته ان سڱن واري ديوتا ۽ بعد واري هندو مذهب جي شيو ديوتا ۾ ڪيئي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن. جنهن جو سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته اهو زخيزي جو ديوتا هيو. جنهن کي ”پشتو پتي“ يعني حيوانن جو ديوتا/حاڪم چوڻ سان گڏ هندو ڏند ڪٿائن ۾ مهاتپسيا، مهايوگي يا ڪٿي ڪٿي ٽن چهرن وارو ديوتا پڻ چيو ويندو آهي.

مهين جو دڙو جي کوٽائي منجهان هٿ آيل ڪجهہ مُهرن تي سميري (Sumerian) ديوتا گلگاميش پڻ اڪريل مليو آهي. جيڪا ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته سنڌ واسين جا تعلقات يقينن سميرين سان به هوندا. هندو مذهب جي ڪجهہ گروهن جو خيال آهي ته  زمين کي هڪ ڏاند پنهنجي سڱن تي کنيو بيٺو آهي، جڏهن هن ڏاند جو هڪ سڱ ٿڪجي پوندو آهي ته زمين تي ارتعاشي معاملا جهڙوڪ زلزلو جنم وٺندا آهن. انسانن جي ٻئي گروھ جو چوڻ آهي ته زمين کي هزار سرن واري هڪ نانگ پنهنجي پٺي تي کنيو بيٺو آهي، جيڪو ان جي بار کان ڪڏهن به ٿڪبو ناهي. جڏهن ته اهڙن عقيدن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو اهو پڻ مڃڻ آهي ته هن ڌرتي جي چئني ڪنڊن کي چار هاٿين پنهنجي ڪلهن تي کڻي رکيو آهي ۽ اُهي چارئي هاٿي هڪ ڪُمي جي پُٺيءَ تي سوار آهن جيڪو پاڻي جي وسيع ذخيري (سمنڊ) جي سيني تي تري رهيو آهي. جيئن ته اهي تمام عقيدا مُهين جو دڙو جي قدامت کان نوان آهن ۽ مهين جو دڙو جي مهرن تي اهڙي طرح نانگن، هاٿين، ڏاندن ۽ مانگر مڇن جو ملڻ محققن جو خيال هن حقيقت ڏانهن کڻي وڃي ٿو ته اهڙا بعد جا عقيدا ۽ اعتقاد ٿي سگهي ٿو ته ٻين قومن سنڌو سڀيتا جي رهواسين کان مستعار ورتا هجن.

قديم سنڌ ۽ هندستان جا آريا ماڻهو فطرت ۽ ان جي مظهرن جي پوڄا ڪندا هئا. آرين جو وڏو ديوتا جنگ جو اندر ديوتا هوندو هيو، ٻين ديوتائن ۾ اگني (باھ) جو ديوتا هيو ڇو ته باھ کي روز مره جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل هوندي هئي. سوريه (سج) ديوتا هيو ڇو ته سج سان گرمي ۾ فصل پيچندا هئا ۽ اونداهي جو سينو چيري سج ڏينهن جي روشني ۾ تمام دنيا کي روشن ڪندو هو، جيڪو زندگي کي قائم رکڻ ضروري هوندو هيو. انهن جو خيال هو ته هي تمام ديوتا زمين کان گهڻو پري آسمان ۽ پهاڙن تي ڪٿي اونهائي ته ”زويس ديوتا ۽ ان جا پٽ اولمپس جي پهاڙن جي پار رهندا هئا“. جيئن ته رومي تاريخ سنڌي تهذيب کان گهڻي ننڍي آهي ان لاءِ ان خيال جي اصل جنم ڀومي سنڌ آهي.

جهڙي طرح قديم هندي ڪتابن ۾ متر کي آسمان جو ديوتا ۽ ورونه کي هوائن جو ديوتا ڪوٺيو ويو آهي. اهڙي طرح مهين جو دڙو جي کوٽائي مان مليل ٽن سرن واري جانور جي مُهر (پليٽ) تي اڪريل هڪ سر (منهن) آسمان طرف ٻيو هيٺ زمين طرف ۽ ٽيون سر پوئتي ڏي آهي، جيڪو زميني مخلوقات لاءِ آفتن جي بچاءُ جي تثليث آهي، ڇو ته انسان کي هميشه ٽن طرفن کان خطرو هوندو آهي. هڪ مٿان آسمان کان، ٻيو پُٺ کان ۽ ٽيون زمين مان (هيٺان). اهو ٽِہ مُنهُون ديوتا سنڌي سماج ۾ يقينن ٽنهي طرفن کان ايندڙ بلائن (خطرن) يعني هر بلا کان محفوظ رکڻ وارو ديوتا رهيو آهي. اهڙي قسم جون تثليثات جيڪي مهين جو دڙو جي مُهر تي اڪريل آهن، سي قديم دور کان جديد دور تائين هر مذهب ۽ سماج ۾ لڌيون ويون. جيئن سميري تهذيب ۾ آنو، ابا۽بيل ديوتا، يوناني ڏند ڪٿائن ۾ زيوس، پوزديد ان ۽ هيڊس ديوتا جي تثليث، رومي مذهبي آکاڻين ۾ جيوپيٽر، نيپچيون ۽ پلوٽو جي تثليث، مصري تهذيب ۾ سيت، سُو ۽ اهورس ديوتائن جي تثليث، سميري ميسو پوٽيما جي قديم مذهبي اتهاس ۾ سن، شين ۽ اشطر ديوتا جي تثليث وغيره وغيره ساڳي تري مورتي جو تسلسل آهن جيڪا مهين جي دڙو مان هٿ آيل مهر تي اڪريل آهي. ان ڳالھ کي جيڪڏهن اڃان اسان جديد دنيا ڏانهن کڻي اچون ته رياضي ۽ طبيعات جي تاريخ ۾ ٽن سائنسدانن گليلو، آئن اسٽائن ۽ نيوٽن جي تثليث جڙيل آهي.

جيئن رومَ جي مذهبي ڪتابن ۾ زيوس ديوتا کي تمام ديوتائن جو پيءُ ڪوٺيو وڃي ٿو اهڙي طرح مُهين جو دڙو مان هٿ آيل گهڻي کان گهڻي پليٽن (مهرن/ ٺپن) تي هڪ (Unicorn) جي تصوير جو مختلف زاوين سان ملڻ ثابت ڪري ٿو ته ان سماج ۾ يوني ڪارن جي حيثيت ديوتائن جي ديوتا جهڙي ۽ مرڪزي هوندي.

توڙي جو ماهرن جي هڪ وڏي تعداد مهين جو دڙو مان هٿ آيل پليٽن کي رڳو ٺپا چئي جان ڇڏائي آهي پر اهي پليٽون پنهنجي اندر قديم سماجي، سياسي، مذهبي ۽ اقتصادي علمن جا گهڻ رخا پاسا پنهنجي اندر سمويون ويٺيون آهن. توڙي جو ماهر انهن پليٽن تي لکيل تحريرون اڃان تائين پڙهي سگهڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيا آهن پر جڏهن به اهو ممڪن ٿيو ته مون کي يقين آهي ته واديءِ سنڌ جي قديم شهرن مان ملندڙ بي شمار، مذهبي، سماجي، تهذيبي ۽ تمدني معاملا ۽ عقيدا دنيا جي جديد سماجن ۾ آسمان تي ستارن جيان چمڪندي نظر ايندا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close