اڪبر: بيربل مون ٻڌو آهي ته بل گيٽس پاڪستانين کي ويڪسين ۾ سوئر جي چرٻي هڻائَي، انھن جو ڊي اين اي تبديل ٿو ڪري؟
بيربل: حضور… بلڪل صحيح ٿو ڪري.. لعنت آهي اهڙي ڊي اين اي تي، جنهن ۾ رشوت، سفارش، نااهلي ۽ اقربا پروري جا جِيوَ هجن… ها باقي سوئر جي چرٻي تہ هر بي ضمير جي اکين ۾ اڳئي آهي.
ڪجهہ سوچي وري چوڻ لڳو
"ظلِ الاهي! هڪ مفت مشورو آهي، بل گيٽس زال کي طلاق ڏني آهي.. اوهان کيس پنهنجي ارڙهين راڻي بڻايو.. توهان جا مالي حالات به بهتر ٿيندا، بل گيٽس کان بدلو به ٿي ويندو.
اڪبر ايترو ته متاثر ٿيو جو اکين ۾ ڳوڙها تري آيس… سامت ۾ آيو تہ چيائينس:
” ٻڌ بيربل! ٽي سوال پڇانءِ ٿو، جن جو جواب هڪ ئي هجي:
چلهي تي چڙهيل ديڳڙي ۾ کير اڀامي ڇو ٿو؟
پاڻي بالٽي ۾ ڀرجي پوءِ به وهي ڇو ٿو؟
۽ ديڳڙي ۾ رڌڻ لاءِ رکيل ڀاڄي سڙي ڇو ٿي؟
بيربل ٺھ پھ وراڻيو” حضور اعلیٰ، هڪ ئي جواب "فيس بوڪ!”
اڪبر بيربل جي پيرن تي ڪري پيو. ٿورو سھي وري پڇيائينس "هل ڀلا هاڻي اهو ٻڌائي تہ سنسڪرت ۾ زال کي ڇا چئجي؟
بيربل کي جواب ڏيڻ لاءِ هن ڀيري بہ سوچڻ جي ضرورت ڪونہ پئي، وراڻيائين : "حضور اعلیٰ! سنسڪرت ۾ ته ڇا پر ڪنهن به زبان ۾ زال کي ڪجهہ به نه ٿو چئي سگهجي.. جان آهي، تہ جهان آهي سرڪار!”
اڪبر وري بيربل جي پيرن تي ڪري پيو.
اڪبر وري هڪ ٻيو سوال پڇيس: "ٻڌاءِ تہ آيا اڱڻ عجيب، نصيب ڀلا،
ُاُهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان؟
بيربل وراڻيو: حضور! سڌي ڳالھ آ… عجيبن کي چمڻ ئي عقلمندي آهي. اڱڻ کي مهيني کان ٻهاري نه آئي آهي… توھان ڀنگي بہ تہ مسلمان ڀرتي ڪيا آهن، نڀاڳا اچن ئي ڪونہ..”
اڪبر: اسان انارڪلي کي زندان ۾ وڌو.
هاڻي ٻڌڻ ۾ پيو اچي پيو تہ دربان رشوت وٺي کيس ڀڄائي ڪڍيو آهي؟
بيربل: جي قبلا! انارڪلي پاڪستان ۾ آهي، سڄو سال ڊرامن ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ رمضان جي مهيني ۾ مذهبي پروگرام ڪري ماڻھن کي نيڪ ٿيڻ جون نصيحتون ڪندي آهي.
اڪبر: پهاڪي جو جملو پورو ڪر.
اسي منڊ منڊي ۾، نوي ۾ ڪاڻو
بيربل: ملڪ رياض گنجو ساماڻو، تہ مڙني کڻي ماٺ ڪئي!
اڪبر ڊنل سَھَي وانگر ٿورو هيڏي هوڏي ڏٺو ۽ رازدارڻي نموني پڇيائين: يار بيربل ڳالھ ٻڌ.. هيءَ راڻي جوڌا ٻائي مون تي ڏاڍو ظلم ٿي ڪري.. مون کان بصر ڪٽائي، ٿوم ڇلائي ۽ ٿانوَ ٿپا بہ ڌئاري ٿي..
بيربل: قبلا.. پوءِ ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالھ آھي، ٿوم ڇلڻ کان اڳ ٿورو گرم پاڻي ۾ وجهو، ڇلڻ ۾ آساني ٿيندي. بصر ڪٽڻ کان اڳ ۾ ٿوري دير لاءِ فرج ۾ رکو ڪَٽڻ وقت اکين مان ڳوڙها ڪونه ايندا. ٿانوَ ڌوئڻ کان اڳ ۾ هڪ ٿالھ ۾ سڀ ٿانو رکي ڏھ منٽ ڪوسي پاڻيءَ ۾ پسائي رکو ۽ پوءِ "ليمون ڪي طاقت سي ڀرا” واري ليمن ميڪس سن ڌوئو تہ ڏسو ڪيئن ٿا چلڪن..
ڪپڙا ڌوئڻ کان اڳ ڏھ منٽ سادي پاڻي ۾ وجهي رکو بهترين صفائي ٿيندي.. ۽ ٻيو اهي پاڻ وارا ايريل ۽ سرف ايڪسل بہ تہ آهن…
اڪبر جي اکين ۾ وري پاڻي اچي ويو.. ۽ هو هڪ دفعو ٻيھر بيربل جي پيرن تي ڪري پيو. روئندي چيائينس "مرشد! توسان ته مون کان به وڌيڪ ظلم آهي.. مان ته ٽي ڪم ڪيان ٿو، پر توکي ته اضافي ڪپڙا به ڌوئڻا پون ٿا!”
اڪبر اٿيو ۽ تخت ٿي ويٺو.. کنگھڪار ڪري ڳلو صاف ڪرڻ کان پوءِ پڇيائين: "بڌ بيربل… اسان واري درٻاري گويي تان سين جي آواز ۾ سوز ۽ ساز وڌِي ويو آهي، ڇا سبب آهي ان جو؟”
بيربل : حضور تان سين ٻي شادي ڪئي آهي ۽ زال بدصورت ملي اٿس.. ان ڪري راڳ ۾ وڏو درد اچي ويو اٿس.
اڪبر: اڄ ڪلھ شاهي خزانو گهٽبو ٿو وڃي، آمدني وڌائڻ جا ذريعا ٻڌاء!
بيربل: حضور شهزادو سليم واندو آهي، ڪچو شراب ٿو پيئَي.. کيس سنڌ جي ضلعي ٺٽي ۾ خزانه آفيسر لڳاءِ، توهان جي خزاني ۾ چار چنڊ لڳي ويندا.
هن ڀيري بيربل سوال ڪيو: ظل الاهي! توهان امر ڪوٽ سنڌ ۾ پيدا ٿيا.. توهان جي والده حميده بانو بيگم به اتان جي هئي. سنڌ جي ڪھڙي خوبي اوهان ۾ موجود آهي؟
اڪبر: مان اڻپڙهيل ٿيس. ان هوندي به مون ۾ ڏاهپ، بهادري فهم ۽ فراست آهي.
علم ۽ علم وارن جو قدر موجود آهي.
مان سنڌ مان ابوالفضل ۽ ملا فيضي جهڙا عالم گهرايا. راجہ توڏر مل راجستان مان آندم. مون مسلمان هوندي به پنهنجي پنهنجي رويي ۾ توازن رکيو، مذهبي هم آهنگي پيدا ڪئي. شايد سنڌ جي مٽي جو اثر آهي…. ۽ وڏي ڳالھ تہ… مان اڄ به بسڪوٽ چانهن ۾ ٻوڙي کائيندو آهيان.”