ڳوٺ منھنجا  (نظم)

اَمر گُل

هاءِ منھنجا ڳوٺ سي ڪيڏانهن ويا،
شھر جو راڪاس سڀ کائي ويو…

سي ڳوٺ منھنجا، من جي محبوب جھڙا ڳوٺڙا،
جن جي دلڪش فضائن جي چپن تي
ڪوَيلين جي ڪوڪ جو ٿَي گيت گونجيو،
جن جي مڌر ساھن سندي سرھاڻ ۾
سُکن ڀريو سنگيت گونجيو،
ڀَرَي جن جي ڪچن گهرن کي ڀاڪرن ۾
ڪچيون ڀِتيون بيٺيون هيون،
جن جي موڪري منھن تي اڻ ملھ خوشيون
ڪيڏيون چِٽيون بيٺيون هيون…
پدمڻي پَيرن ۾ جن جي
پيار وارِي ڇير جي ڇمڪار هئي،
جن جي رستن مٿان وکريل رڳو
محبتن جَي مَوھَ جِي مھڪار هئي..
ڪشادِي جن جِي  پيشانيءَ مٿان
پرھ جي سونھن جا ٿَي رنگ جرڪيا،
هر نئين ڏينھن جا ٿَي اَمنگ جرڪيا..
جن جي ماسَيرن چپن تي
پئَي سون جھڙي مرڪ جهومِي،
جن جي وڏين روشن اکين ۾
شرم و حيا جي ديد ھئي
۽ پاتل خوابن جو ڪجل هو،
جن جي چوطرف پکڙيل باغن جي بدن ۾
باغِ عدن جي سونھن هئي،
جن ۾ گذاريل هر پلڪ ۽ هر گهڙي
روح جي ڄڻ ورونھن ھئي،..
جن جي اڀ تي اُڀري آيل چنڊ ۾
روحن کي مَنڊيندڙ منڊ هو،
جن جي راتين جا گهاٽا ڪارا وار ها
۽ مٿي تي جهرمر ڪندڙ تارن جي ڍڪيل پوتي هئي،
جن جي گسن تي سج اُلَٿَي
گَئَو ڌُول جو ٿَي سون برسيو
۽ پکين جون مٺيون ٻوليون ٻُريون،
جن جي مٽيءَ ۾ مِينھن جي خوشبو هئي
پيار جِي ۽ نِينھن جِي خوشبو هئي،
جن جي گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾
ڪُراڙا ڪَي ويٺل هئا ڪانڀون ٻَڌِي
قرب ۾ ڳوٿل ڪچھريون سندن
۽ سڪ ۾ ڌوتل ٽھڪڙا
موھ منڊل جو ساھ ها
اُڪنڊ جو ويساھ ها،
ڳوٺ سي غَريبيءَ ۾ هئا جيئرا مگر
ترقيءَ جو آڪاس سڀ کائي ويو،
هاءِ منھنجا ڳوٺ سي ڪيڏانھن ويا
شھر جو راڪاس سڀ کائي ويو…

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close