”سنڌ جي سرزمين جو وڪرو پيپلز پارٽي جو ڪردار ۽ اسان جي جدوجهد“

سيد زين شاھ

سال 2000ع جي شروعات ۾ اسٽيل مِل جي ملازمن جي برطرفيءَ خلاف پريس ڪلب ڪراچيءَ اڳيان احتجاج ٿيو، ان ۾ ٻين سان گڏ آئون بہ گرفتار ٿيو ھئس. بابا (سيد امداد محمد شاھہ) نياپو ڏياري موڪليو تہ ”ضمانت نہ ڪرائجان“، پر آخر ٻن ڏينھن کان پوءِ ٿاڻي تان ئي ڇڏيو ويو. ڪجهہ معاملن ۾ تجربو ۽ ڄاڻ آھي تہ گرفتاري سان وقتي تڪليف تہ اچي ٿي، پر اجتماعي مسئلو وڌيڪ اڀري ٿو ۽ ان جي حل ۾ اڳڀرائي ضرور ٿئي ٿي.

جيئن ئي بحريا ٽائون سازش ڪيس ۾ اڪثريت دوستن جون ضمانتون ٿيون تہ ڪجهہ وڪيلن ۽ ساٿين طرفان مشورو مليو تہ ھاڻي مون کي ضمانت ڪرائي ٻاھر اچڻ گھرجي، ان لاءِ ھيٺيان دليل ڏنا ويا.
1. گرفتاري ڏيڻ بھترين عمل ھئو، پر جيئن تہ ٻيا دوست ضمانت تي اچي ويا آھن، هاڻي اوهان به ضمانت ڪرايو.
2. ھي حڪومت ۽ رياست بي حس، اخلاقيات کان عاري آھي؛ عدالتي نظام سست ۽ حڪومت جي اثر ھيٺ آھي، تنھن ڪري ڪيس تڪڙو نہ ھلندو.
3. ذاتي ڪاروبار ۽ اليڪشني حلقي جي ماڻھن کي ٽائيم ڏيو، نہ تہ اھي متاثر ٿيندا.
4. پارٽي صدر جي صحت ٺيڪ نہ آھي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي رابطہ مھم ھلائي پئي، ان کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ٽائيم ڏيو، اھو بھتر ٿيندو.
5. بلدياتي اليڪشن جلد ٿيندي، توھان جي غير موجودگي ڪري مخالف جبر ۽ سازش ذريعي گھڻا تڪ بنا مقابلي کٽي ويندا.
6. اسان جي ماڻھن جي يادگيري مختصر آھي، ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪنھن کي ياد نہ ھوندو ۽ نہ ئي سار لھندو تہ ڪير اندر پيو آھي.
7. زمينن جو معاملو تمام ننڍو آھي، جيڪڏھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جيل اندر وڃو ھا تہ پوءِ کڻي چئجي ھا تہ ٺيڪ آھي.

ٻيا دوست ان خيال جا ھئا تہ توھان جي گرفتاري پيش ڪرڻ مجموعي طور پراڻن ۽ نون ڪارڪنن ۽ ھمدردن ۾ سٺو تاثر ۽ اتساھہ جڙيو آھي، ان ڪري ان کي برقرار رکڻ لاءِ توھان جيڪڏھن ڪجهہ وقت اڃا اندر رھي ڪيس وڙھندا تہ ان جو فائدو ڪيس کي تڪڙو ھلائڻ جو سبب بہ بڻبو، جدوجھد جو تسلسل بہ جاري رھندو ۽ قومي تحريڪ لاءِ ماضيءَ جي ڪجهہ واقعن ۽ ماضيءَ جي گھڻن اڳواڻن جي لالچ ، خود مطلبي ۽ موقعي پرستيءَ جي ڪري عوام ۾ اعتماد جي کوٽ (Trust Deficit) ٿي آھي، ان جي بحالي ۾ مدد ملندي .

منھنجي خيال ۾ سنڌ جي زمينن جي والار ۽ وڪرو ھڪ اھم قومي معاملو آھي ڇو تہ اسان جيڪا قومي خودمختياري جي جدوجھد ٿا ڪريون ان ۾ سنڌ وطن جي جاگرافي ، ٻولي ، قدرتي وسيلا ۽ ڊيموگرافي جو دفاع اھڙا معاملا آھن، جيڪي قوم جي بقا ۽ روشن مستقبل سان لاڳاپيل آھن ۽ انھن لاءِ ھر محاذ تي جدوجھد ڪرڻ قومي ڪارڪنن تي فرض آھي تہ ٻئي پاسي اها جدوجهد ۽ قرباني قومي تحريڪ کي عوام ۾ اثرائتو پڻ بڻائيندي.
پاڪستان جي وفاق ۾ سنڌ اھو بدقسمت صوبو رھيو آھي، جنھن ۾ غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) ۽ گڊو بئراج جي ٺھڻ سان جيڪي نيون زمينون آبادي لائق ٿيون، انھيءَ مان اڪثريت زمينن جي ورھاست ٻين صوبن جي ماڻھن، فوجي عملدارن، رانديگرن ۽ فنڪارن ۾ ڪئي ويئي. ڪراچي شھر جي وچ جو گھڻو حصو ملڪ جي سلامتي لاءِ ڪئنٽومينٽ کي ڏنو ويو، پر اھو به آھستي آھستي رٽائر ۽ حاضر سروس فوجين کي ڏئي ان بعد هر عام فرد کي منافعي تي وڪرو ڪيون پيون وڃن.

ڪراچيءَ ۾ بلڊر مافيا ۽ قبضاگير تہ سدائين وقت جي حڪومت جي وزيرن ۽ پوليس آفيسرن جي تعاون سان پنھنجي ڪم کي لڳا پيا آھن، پر ڪراچيءَ جي ملير ضلعي جي زمينن جي وڪري جي حڪومتي سطح تي شروعات ڪندڙ 1995ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سيد عبداللہ شاھہ ھئا. اِن ڳالھہ جو راوي اُن وقت جو پيپلزپارٽي جو ايم پي اي سردار احمد علي پتافي آھي جنھن ٻڌايو تہ وزيراعليٰ ھائوس ڪراچي مان اوچتو اطلاع آيو تہ اڄ ھنگامي گڏجاڻي رکي وئي آھي ان ۾ محترمہ بينظير پڻ شرڪت ڪندي. ان وقت اسيمبلي اجلاس ھلندڙ نہ ھو تنھنڪري تقريبن 35 ايم پي اي ۽ ايم اين اي پھچي سگھيا جنھن ۾ سردار پتافي ڪراچي ۾ ھجڻ ڪري پڻ شرڪت ڪئي. اتي گڏجاڻي ۾ ڳالھہ رکي وئي تہ ڳڙھي خدا بخش ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس خاندان جو مقبرو ٺھرائڻو آھي ان لاءِ پئسا گھرجن سڀ حصو پتي (Contribution) ڏيو، اتي موجود دوستن ڪجھہ لکن جو اعلان ڪيو ٻين اڻھوند جا بھانا ڪيا جڏھن تہ ان جي تعميرات جو ڪاٿو (Estimate) تمام گھڻو ھئو. وزير اعليٰ عبداللہ شاھہ ، محترمہ بينظير کي چيو تہ اھو ڪو مسئلو نہ آھي توھان اجازت ڏيو تہ ملير ضلعي جي ڪجھہ زمين کپائي (بلڊرن کي ) پيسا پورا ڪري وٺندس، جيڪا اجازت اتي جو اتي بينظير ڏني ان وقت ڊپٽي ڪمشنر ملير صديق ميمڻ ھئو ۽ ان پئسي مان ڳڙھي خدا بخش جي مقبري جي تعمير ٿي، ياد رھي تہ مرحوم عبداللہ شاھہ کي اقتدار تان لاھڻ کانپوءِ ان تي (NAB) ۾ جيڪي ڪرپشن جا ڪيس ظاھر ٿيا تہ ان ۾ ملير ضلعي جي زمين جو تمام گھڻو ناجائز وڪرو بہ شامل ھئو جنھن کي سندس غير موجودگي (ملڪ مان ڀڄي آمريڪا لڪڻ ڪري ) ۾ مفرور قرار ڏنو ويو ھئو .
ان ڳالھہ جي تصديق مونکي وري ٻئي ذريعي کان بہ ٿي. بابا جي وفات 2004ع کان ڪجھہ سال پوءِ منھنجي ھڪ ساٿي فيروز خاصخيلي نياپو ڏنو تہ سابق صحافي ۽ سندس ٽيوشن استاد رائوعقيل الرحمان ملڻ ٿو چاھي، پر دم جي سخت بيماري ڪري ھو ٻاھر نڪرڻ جھڙو نہ آھي . آئون ساڻس سندس گھر خانزادو محلو سڪرنڊ شھر ۾ ويس کٽ تي ويٺو ھئو . ھن بابا جون گھڻيون يادگيريون ۽ ساڻس ويجھڙائي ۽ قربت جو احوال ڏنو. رائو عقيل روزانہ مشرق ، حريت ، جسارت ، PPI ۽ APP سکر ۾ نمائيندي طور ڪم ڪندو رھيو ھئو ان ھيٺيون واقعو بہ ٻڌايو.

پاڻ ٻڌايائين تہ ڳڙھي خدا بخش جي مزار لاءِ ملير ۾ زمينن جي وڪري واري اھا خبر مون تفصيلن اخبار کي ڏني ھئي. ڪجھہ وقت کانپوءِ وزير اعظم بينظير ڀٽو جو دورو ٿيو آئون بہ ان کي ميڊيا ڪور ڪرڻ لاءِ نئون ديرو ھائوس ضلعي لاڙڪاڻي تي ويس . ٿوري دير ۾ سيڪريٽري مون کي ڪمري ۾ وٺي ويو جتي محترمہ بينظير ويٺي ھئي، ھن کي منھنجو تعارف ڪرايو ويو ، پاڻ چيائين تہ اھا خبر توھان ھلائي ھئي، مون ھاڪار ڪئي، محترمہ چيو تہ ان جي ترديد ڪري پاڻ خبر ھلايو تہ ڳڙهي خدابخش جي مزار تي لڳندڙ اھو پيسو ملير ضلعي جي زمينن جو نہ پر عوام جي ڊونيشن مان گڏ ٿيو. مون کين چيو تہ اھا ترديد آئون ضرور ھلائيندس، پر توھان جي نالي سان تہ ” محترمہ بينظير ڀٽو چيو آھي تہ اھو مقبرو عوام جي ڊونيشن سان ٺھي ٿو“ . اھا ڳالھہ کيس نہ وڻي مون کي واپس ڪمري کان ٻاھر وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو .

اھا زمينن جي حڪومتي سرپرستي ۾ ناجائز وڪري جي شروعات تہ اڄ کان 26 سال اڳ ڪئي ويئي ھئي پر 2008ع کانپوءِ محترمہ فريال ٽالپر ۽ آصف علي زرداري جي ماڻھن ڪراچي ۽ ٺٽي جي زمينن جي ڀينگ ڪئي . جنھن ۾ گھڻا سنڌ حڪومت جا آفيسر ۽ عملدار ڪيسن ۽ سزائن ۾ پيا لوڙين پاڻ مفاھمت ۽ مصلحت جي نالي ۾ سنڌ دشمني ۽ غداري ڪندي سنڌ فروشي عيوض اقتدار ۾ ويٺا آھن ۽ نالي ماتر ڪيسن جون حاضريون پيا ڀرين. ان کانسواءِ ھڪ خود غرضيءَ جي انتھا ڪراچي شھر جي دشمني جو ٻيو مثال ملير نديءَ جي بندن اندر نديءَ جي پيٽ مان لڳ ڀڳ ٽيون حصو شروع کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ تائين کپائڻ جو احوال ڪجه هيٺين ريت آهي.

ملير ندي جيڪا کير ٿر جبلن جي سلسلي مان مول جبل کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڊفينس ھائوسنگ اٿارٽي وٽ ختم ٿئي ٿي. ان نديءَ جي پھرئين حصي يعني مول جبل کان M-9 (سپر ھائي وي ) تائين مول ندي سڏجي ٿي ۽ سپر ھائي وي کان سمونڊ تائين ملير ندي سڏجي ٿي جيڪا انصاري پل سپر ھائي وي کانپوءِ ميمڻ ڳوٺ ، ڄام ڳوٺ ، ملير پل ، شرافي ڳوٺ کانپوءِ ڄام صادق علي پل کان ٿيندي سمونڊ سان ملي ٿي جتي سڄي پاسي تي ڊي ايڇ اي فيز 8 ، کاٻي پاسي تي ڪورنگي ۽ سامھون ڏنگي ٻيٽ آھي.

اھا ندي ڪراچي جي ٽن ضلعن ملير ، ڪورنگي ۽ ڪراچي سائوٿ مان مينھن جي پاڻي جو قدرتي نيڪال آھي جنھن جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو. ملير نديءَ جا بند سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ اڄ کان 30 سال اڳ ٺھرايا جبل کان ملير، لانڍي ، ڪورنگي کان D.H.Aفيز 8 تائين جنھن بند تي ھاڻي ملير (Express way) ٺھي ٿو جنھن جو اعلان موجودہ وزير اعليٰ ڪري چڪو آھي يعني ڪورنگي واري ڄام صادق علي پل کان سپر ھائي وي D.H.A سٽي تائين.

ان ڳالھہ جا تفصيل ان وقت جي پروجيڪٽ انجينئر محترم غلام سرور ابڙو جيڪو ھن وقت رٽائر آھي ان ٻڌايو تہ پروجيڪٽ جي ڊزائين ماھر انجنيئرن تيار ڪئي ڊيگھہ ويڪر ۽ اوچائي (اُمڪ) ملير ندي جي تاريخي وھڪرن ۽ مينھن کي ڏسي جڏهن ته ان ملير نديءَ کي سوڙھو ڪرڻ ڪراچي شھر لاءِ تباھي جو سبب ٿيندو ڇو تہ شھر مان مينھن جي پاڻيءَ جو قدرتي نيڪال جو نظام پڻ ملير ۽ لياري تي رکيل آھي.

پيپلزپارٽي جي 2008ع ۾ حڪومت اچڻ کانپوءِ ان وقت جي ملڪي صدر جي چوڻ تي وزيراعليٰ قائم علي شاھہ ملير ندي جي پيٽ کي ٽيون حصو سوڙھو ڪري نئون بند ٺاھڻ جو حڪم ڪيو ۽ اھا زمين سڄي ندي بحريا ٽائون کان ملير ، لانڍي ، شاھہ فيصل ٽائون ، محمود آباد کان DHA فيز 8 تائين کپائي ڇڏي. جنهن کي ميان نواز شريف جي حڪومت دوران (2013-2018) نيب ڪاروائي ڪري ان کي سوڙھو ڪرڻ جي عمل کي روڪي ڇڏيو ھئو جيڪو اڃا تائين روڪيل آھي جڏهن ته انهي جو ڪيس (NAB) ۾ قائم علي شاھہ ۽ سرڪاري ڪامورن تي ھلندڙ آھي، اميد تہ انصاف ٿيندو ۽ ملوث ماڻھن کي سزائون اينديون.

مطلب تہ سنڌ جي زمينن جي ناجائز وڪري جي ابتدا بينظير ڀٽو ۽ عبداللہ شاھہ ڪئي، پر انتھا بلاول زرداري ۽ مراد علي شاھہ ڪري ڇڏي آھي. جيڪي اڳتي وڌيڪ ملير، ٺٽو ۽ خصوصن ڄامشوري ضلعي ۾ ٽپي پيا آھن اتان بحريا ٽائون ۽ ٻين ڪيترين اسڪيمن لاءِ ماڻھن جي نالي تي زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي پيسن عيوض ۽ پوءِ انھن کي مختلف بلڊر مافيا جي حوالي ڪندا پيا وڃن تہ جيئن ڌاري آباديءَ جي منظم والار ٿوري وقت ۾ ٿي وڃي. تمام تيزيءَ سان سنڌ جي ٽن ضلعن ملير ، ٺٽو ۽ ڄامشورو ۾ زمينن جا ناجائز کاتا روينيو، ليئنڊ يوٽيلائيزيشن ڪوآپريٽو سوسائٽي ۽ رجسٽريشن آفيسن جا بي ايمان سنڌ دشمن ڪامورا ڪري رھيا آھن. انھن سرڪاري عملدارن سان گڏ علائقي جا وڏيرا ، سردار ۽ عوامي نمائندہ ايم پي اي ۽ ايم اين اي پڻ ڪميشن تي بروڪرن وارو ڪم پيا ڪن.

ان ناجائز سنڌ دشمن عمل کي رياست جو ڪو بہ ادارو نٿو روڪي نہ سنڌ حڪومت ، نہ وفاقي حڪومت ۽ نہ ئي عدالتون. ان ڏکائيندڙ صورتحال ۾ ڪاٺوڙ جي رھاڪن مان ڪجھہ غيرتمند مرد ۽ عورتن مئي 2021ع ۾ بحريا انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪندي بلڊوزر ۽ ٻين مشينن جي سامھون آيا ۽ احتجاج ڪيائون. انھن سان يڪجھتي طور سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ 6 جون 2021ع تي سپر ھائي وي M-9 تي پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو جنھن ۾ لکين مقامي ۽ سنڌ جي باشعور عوام گڏ ٿي احتجاج ڪيو تہ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ائڪشن ڪميٽي ۾ شامل جماعتن جي اڳواڻن ۽ مظاهري ۾ شامل هزارين ماڻهن تي دھشتگردي جي ڏوھن جا ATC ڪورٽن ۾ ڪيس ڪرايا آھن، پر افسوس جو ان معاملي تي بااثر، لالچي ۽ پيداگير ته مجرماڻي خاموشي اختيارڪريو ويٺا آھن، پر اتي قومي ڪارڪنن جي ھمت کي سلام پيش ٿا ڪريون جو سندن بي ڊپائي ۽ انهن جي جدوجھد قوم ۾ فتح جي اميد پيدا ڪئي آھي.
”جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇنِ اُت پَاٻوھي پڌرو“ (شاھ)

وقتي طور تہ طاقتور عوامي احتجاج ۽ غيور قومي ڪارڪنن جي جرئت بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي ڀرپاسي رھندڙن خلاف سنڌ حڪومت ۽ بلڊر مافيا جي ناجائز آپريشن کي روڪيو، پر مستقل حل لاءِ سنڌ جي ماڻھن خصوصن متاثر عوام کي اھو ڏسڻو پوندو تہ جن اسان جي زمينن ۽ سنڌ جي مفادن جي وڪري عيوض پنھنجا قبرستان ٺھرايا، ملڪ اندر توڙي ٻاھر محل ٺاھيا ۽ ملڪيتون ورتيون غير ملڪي بئنڪن ۾ اربين ڊالرن جا بيلنس ٺاھيا ان جي عيوض سنڌ جي موجودہ حڪمران جماعت ڪٽ پتلين وانگر نچي سياست ۾ ٽپا ۽ گھمريون ڏيندي نظر پئي اچي، جنھن لاءِ آغا شورش ڪاشميري جو ھيٺيون شعر درست منظرڪشي ڪري ٿو تہ ،
میرے وطن کی سياست کا حال مت پوچھو،
گھری ہوئی ہے طوائف، تماش بینوں میں!
انهي سموري صورتحال کي ڏسندي آئون مستقل حل لاءِ پھرين ضلعو ملير، ٺٽو ۽ ڄامشورو جي متاثر علائقن جي ماڻھن کي هوشيار ٿو ڪريان ته ماضيءَ جي واقعن ۽ غلطين کي ڏسندي خود احتسابي جي عمل مان گذرندي مستقبل ۾ کين پنھنجن علائقن مان سنڌ دشمن بااثر فردن ۽ جماعتن کان سياسي طور لاتعلق ٿيڻون پوندو، ٻئي صورت ۾ سندن زمينون ته وينديون ان سان گڏوگڏ سنڌ ڪنهن وڏي مشڪل ۾ پئجي ويندي.

سَــرھــا ڏِٺم سي ، جَــنِ ساڃــاءَ سراڻ سين ،
تيغ تَنِي جي کي ، ڪَٽُ نہ لڳي ڪڏھين .
(شاھ)

زين شاھ
وارڊ نمبر سيڪيورٽي 16، سينٽرل جيل ڪراچي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close