ڇا پِري-اسڪولنگ ضروري آهي؟

شبير احمد قريشي

صبح جو ڇهين بجي کان مختلف اسڪول وين وارن جي آمد شروع ٿيو وڃي.
ٽن چئن سالن جي ٻارن جا ٻيڪاٽ، معصوم ٻارن جو ماءُ جي هنج ۽ بستري ڇڏڻ کان انڪار..
گهل گهلان… وٺ پڪڙ… پيءُ جون هڪلون… ڪتاب ڳاٽي ۾.. زوريءَ وين ۾ واڙيندا وڃن.
لنچ باڪس ۾ رات جا بچيل ڪي ڪباب، بيدو يا هڪ ٻه سلائيس.
پنهنجا معصوم هڪ جاهل ۽ اکڙ قسم جي ڊرائيور حوالي ڪري. (جو سڄي واٽ ٻارن کي ڇڙٻون ڏيندو هلي.. اوئے چپ کرو.)
ٻار روئندو وڃي. روئندو اچي.
اسڪول جي سخت ڊيسڪ تي ستو پيو هجي.
والدين اکڙين ۾ خواب سجايو وتن ته اسان جو ٻار پي ايڇ ڊي  ڪرڻ ويو آهي.
پنهنجي حصي جي ذمه واري هڪ اهڙي ليڊي ٽيچر تي رکي خوش پيا ٿين, جا ٻارن جي نفسيات کان ان واقف ۽ غير تربيت يافته آهي.
3-4 هزارن تي رکيل ٽيچر ڇوڪرين مان توهان توقع رکندا ته 30 ، 35 ٻارن کي سنڀاليندي، جڏهن ته هڪ ماء پنهنجي هڪ  ٻار کي گھر ۾ سنڀالي نه ٿي سگهي.
توهان والدين جي حيثيت سان ڪڏهن KG، نرسري  ڪلاسن جي وزٽ ته ڪري ڏسو، ڪيئن نه ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ وڙهن ٿا.
ڇا هڪ ٽيچر ماءُ وانگر ٻار جا انگل پوراڪندي؟ سُوسُو ڪرائيندي، صفائي ڪندي، لنچ مهل هٿ ڌوئرائيندي، وهندڙ نڪ صاف ڪندي ، نيپي چينج ڪندي. معصوم ٻار ننڊ ڪري ته آرام ده ماحول ميسر ڪندي يا ساڳيون هارڊ هارڊ بينچز؟

جاچ ڪيو ته جنهن واپارين حوالي معصوم ڪيو ٿا اتي باغيچو آهي. جھولا يا ٻيو راند جو سامان آهي فن ۽ آرٽ جا  ڪهڙا سامان آهن، ڪي ڍنگ جون Audio visual ڪٽس آهن، ڪو ڍنگ جو واڌ روم آهي، جتي ٻار وڃي؟
ڪو واش بيسن يا تربيتي ماحول آهي؟ جي نه، ته ڇو ٿا ايتري رقم فيشن طور خرچ ڪيو؟

سڌريل ملڪن جي ٻي ڳالھ آھي اتي ستن سالن جي عمر تائين ٻار کي رڳو اخلاقي تربيت ڏيندا آهن. ڪٿابن جو مڻ مڻ جو ٿيلهو کين ڳچيءَ ۾ ڪونه وجهندا آهن.  هي اسان جي مڊل ڪلاس جي ڳالھ آهي جتي هر گهر ۾ پڙهيل ماء آهي ڇا اوهان گهر ۾ اي بي سي  جو تصور ٻار کي نٿا ڏئي سگھو؟
ون ٽو ٿري انگن جو تصور ڏئي نه ٿا سگهو؟
مارڪيٽ ۾  اهڙين  گيمس جا رانديڪا ۽ بلاڪ جام ملن ٿا. بابا بليڪ شيپ جهڙا هزارين نرسري بيت هر ٻولي ۾ نيٽ تي موجود آهن. منهنجو ذاتي خيال آهي ته پنج سال تائين ٻار ماءُ جي هنج ۾ تربيت حاصل ڪري پنهنجي عادتن کي پختو ڪري، ائٽيڪيٽس ۽ مئنرس کان واقف ٿئي پوءِ پرائمري تعليم شروع ڪري. گهر ۾ ٻار چار ڪلما به سکندو توهان کي نماز پڙهندو ڏسي نماز به پڙهندو، آئَي وئَي سان هٿ ملائڻ، سلام ڪرڻ سکندو.

يقين ڄاڻو پنج سالن ۾ جڏهن ٻار پهرين ڪلاس ۾ داخل ٿيندو ته ان کي نرسري کان وڌيڪ تربيت مليل هوندي.
توهان وٽ وقت نه آهي نه؟؟
ڏسو مان پري اسڪولنگ جو مخالف نه آهيان،
ڪي جي ، نرسري سڌريل ملڪن جو تعليمي نظام آهي پر ڪمپلسري اتي به نه آهي.
ڪيناڊا ۾ ته 5 سالن کان اڳ ٻار داخل ڪرائڻ منع آهي.
اتي پري اسڪولنگ ٽيچر جي قابليت گھٽ ۾ گھٽ ايم فل (ٻارن جي نفسيات  ۾ ) يا پي ايچ ڊِي آهي.
تمام سٺي پگهار تي ٽيچر مقرر ٿيندا آهن، ڳاٽي ٽوڙ فيون ۽ خالصتاََ اميرن جا چونچلا آهن.
ٻارن جي تربيت صرف مشاهدي سان ٿيندي آهي. راند روند ذريعي  تعليم .
ٻار جي رجحان aptitude جي مانيٽرنگ ٿيندي آهي، وڏا ساوا گاھ، وڻ ٽڻ ٻارن کي ڊڪ ڊوڙ جو موقعو ملندو آهي.
هڪ هڪ ايڪشن لکت ۾ ايندو والدين گهرائيندا، گڏيل صلاح مشورو هلندو. هڪ ٽيچر والدين جي گهر ايندو، ماحول جو رهڻي ڪرڻي جو مشاهدو ٿيندو، ٽي وي ڏسڻ جا ٽائيم مقرر ڪندا.
ٻار جي بستر ۽ لباس جي مناسبت سان بحث ٿيندو. ٻار کان پڇندا ته تو سان والدين جو رويو ڪهڙو آهي؟
گهر ۾ ٻار پاڻ ۾ وڙهن ته ڪونه ٿا، وڙهڻ وقت ڪهڙي زبان استعمال ڪن ٿا…
آئي ڪا ڳالھ سمجهہ ۾!؟

جي هتي بہ  اهو نظام آهي ته جي بسم الله…
جي نه، ته هي پرائيوٽ اسڪولن جا تاجر توهان کي رڳو ڪي جي نرسري نالي ۾ بي وقوف پيا بنائين. معصوم ٻار سخت ماحول ۾ معصوميت وڃايو اچن.
گار گند سکيو اچن.
بي سمجھي واري عمر ۾ زوري گهر مان ڪڍڻ ڪري، ٻار والدين کان نفرت ڪرڻ سکي ٿو.
خدارا موبائيل ۽ ٽي وي مان منهن ڪڍو، پنهنجي ٻارن جي تربيت پاڻ ڪيو. اسان جو اهو حال آهي جيئن انڌي گهوڙي ڪل (پاڻي جو گاه)  ۾.. نڪو اڳتي چُري سگھي، نه پوئتي اچي سگھي.

مان ان ڳالھ جو اعتراف ٿو ڪيان ته پراڻن وقتن ۾ تعليم سان گڏ تربيت جي ذميواري به استاد جي هئي. اسان گهر ۾ بد تميزي ڪندا هئاسين ته امڙ چوندي هئي ته تنهنجي استاد ۾ ٿوم ئي ڪونهي جو توکي سڌاري.
واقعي اسان جي استادن تي ﷲ سائين جي رحمت، جو انهن ٻئي ڪم ڪيا.
افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سرڪاري شعبي جا استاد هاڻي اهو ڪردار ادا نه ٿا ڪن، جو سندن شان ۽ مرتبي وارو هجي.

Related Articles

2 Comments

  1. اصل ۾ پري اسڪول سسٽم يورپ ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ھلندڙ سسٽم آھي جيڪو ھتي اصل ۾ پنھنجي اصلي شڪل وڃائي ويٺو آھي. پري اسڪول انھن ٻارن لاءِ ھوندو آھي جنھن جا ماءُ پيءُ صبح سان ڪمن آفيسن ، فڪٽرين ۾ ڪم ڪندا آھن ۽ وري يا سڄو ڏينھن گھر کان ٻاھر رھڻ جي ڪري پري اسڪول، ۽ نرسري اسڪول ۾ انڪري داخل ڪرڻ ضروري سمجھندا آھن تـ .انھن ٻارن کي اٿڻ ، ويھڻ، کائڻ، پيڻ، ڳالھائڻ، ۽ رنگ، ڪلر، آب ، ھوا، جانور ، زبان ، ٻولي سيکارڻ لاءِ ماءُ ، پيءُ وٽ ٽائيم نـ ھئڻ ڪري ضروري ٿي ويندو آھي تـ پري يا نرسري ۾ داخل ڪرايو وڃي پر اسان وٽ ھاڻي رواج ٿي ويو آھي ، پيءُ، يا ماءُ ڀلي سڄو ڏينھن واندا ھجن يا ٻنھين مان ڪو ھڪ گھر ھوندي بـ پنھنجن ٻارن تي ظلم ڪري پري ۽ نرسري ۾ داخلا ڪرائن ٿا.

  2. اصل ۾ پري اسڪول سسٽم يورپ ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ھلندڙ سسٽم آھي جيڪو ھتي اصل ۾ پنھنجي اصلي شڪل وڃائي ويٺو آھي. پري اسڪول انھن ٻارن لاءِ ھوندو آھي جنھن جا ماءُ پيءُ صبح سان ڪمن آفيسن ، فڪٽرين ۾ ڪم ڪندا آھن ۽ وري يا سڄو ڏينھن گھر کان ٻاھر رھڻ جي ڪري پري اسڪول، ۽ نرسري اسڪول ۾ انڪري داخل ڪرڻ ضروري سمجھندا آھن تـ .انھن ٻارن کي اٿڻ ، ويھڻ، کائڻ، پيڻ، ڳالھائڻ، ۽ رنگ، ڪلر، آب ، ھوا، جانور ، زبان ، ٻولي سيکارڻ لاءِ ماءُ ، پيءُ وٽ ٽائيم نـ ھئڻ ڪري ضروري ٿي ويندو آھي تـ پري يا نرسري ۾ داخل ڪرايو وڃي پر اسان وٽ ھاڻي رواج ٿي ويو آھي ، پيءُ، يا ماءُ ڀلي سڄو ڏينھن واندا ھجن يا ٻنھين مان ڪو ھڪ گھر ھوندي بـ پنھنجن ٻارن تي ظلم ڪري پري ۽ نرسري ۾ داخلا ڪرائن ٿا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close