تيرهن سال ڪياماڙيءَ جي هڪ ڊسپينسريءَ ۾ ڪم ڪندي ٿي ويا. ڊيوٽي تي ويندي پٺاڻ ڪنڊيڪٽر پڇندو آهي ”ڪِڌر جائو گي؟“
چوندو آهيان. ”ڪياماڙي“
”ڪيا؟“ هو ڪن کڙا ڪندو آهي.
”ڪياماڙي“
”اڇا ڪيماڙي..“
هاڻي مان ڪياماڙيءَ کي ڪيماڙي ڪيئن چوان، پٺاڻ منهنجو لفظ سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پٺاڻ عالم آهي. دانشور آهي. ٻوليءَ جو ڄاڻو آهي. مان پنهنجي شهر جو جاهل آهيان. منهنجو شهر جنهن جي ڪنارن تي ٺهيل مندرن جي برجن تي سمنڊ جي ڇولين جي چُمين جا نشان آهن. جنهن جون مسجدون در ٻاهران پيل منافقن جي پادرن کان پاڪ هيون. منهنجي مظلوم شهر جي پٿر جون عمارتون جيڪي خودڪش بمبارن جي اڏامندڙ جسم جي ٽڪرن سان ناپاڪ ٿي چڪيون آهن. منهنجا ماڻهو، منهنجي ٻولي، جيڪي انسانن جي ايندڙ سيلابن ۾ غرق ٿي چڪا آهن.
دل چوي ٿي روئان، ننڍي هوندي روئندو هئس ته امڙ چوندي هئي ”بس ڪر، روئي روئي ڪِن ڪيا ٿي.“
ڪراچيءَ ۾ ڪِن ڪرڻ لئي جاءِ نه بچي آهي، سو نه روئندس، کلڻ جي گنجائش ان ڪري نه آهي جو ڪراچيءَ ۾ گنجائش آهي ئي ڪونه..
جيڏانهن وڃ. “ڊوميسائيل ڏيکار.”
ڇا سنڌ اسان جي آهي؟
فطرت هڪ مهرباني ڪري ها. جڏهن پيدا ٿيون ها ته ڪنهن هڪ عضوي تي اهو لکيل هجي ها ”سنڌي“ گهٽ ۾ گهٽ وقت تي کولي ڏيکاري ته سگهون ها.
هتي ته ماڻهن ﷲ کي به نه بخشيو آهي. ڪياماڙي ٽائون ۾ ماڙيپور اڳيان هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي “ﷲ بانو” چيو وڃي ٿو.
جنهن کان پڇ ”ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟“
چوندو ”ﷲ بانو“
مون ‘شهر بانو’ ته ٻڌي آهي، پر خبر پئي ته هتي الله بانو به آهي. (نعوذ باللہ)
جڏهن سوچ لڙايم ته اهو اُچار صحيح نه هيو. اهو ”ﷲ ٻانھو“ آهي، جيڪو انگريزيءَ ۾ Allah Bano لکجڻ ڪري بدلجي ﷲ بانو ٿي پيو آهي. هاڻي جيڪڏهن مان ڪياماڙيءَ جي اسپتال ۾ ويهي ڪنهن کي چوان ته ”بابا اهو ﷲ ٻانھو آهي.“
ته پڇندا ”کوچا، اهو ٻانھو ڇا آهي؟“
پهريون ته مهاجر ۽ پٺاڻ ٻانھو چئي ڪو نه سگهندا، ڇو جو ٻانھا صرف اسان سنڌي آهيون، پر جيڪڏهن انهن کي سمجهايان ته ٻانھو ان کي چئبو آهي جيڪو غلام هجي ۽ پنهنجو اصل نالو به ٻڌايان ته ”جيئن مان ڊاڪٽر غلام رسول“ ته پوءِ ايئن چئي سگهن ٿا ته ان ڳوٺ جو نالو ﷲ ٻانهو نه پر غلام ﷲ هجڻ گهرجي، جيئن نالو کڻڻ ۾ آساني ٿئي ۽ هو ان عظيم گناھ کان بچي وڃن.
وري ڪياماڙيءَ ۾ ٻيو قهر ڏسو. هتي هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي ”بودني“ سڏيو وڃي ٿو. اهو ڳوٺ به ماڙي پور جي پريان آهي. مان جڏهن به ڪنهن ويڪسينيٽر کي چوندو آهيان. ”وڃ ۽ وڃي بودنيءَ ۾ پوليو جا قطرا پيئار“ تہ ڏاڍي شرمندگي محسوس ڪندو آهيان، ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي ان جي ڪيل گناهن جي سلي ۾ گار ڏيندو هجان. پر اها منهنجي مجبوري آهي. ڳوٺ کي سالن کان وٺي ان نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هاڻ ڀل محسوس ڪيان ته اهڙا گندا لفظ چئي سٺو ڪم نه ڪري رهيو آهيان، پر ٻڌندڙ کي ان ڳالھ جو احساس صفا نه ٿيندو، ڇو جو اهو عام مروج لفظ آهي، جيڪو ٻڌي ٻڌي سڀ هري ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کان پڇندم ”ڪٿان جو آهين؟“
هو چوندو ”بودنيءَ جو“
ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور، اهو آهي ئي بودنيءَ جو. قصور انهن جو آهي جن نالا بگاڙيا. دراصل اهو بودني نه پر سنڌ جو تاريخي ڳوٺ “ٻڍاڻي” آهي. جيڪو انگريزيءَ ۾ Bodani لکجڻ ڪري تلفظ مٽائي ويو. اهي سڀ ڪراچيءَ جي اولھ ۾ سمنڊ ڪناري آباد ڳوٺ آهن. جيڪي ٽرڪ اڏن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اردو ۽ پشتو زبانن ۾ انهن جا اچار نه هجڻ ڪري تلفظ بدلجي چڪا آهن. ٻاهران آيل ماڻهو سنڌي اچارن تي طنز ڪري رهيا آهن ۽ اسين سنڌي به تذليل جي خوف کان اهي بگڙيل لفظ استعمال ڪري رهيا آهيون، جيئن ٻين کان مختلف نظر نه اچون ۽ ڪنهن به عتاب کان محفوظ رهي سگهون. تاريخ ۽ وقت جو ستم ته ڏسو ٻاونجاھ اچارن واري زبان جي مالڪ کي ”اڌ اکري“ تلفظ صحيح ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن.
پٺاڻ وري پشتو ڳالهائيندي غير ارادي طور سنڌي ڳالهائي وڃن ٿا. ايئن ئي هڪ دفعي جڏهن بس ۾ ويٺو هيس ته سچل ڳوٺ کان اڳتي ڪنڊيٽر بس جي لوھ جو در کڙڪائي وٺي رڙيون ڪيون.
”مروڙا…. مروڙا“
ڊرائيور بس روڪي، مون سمجهيو شايد هن کي مروڙا پيا آهن، لهي جهاڙين ۾ ويندو، پر هڪ همراھ ٻڌايو ته ”ماروئڙا ڳوٺ اهو اٿئي، لھي وڃ.“