ڀٽو صاحب ۽ بينظير ڀٽو جي خاص ملازم عثمان فليش مين سان هڪ يادگار رهاڻ

آصف رضا موريو

محمد عثمان المعروف عثمان فليش مين هڪ خوبصورت ۽ سٻاجهو انسان هيو. هو پهرين اپريل 1950ع ڌاري لاڙڪاڻو شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم دوران ئي پڙهائيءَ تان دل کڄي ويس، 1966ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ وٽ ملازم رکيس. اهڙي ريت فليش مين ڏھ سال ڀٽو صاحب سان، ٽيھ سال شهيد بينظير ڀٽو سان ۽ زندگي جا آخري پنج سال آصف علي زرداري سان خدمت ڪندي گذاريا.
ڀٽو هائوس تي نوڪري دوران بہ وچ ۾ مختلف وقتن تي مختلف ڌنڌا ڌاڙي ڪندو رهندو هيو. نوجواني ۾ ئي فلمن جو شوق لاهور ڇڪي ويس، جتي ڪجهہ سال اداڪار وحيد مراد وٽ ڊرائيور طور ملازم رهيو ۽ وري واپس ڀٽو صاحب وٽ آيو. ڀٽو صاحب يا بينظير صاحبہ جڏهن غيرملڪي دورن تي ٻاهر ويندا هيا، تہ هي پنهنجو بوريو بستر کڻي ڊرامن ۽ فلمن جي ڪڍ هوندو هيو.
فليش مين سان منهنجي ملاقات ۽ پوءِ دوستي زندگي جي آخري ٻارنهن سالن کان هئي. هو منهنجي لاءِ سدائين ڪنهن ڪلاسيڪل ڪتاب جيان رهيو، جيڪو هر ڀيري پڙهڻ سان نئون مزو ڏيندو هيو ۽ اڻ ڏٺل جزيرن جيان حيرت انگيز هوندو هيو. سندس ڏات ۽ تات سبب ئي هر ٻئي ڏينهن ساڻس ملندو هيم تہ جيئن هن گهڻ گُڻي انسان مان ڪجهہ پرائي سگهان.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ متعلق عام ۽ خاص معلومات جا جيترا ڀنڊار مون فليش مين وٽان ٻڌا، اوترا ۽ اهڙا نہ ڪنهن شخص وٽان ٻڌا ۽ نہ ئي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيا، بلڪ هن کي لاڙڪاڻو ۽ ڀٽو خاندان متعلق انسائيڪلوپيڊيا ڪوٺجي، تہ غلط ڪونہ ٿيندو. هي مانجهي مرد 62 سالن جي عمر ۾ 22 جون 2012ع تي دل جي دوري پوڻ سبب پنهنجي مالڪ کي پيارو ٿي ويو. سندس هي انٽرويو مون کانئس وفات کان هڪ هفتو اڳ ورتو هيو، جيڪو ان دور ۾ ڪاوش اخبار جي مڊويڪ ميگزين ۾ پڻ ڇپيو هيو.
بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو جي هنج ۾

سوال: توهان تي فليش مين يعني جادوگر ماڻهو نالو ڪنهن رکيو؟
جواب: وڏي صاحب (ڀٽو صاحب) رکيو هيو.

سوال: ۽ بينظير صاحبه توهان کي ڪهڙي نالي سان ڪوٺيندي هئي؟
جواب: اها به فليش مين ڪوٺيندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن.. نہ تہ رڳو فليش سڏيندي هئي.

سوال: ڀٽو صاحب سان توهان جي پهرين ملاقات ڪيئن ٿي هئي؟
جواب: وڏي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1966ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن مان پنهنجي استاد ڊکڻ سان المرتضيٰ هائوس ۾ تصويرن جا فريم ٺاهڻ ۽ انهن کي ڀتين تي لڳائڻ ويو هيم.

بينظير ڀٽو ننڍپڻ ۾ صنم ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاھ نواز ڀٽو سان گڏ

سوال: ۽ بينظيرڀٽو صاحبہ سان پهريون ڀيرو ڪيئن مليؤ؟
جواب: اها به المرتضيٰ هائوس تي ٿي هئي.. سال ياد ڪونهي، پر مون کي ياد آهي تہ وڏو صاحب کيس مليل تحفا مون کان ڇانٽي ڪرائي رهيو هيو، تہ محترمہ هال ۾ داخل ٿي سلام ڪيو تہ صاحب کيس مخاطب ٿيندي منهنجو تعارف ڪرايو تہ ”هي منهنجو سيٽ ڊيزائينر آهي.“

بينظير ڀٽو نئون ديرو لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي گهر جي دروازي وٽ بيٺل

سوال: بيبيءَ سان ٻي ملاقات ياد آهي؟
جواب: هائو… ساڻس منهنجي ٻي ملاقات 1972ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن هوءَ 15 ڏينهن لاءِ موڪل وٺي پاڪستان آئي هئي ۽ ست ڏهاڙا لاڙڪاڻو ۾ رهي هئي. ان دوران اسان ملازمن کي گهر ۾ ڪم ڪار ۽ مهمانن سان پيش اچڻ متعلق ادب آداب سمجهائيندي هئي.

بينظير ڀٽو بلوچي لباس ۾، پنھنجي ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ

سوال: هوءَ گهر جي ڪهڙي ڳالھ تي گهڻي توجهہ ڏيندي هئي؟
جواب: صفائي سٿرائيءَ تي.

سوال: محترمہ گهر ۾ گهڻو وقت ڪيئن گذاريندي هئي؟
جواب: وڏي صاحب وانگر بيبي بہ گهڻو وقت پڙهندي لکندي يا وري پوءِ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي هئي.

سوال: ٻڌو آهي تہ فضول خرچ ڪندي هئي؟
جواب: اهو ڪوڙ آهي تہ بيبي فضول خرچ هئي.. البتہ سخي ۽ ڪشادي دل جي هوندي هئي. مشڪل سان سال ٻن ۾ پنهنجي لاءِ ڪو ڪپڙن جو جوڙو يا سينڊل وٺندي هئي ۽ پراڻن ڪپڙن جي جان به تڏهن ڇڏيندي هئي، جڏهن پائڻ چوڙڻ جي لائق نہ رهندا هيا.

بينظير ڀٽو، المرتضٰی هائوس لاڙڪاڻو، 1986ع

سوال: ڀٽو خاندان ۾ توهان کي ڪنهن سان وڌيڪ انسيت هوندي هئي؟
جواب: سائين حقيقت اها آهي تہ جيئن ماءُ کي سڀ ٻار هڪ جھڙا عزيز هوندا آهن، ايئن ئي منهنجي لاءِ هن گهر ۾ سڀ هڪ جھڙا هوندا هيا، پر وڏي صاحب مون کي گهڻو متاثر ڪيو. شايد ان لاءِ تہ هن مون جھڙي لاوارث ٻار کي پنهنجي گهر ۾ جاءِ ڏني، روزگار ڏنو ۽ عزت سان جيئڻ جو رستو ڏيکاريو.. نہ تہ مان ته رولو ٻار هوندو هيم. باقي سڀني ان عزت کي برقرار رکيو، جيڪا مون کي ڀٽو صاحب ڏيندو هئي.

سوال؛ بيبي صاحبہ کي ڪهڙين شين جو شوق هوندو هيو؟
جواب: هوءَ پراڻيون پوسٽ جون ٽڪليون ۽ سڪا گڏ ڪرڻ جي گهڻي شوقين هوندي هئي.

سوال: بي بي صاحبہ جي حوالي سان ڪو يادگار واقعو ياد هجي تہ ٻڌايو؟
جواب: يار اهڙن يادگار واقعن سان تہ زندگي ڀري پئي آهي. هر ڏينهن هر لمحو يادگار هوندو هيو. هڪ ڀيري جي ڳالھ آهي، تہ رات جي ساڍي ڏهين وڳي المرتضيٰ هائوس ۾ پارٽيءَ جي ميٽنگ هلي رهي هئي. جنهن ۾ فاروق لغاري، جھانگير بدر ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻهو بي بيءَ سان وڏي هال ۾ ويٺا هيا. بي بيءَ مون کي حڪم ڪيو ”مهمانن لاءِ آئيس ڪريم گهراءِ..“ مان ٿرماس کڻي ڪمري مان نڪتم ته سامهون صفدر عباسيءَ کي ايندي ڏسي، کيس بي بيءَ جو حڪم ٻڌايم. هو ٿرماس کڻي آئس ڪريم وٺڻ هليو ويو ۽ مان اندر ڪمري ۾.. ڪجهہ دير کان پوءِ هڪ ملازم اهو ٿرماس آڻي اندر رکيو. مون سمجهيو تہ عباسي صاحب آئس ڪريم وٺي آيو هوندو.. ان لاءِ چمچا ۽ پليٽون سڀني مهمانن ۽ محترمہ جي اڳيان رکي ٿرماس کوليم تہ اندران خالي هيو. ميٽنگ بہ ختم ٿي چڪي هئي ۽ سڀ ان انتظار ۾ هيا تہ آئس ڪريم کائي روانا ٿيون. سڀ مون ڏي ڏسي رهيا هيا، ڪجهہ مهمانن تہ چمچا بہ هٿ ۾ کڻي ڇڏيا هيا.. مان ٿرماس جو ڍَڪ کولي وري پيو بند ڪيان ۽ سوچيان پيو تہ ڇا ڪيان.. بي بي مون ڏي ڏسي اندازو لڳائي وئي هئي تہ”ڪا گڙ ٻڙ آهي“ پر خاموش رهي. مان کسڪي اچي صفدر عباسي کي ڳوليو، جيڪو ڪنٽرول روم ۾ ويٺو هيو. هن ٻڌايو تہ آئس ڪريم جا دڪان بند ٿي ويا هيا. مون ڪنٽرولر نواب عليءَ کي سموري ماجرا ٻڌائي، جنهن چيو ”ڪندين پنهنجي بہ نوڪري تيل، تہ منهنجي بہ!“
مان هارايل جواريءَ وانگر وري هال ۾ داخل ٿيم، تہ بي بي صاحبہ پڇيو ”فليش ڇا ڳالھ آهي؟“
مان ڏڪندي جواب ڏنو ته بي بي ملائي ڪونہ ملي، ڇو تہ دير سبب دڪان بند ٿي ويا هيا.. اهو ٻڌي سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا. بي بي بہ مرڪندي چيو ”چڳو منهنجي ڪمري مان وڃي ڪيڪ کڻي آ ۽ اسان کي کاراءِ“
هڪ ٻئي واري جي ڳالھ آهي، تہ مان بي بي صاحبہ سان جھاز رستي نواب شاھ وڃي رهيو هيس، تہ محترمہ چيو ”فليش بيسيرول ته ڏي..“ ان وقت جھاز جي ايئرڪنڊيشن سبب مون کي سخت سردي ٿي رهي هئي. دل پئي چوي تہ جيڪر هنڌ يا ڪمبل هجي ها. ان وقت بيبي جو بيسيرول گهرڻ کي مان سمجهيم ته بي بي کي به ٿڌ ورايو آهي، جو بسترو ٿي گُهري. ان لاءِ چيو مانس ”بيبي مان تہ بسترو آندو ئي ڪونهي ۽ نہ ئي توهان چيو هيو“ ان تي بيبي پنهنجي مٿي تي هٿ هڻي چيو ”دوائن جي ٿيلهي ڏي“ مان کيس ٿيلهي ڏني، جنهن مان هڪ ٽڪي ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيائين، ”مان هي گهري هئي.. هن جو نالو بيسيرول آهي.. بسترو يا وهاڻو ڪونہ گهريو هيو.“

سوال: بينظير صاحبہ گهريلو ڪم ڪار متعلق ڪھڙو رويو رکندي هئي؟
جواب: سنڌ جي ڪنهن بہ گهر ۾ جيڪو ڪم ڪار ڪابہ عورت ڪري سگهي ٿي، سو ڪار وهنوار بيبي صاحبہ پڻ ڪندي هئي. هوءَ گهر جي معاملن ۾ تمام گهڻي سگهڙ هوندي هئي. صفائي سٿرائي کان وٺي تزئين آرائش تي ڌيان ڏيندي هئي. رڌڻي ۾ ڇا آهي، ڇا نہ آهي، ڇا پچي ٿو ۽ ڪيئن پچندو؟ گهر وارن لاءِ ۽ مهمانن لاءِ ڇا پچندو. سندس هر ڳالھ تي نظر هوندي هئي.

سوال: گهر جي ملازمن سان بي بي صاحبہ ڪهڙي ريت پيش ايندي هئي؟
جواب: ادا اسان سڀني ملازمن لاءِ بيبي صاحبہ تمام گهڻي سٻاجهي هوندي هئي. ان جو سبب شايد اهو بہ هو ته هوءَ گهر جي اڌ پراڻن ملازمن جي هٿن ۾ پلي وڏي ٿي ۽ باقي اڌ ملازمن سان گڏ رهي. هوءَ سڀني جا ڏک سک ونڊيندي هئي، علاج ڪرائيندي هئي، کين شادي برادي ۽ گهر گهاٽ ٺهرائڻ لاءِ پيسا بہ ڏيندي هئي. گهڻو تڻو اوڌر ڏيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کان بہ اوڌر وٺندي هئي، جنهن جي واپسي وقت ٻيڻ ڪري ڏيندي هئي. کيس جيڪي تحفا تحائف ملندا هيا، سي بہ ملازمن کي ورهائي ڏيندي هئي. البت ماکي ۽ شڪارپور جي کٽاڻ پاڻ وٽ رکندي هئي.

سوال: بيبيءَ جو رويو گهر ۾ سخت هوندو هو يا نرم؟
جواب: هوءَ تمام گهڻي سادي هوندي هئي. گهر ۾ هن جو ڪردار هڪ سٻاجهي ماءُ يا ڀيڻ وانگر هوندو هيو، جنهن جي نرميءَ مان سڀ ملازم انگل ڪري فائدو وٺندا هئاسين. هوءَ عام عورتن کان بہ سادا ڪپڙا پھريندي هئي. مان ڪڏهن بہ هن کي پنجن ڇهن جوڙن کان وڌيڪ ڪپڙا ڪونہ ڏٺا، البتہ چادريون جام هونديون هيس. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ پنهنجا ڪپڙا پاڻ آگهاري اس تي ٽنگيندي هئي. مون کوڙ دفعا اهو بہ ڏٺو، تہ ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ وقت پنهنجو اڌ استعمال ٿيل صابڻ بہ کڻي ٿيلهي ۾ رکرائيندي هئي، تہ جيئي ٻيو صابڻ نہ وٺڻو پوي، يا وري اهو خراب نہ ٿي وڃي.

سوال: کيس گهر جو ڪهڙو کاڌو گهڻو وڻندو هيو؟
جواب: کيس سبزيون گهڻيون وڻنديون هيون . ماکيءَ واري چانهن بہ فرمائش تي ٺهرائيندي هئي. گهڻا طعام نہ ٺهرائيندي هئي، ماني بہ تمام ٿوري کائيندي هئي.

سوال: شهادت کان پوءِ سندس ميت توهان ڏٺي؟
جواب: مان ئي تہ بي بيءَ جي ميت وارو تابوت کوليو هيو.

سوال: سندس چھري تي زخم وغيره جو ڪو نشان هيو؟
جواب: اڳيان تہ بيبي ايئن لڳي پئي هئي ڄڻ تہ سڪون جي ننڊ ۾ ستل هجي.. البتہ مٿي جي پٺيان زخم جو نشان هين، جنهن مان رسندڙ هلڪي پس ۽ خون لاءِ ڪپهہ پڻ رکيل هين.

سوال: اوهان سان سندس آخري ملاقات ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي هئي؟
جواب: آخري ملاقات نئون ديرو هائوس ۾ ٿي، جتان کيس پشاور ۽ پوءِ اتان راولپنڊي جلسي ۾ وڃڻو هيو، جتي سندن شهادت ٿي.

سوال: توهان سان سندس ڳالھايل آخري لفظ ڪھڙا هيا؟
جواب. ”فليش، منھنجي گهر جو خيال رکجانءِ.“

بينظير ڀٽو پنھنجي ٻارن بلاول، آصفہ ۽ بختاور سان گڏ

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close